مادري ٻولين سان ڀلا ڪهڙو تڪرار!؟

                 هر سال وانگر اڄ 21 فيبروري جي تاريخ کي مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ڪري  ملهائجي رهيو آهي.  ان ڏينهن کي ملهائڻ جو پس منظر بيحد دلچسپ آهي. هي ڏينهن اصل ۾ بنگالين جي بنگالي ٻولي واري تحريڪ جي مڃتا  جي پس منظر ۾ ملهايو ويندو آهي. گڏيل قومن جي اداري 21 فيبروري 1952ع تي ڍاڪا يونيورسٽي  ۾ بنگالي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ واري تحريڪ ۾ مارجي ويل بنگالي شاگردن جي قربانين کي مانُ ڏيندي 21 فيبروري کي سال 1999 کان مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن طور ملهائڻ شروع ڪيو هو.

                 باوجود ان جي ته گڏيل قومن عالمي سطح تي مادري ٻولين کي عالمي ڏينهن قرار ڏنو آهي پر پاڪستان ان اداري جو ميمبر ملڪ هئڻ باوجود  پنهنجي مادري ٻولين کي هاڻي به قومي ٻولي جو درجو نه ٿو ڏي. اها به تاريخي ۽ تلخ حقيقت آهي ته ملڪي اسٽيبلشمينٽ بنگالين جي مادري ٻولي کي قومي ٻولي تسليم ڪري ها ته هي ملڪ ٻه اڌ ٿيڻ کان به بچي وڃي ها پر افسوس ته اسان جي اسٽيبلشمينٽ انهن خوف ناڪ واقعن مان هاڻي به پرائڻ لاءِ تيار ناهي ۽ هاڻي به غلطين مٿان غلطيون ڪري رهي آهي.

پاڪستان هڪ گهڻ قومي ملڪ آهي، مختلف ٻولين جو رنگ برنگي گلدستو آهي پر اقتداري طاقتن، ٻولين جي ان گلدستي کي باغ بڻائڻ بدران هر دور ۾ ان کي اجاڙڻ جا جتن پئي ڪيا آهن. جڏهن ته باقي دنيا  پنهنجين مادرين ٻولين کي مانُ به ڏئي رهيون آهن ته انهن کي ترقي به ڏياري رهيون آهن.

جيستائين سنڌي ٻوليءَ جو تعلق آهي ته ورهاڱي کان پوءِ  ان کي  قومي ٻولي جو درجو جيڪڏهن ڏنو به ويو ته اهو هندستان ۾ 1967 ۾ ڏنو ويو پر جنهن سنڌ پاڪستان ٺاهڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو تنهن جي ٻوليءَ کي سنڌ ۾ قومي ٻولي جو درجو نٿو ڏنو وڃي. ڇاڪاڻ ته هتي ننڍن صوبن جي مالڪي ۽ طاقت کي وفاق کي ڪمزور ڪرڻ جي مترادف سمجيو ويندو آهي جنهن کي اسان هميشه هڪ گمراهه ڪن پروپئگنڊا سمجهندا رهيا آهيون. پنهنجو خيال وري اهو هوندو آهي ته ننڍن صوبن کي مضبوط ڪرڻ سان ئي وفاق مضوط ٿيندو آهي. ايئن به ناهي ته مادري ٻولين جي همت افزائي ڪرڻ سان ڪو  اردو ۽ انگريزي ٻولين جي وجود کي خطرو ٿيندو. ڀلا جيڪڏهن ڀارت ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو ته ان سان هندي ٻولي کي ڪهڙو خطرو ٿيو. ڀارت ۾ ته هر مادري ٻولي کي اهميت مليل آهي.

هن خطي جي اها به هڪ عجيب ۽ تڪليف جوڳي روايت رهي آهي ته هتي هر دور ۾ حملي آورن ۽ ڌارين حڪمرانن جي ٻولين کي سرڪاري ٻولي بڻائڻ جو رواج رهيو آهي. جڏهن هتي فارسي ٻولي کي سرڪاري ٻولي بڻايو ويو هو ته شاهه  ڀٽائيءَ  ان کي رد ڪندي سنڌي ماڻهن کي چتاءُ ڏنو ته ”جي تون سکين فارسي گولو توءِ غلام“ يعني ڌاري ٻولي قبولڻ غلامي قبولڻ آهي. تنهن ڪري ڀٽائي صاحب پنهنجي شاعري فارسي ۾ ڪرڻ بدران نج سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪري  ان ٻوليءَ کي زنده رکڻ جو مزاحمتي ڪردار ادا ڪيو. ملڪن کي کي هڪٻئي سان يقينن لاڳاپا بهتر  ڪرڻ گهرجن هڪٻئي جون ٻوليون سکڻ ۾ ڪو عيب ناهي پر پنهنجن مادري ٻولين کي دشمن سمجهڻ ۽ ڌارين ٻولين کي سرڪاري ٻولي  بڻائڻ وارو عمل غلامي قبولڻ آهي.

هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا پاڪستان مختلف قومن ۽  ٻولين وارو ملڪ ناهي، ڇا پاڪستان ۾ مختلف قومون ۽ انهن قومن جون ٻوليون نه ٿيون ڳالهايون وڃن؟ پر جيڪڏهن  اهي قومون ۽ ٻوليون رياست اندر موجود به آهن ۽ ڳالهايون به وڃن ٿيون ۽ ان سان ملڪ کي  ڪو نقصان به نٿو رسي ته پوءِ انهن کي مادري ٻولين جو درجو ڏيڻ سان ڪهڙو آسمان ڪري پوندو. ڇا هندستان پنهنجين قومن ۽ انهن جي  ٻولين کي تسليم ڪندي قومي ٻولين جو درجو ڏئي ملڪ دشمني ڪئي آهي يا ايئن ڪرڻ سان ان جي ملڪي نظام کي ڪو ڇيهو رسيو آهي نه بلڪل به نه. اسان جو ته هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته جيئن ٻين شيئن جا حق ٿيندا آهن تيئن ٻولين جا به بنيادي حق ٿيندا آهن. ٻولين کي پنهنجا حق ڏبا ته اهي نه رڳو زنده رهنديون پر ترقي به ڪنديون ۽ پوءِ ڪڏهن به ختم نه ٿي سگهنديون پر هتي الميو اهو آهي ته قومن ۽ ٻولين کان غير ضروري طور تي خوف کاڌو پيو وڃي.

سوچڻ  تي اچجي ته اهو ڏسي ڪيڏي نه حيرت ٿئي ٿي ته هتي ”ماءُ جي ڏنل لوليءَ واري زبان سان به تڪرار ڪيو وڃي ٿو. اصولي طور تي مادري ٻولين سان سڀني کي ملهائڻ  گهرجي پر ملڪي قومي اسيمبليءَ ۾ ڪنهن به ۽ جڏهن به مادري ٻولين  کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ وارو بل اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ آندو ويو آهي ته ان کي اتي ئي دٻائي رکيو ويو آهي.  جن مادري  ٻولين کي قومي ٻولي بڻائڻ واري بل کي روڪي رکيو آهي يقينن انهن جي به مادري ٻولي هوندي پر سمجهه ۾ نٿو اچي ته انهن کي ماءُ جي ٻوليءَ سان جذباتي محبت ڇو ناهي يا انهن کي مادري ٻوليءَ مان ڇو خطرو آهي يا ڪهڙي قسم جو تعصب آهي؟

ان مسئلي جو بنياد اصل ۾ 1940 واري ٺهراءُ کان منهن ڦير آهي جيڪڏهن 1940 جي ٺهراءُ جي روح تحت هي ملڪ هلايو وڃي ها ته نه ننڍن صوبن کان خوف ٿئي ها، نه قومن کان خوف ٿئي ها ۽ نه مادري ٻولين کان خوف ٿئي ها ڇاڪاڻ ته 1940 جي ٺهراءُ ۾ صوبن کي ”قومي خود مختياري“ ڏنل هئي جنهن کي بعد ۾ ”صوبائي خودمختياري“لکيو ويو ٻيو ته  ورهاڱي کان پوءِ هن رياست کي ويلفيئر اسٽيٽ بڻائڻ بدران سيڪيورٽي اسٽيٽ بڻايو ويو. بهر حال پاڻ وٽ هاڻي به ملڪي نظام جي بهتري جو حل 1940 واري ٺهراءُ ۾ موجود آهي، ان  جي روح تي عمل ڪيو وڃي ته ملڪ جو هر قسم جو آئيني، قانوني، جمهوري ۽ نظرياتي بحران ختم ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.