خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)خيرپور جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان هڪ مهينو اڳ گم ٿيل نوجوان جو ٽڪرا ٽڪرا ٿيل لاش هٿ، شڪ جي بنياد تي هڪ ڄڻو گرفتار، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيرپور جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ بگو ميتلو ڀرسان هڪ مهينو اڳ گم ٿيل نوجوان جو ٽڪرا ٽڪرا ٿيل لاش هٿ اچڻ بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آهي پوليس لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو، سجاد ميتلو پٽ سومر ميتلو هڪ مهينو اڳ پراسرار طور گم ٿي ويو هو. وارثن پاران گهڻي ڳولا باوجود سندس ڪو به پتو نه پئجي سگهيو. گذريل ڏينهن ڳوٺ ڀرسان سم نالي وٽان نامعلوم ماڻهن پاران ٽڪرا ٽڪرا ٿيل لاش ڏسڻ ۾ آيو، جنهن جي اطلاع تي سي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پهچي لاش کي ڳنڊ ۾ ٻڌي تحويل ۾ ورتو ۽ ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو مقتول جي امڙ مسمات سڪينه ميتلو ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام لڳايو ته سندن پاڙي ۾ رهندڙ روضي خان پٺاڻ ۽ ٻين جوابدارن اڳ ۾ به سندس پٽ کي مارڪٽ ڪئي هئي ۽ ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون هيون، هن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندس پٽ جي بي رحماڻي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي ٻئي پاسي پوليس شڪ جي بنياد تي روضي خان پٺاڻ کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي، پوليس موجب واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد وڌيڪ حقيقتون سامهون اينديون علائقي واسين واقعي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته نوجوان جي قتل جو ڪيس شفاف نموني جاچ ڪري جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.