افطاري ڪري اُتي جو اُتي چانهه پيئندڙ خبردار!

رمضان مهيني ۾ افطاري کانپوءِ چانهه پيئڻ اڪثر ماڻهن لاءِ تمام ضروري هوندو آهي پر ڪجهه صورتن ۾ اها عادت نقصان به ڏئي سگهي ٿي.
افطاري ۾ ميون سان گڏ تَريل کاڌا به لازمي تصور ڪيا ويندا آهن، جن ۾ پڪوڙا، سموسا وغيرا شامل هوندا آهن پر انهن تريل کاڌن مٿان چانهه پيئڻ نقصانڪار آهي.
صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته تريل کاڌن سان گڏ چانهه پيئڻ سان هاضمي جو نظام متاثر ٿي سگهي ٿو، ڇو ته تيل سان ٺاهيل شيون هونئن ئي صحت تي ناڪاري اثر وجهنديون آهن، جڏهن ته ان جي مٿان چانهه جو استعمال هاضمي جي نظام کي متاثر ڪري سگهي ٿو.
ماهرن موجب اڳ ۾ ته افطاري ۾ تريل شيون کائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي پر جيڪڏهن توهان تريل شيون کائو ٿا ته پوءِ اتي جو اتي چانهه نه پيئو.
ماهرن وڌيڪ ٻڌايو ته ادرڪ، دارچيني ۽ ڦوٽي واري چانهه پي ان مسئلي کان بچي سگهجي ٿو، ان سان نه رڳو نقصان کان بچاءُ ٿيندو پر صحت کي فائدو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.