ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ : اويس حيدر شورو ) ڪراچي جي سولجر بازار ۾ گئس سيلنڊر جي ڌماڪي ۾ فوت ٿيل مويا واسي ٽن نياڻين جا مڙھ قبرستان ۾ کڄڻ تي هر اک مان لڙڪ لڙهي آيا، ٽنڊو غلام حيدر جي مويا ويجهو ڳوٺ احمد خان لغاري جي رهواسي ٽن نياڻين اقسار لغاري، انيشا لغاري ۽ افشان لغاري جي ڪراچي جي سولجر بازار ۾ گئس سيلنڊر جي ڌماڪي سبب فوت ٿيڻ کانپوءِ سندن مڙهن کي تدفين لاءِ لاش کڻڻ تي جنازي ۾ شامل ڳوٺاڻن جي اکين مان لڙڪ لاڙهي ڇڏيا ، جنازن کي سندن ابائي قبرستان ۾ آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته سندن وارثن ڄاڻايو ته اسان جي پوري خاندان لاءِ ڪراچي جي سولجر بازار ۾ پيش آيل واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو آهي جنهن اسان جي ٽن نياڻين جي حياتي کسي ورتي آهي ، پورو خاندان سوڳوار بڻيل آهي جڏهن ته فوت ٿي ويل نياڻين جي وارثن سان تعزيت لاءِ سندن ڳوٺ ۾ تڏو وڇايو ويو آهي جتي مختلف سياسي سماجي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن توڙي ڳوٺاڻن وڏي تعداد ۾ اچي متاثر خاندان سان سندن نياڻين جي وفات تي عذرخواهيون ڪيون آهن ، جيڪو سلسلو جاري آهي.
-
32 گز تي بغير نقشي ٽي ماڙ عمارت ٺاهي وئي: گرفتار مالڪ
ڪراچي (رپورٽر) سولجر بازار ۾ ڊهي ويل عمارت جي گرفتار مالڪ اهم انڪشاف ڪيا آهن، 32 گز تي بغير نقشي جي ٽي ماڙ عمارت ٺاهي وئي، ڪراچي جي علائقي سولجر بازار نمبر هڪ ۾ 32 گز جي پلاٽتي تعمير ڪيل ٽي ماڙ عمارت ڊهي پوڻ واري واقعي کان پوءِ گرفتار مالڪ محمد ارشاد ميڊيا سان ڳالهائيندي اهم انڪشاف ڪيا آهن، جوابدار محمد ارشاد چيو ته عمارت ارڙنهن سال اڳ بغير ڪنهن منظور ٿيل نقشي جي تعمير ڪرائي وئي هئي، هن ٻڌايو ته هن ٺيڪيدار کي رقم ڏني ۽ هو عمارت ٺاهيندو رهيو، عمارت مڪمل تيار ٿي وئي پر ڪنهن به ايس بي سي اي وارن پڇا ڳاڇا نه ڪئي، محمد ارشاد وڌيڪ چيو ته هو اڳ زيورن جو ڪاروبار ڪندو هو ۽ لغڙ وڪڻندو هو، جڏهن ته هاڻ رڪشا هلائي گذر سفر ڪري رهيو آهي، گرفتار مالڪ جو چوڻ هو ته عمارت ۾ رهندڙ سمورا ماڻهو ڪرائي تي هئا، مون صرف ٻن ماڻهن کي ڪرائي تي ڏنو، باقي اٺ ماڻهو پاڻ اچي رهڻ لڳا، ڪو 8 هزار ته ڪو 10 هزار رپيا ماهوار ڪرائي ڏيندو هو. عمارت جي تعمير ۾ سندس ڪو ڏوهه ناهي ۽ ذميواري عمارت ۾ رهندڙ ماڻهن تي عائد ٿئي ٿي.
-
سولجر بازار ۾ عمارت ڪِرڻ جو ڪيس داخل، پلاٽ مالڪ گرفتار
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي سولجر بازار راڻا لياقت ڪالوني ۾ گئس ليڪيج سبب ڌماڪي سبب رهائشي عمارت ڪِرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس موجب، سب انسپيڪٽر خالد محمود جي شڪايت تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ پلاٽ جي مالڪ ارشاد کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن 40 گز جي پلاٽ تي گرائونڊ پلس ٿري عمارت ٺاهي هئي. ايف آءِ آر جي متن موجب، عمارت ۾ ٽي آر گرڊر استعمال ڪيا ويا هئا. پهرين منزل تي، رهائشي زيب النساء سحري دوران چلهو ٻاريو، ۽ ڪمرو گئس سان ڀريل هو، جنهن جي ڪري گئس جي خراب لائن مان ليڪيج ٿي. باهه تڏهن لڳي جڏهن ماچس ٻاريو ويو، جنهن سبب ڌماڪو ٿيو ۽ ٽي ماڙ عمارت جا ڪمرا ڪري پيا. هن حادثي ۾ 16 ماڻهو فوت ۽ 14 زخمي ٿيا. ڪيس موجب، جوابدار ارشاد 2007-08 ۾ غير قانوني طور تي ٽائلس ۽ ٽي آر گرڊرز استعمال ڪندي ٽي مآڙ عمارت تعمير ڪئي هئي ۽ عمارت ۾ گئس ڪنيڪشن پڻ غير معياري مواد سان لڳايا ويا هئا، پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.