مادري ٻولين جي ترقيءَ جو سوال

تحرير: حميد منگي

مادري ٻولي يعني امڙ جي سيکاريل يا ٻوليءَ جا هونئن ته، ٻيا به ڪيترائي فائدا آهن، پر وڏو فائدو اهو آهي ته، ان ٻوليءَ جي سبقن، خيالن ۽ ويچارن جا ماڻهن جي ذهنن تي سنوان سڌا اثر پوندا آهن، ماڻهو مادري ٻوليءَ ۾ ڪنهن به سوال، خيال ۽ ويچار ٻڌڻ شرط ئي، ترت جواب ڏيڻ جي لائق به ٿي پوندو آهي، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ ڌاري ٻوليءَ جي ٻڌل ٻولن کان پوءِ وڏي ۾ وڏو ماڻهو به، اڳ ۾ لفظن جي تور تڪ ڪندو يا ڪاٿو لڳائيندو آهي، پوءِ ئي جواب ۾ لفظ ۽ جملا جوڙي، پنهنجو من پسند اظهار ڪندو آهي۔ اهڙي ذهني ڪشمڪش ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايتري ته دير ٿي ويندي اٿس جو، حالتون ئي مٽجي وينديون آهن ۽ ڪنهن وڏي ڏاهي جو جواب به پنهنجا اثر وڃائي ويهندو آهي، نتيجي ۾ جيڪو ڪم مناسب موقعي تي ٿيڻ گهرجي، اهو ٿيڻ کان رهجي ويندو آهي۔

مادري ۽ ڌاري ٻوليءَ جي سوالن يا ويچارن جي جوابن جي ڳولا ۾ جتي دير جا منفي اثر پوندا آهن، اتي لفظن ۽ جملن جي جوڙجڪ ۽ چونڊ نه ٿيڻ ڪري درست اثرن جي به کوٽ نظر ايندي آهي۔ جڏهن ته مادري ٻولي ان جي ڀيٽ ۾ اڪثر موقعن تي وڌيڪ اثرائتي ثابت ٿيندي ڏٺي وئي آهي، درست ۽ ترت جواب انساني زندگين ۾ نيون تبديليون آڻڻ سان گڏ، ماڻهن جي عملي ترقيءَ ۾ به مددگار ثابت ٿيندا آهن۔ پنهنجي ملڪي تعليمي نظام کي پاسيرو رکندي، جيڪڏهن ترقي يافته ملڪن جي تعليمي نظامن جا وچور ڪڍنداسين ته، پاڻ کي اها ڄاڻ ملندي، جتي به مادري ٻولين ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي، اتي هر شعبو ترقيءَ تي پهتل نظر ايندو آهي۔ ان جي ڀيٽ ۾ جتي ٻار کي تعليم ڌاري يا گاڏڙ ساڏڙ ٻولين ۾ ڏني وڃي ٿي، ان ملڪ ۾ ترقيءَ جي رفتار ڳڻتيءَ جوڳي حد تائين گهٽجي ويندي آهي۔

جن ملڪن ۾ مادري ٻوليءَ کي جائز اهميت مليل هوندي آهي، اتان جو علم، ادب، تاريخ، تمدن ۽ ثقافت به اوج ماڻيندا آهن، پر جتي مادري ٻوليءَ سان گڏ ٻيون ٻوليون به رائج هونديون آهن يا ٻن، ٽن ۽ چئن گاڏڙ ساڏڙ ٻولين سان تعليم لاڳو ٿيل هوندي آهي، اهي معاشرا اڳتي وڌندڙ ملڪن کان تيسيتائين پوئتي ئي هوندا آهن، جيسيتائين اهي پنهنجن پاليسين ۾ تبديليون ناهن ڪندا۔ ان مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته، جن ملڪن ۾ ترقيءَ جي کوٽ آهي، غربت وڌيل يا بک، بدحالي ۽ بيروزگاري عام جام آهي، اتي اهم سبب مادري ٻوليءَ کي گهٽ اهميت ڏيڻ ئي آهي۔ انهيءَ سڄي بحث مان اهو به ثابت ٿئي ٿو، مادري ٻوليءَ جا اثر لامحدود آهن۔ مادري ٻوليءَ جي عام ٿيڻ سان ملڪ ۽ قومون واڌ ويجهه وارن عملن مان گذرنديون ۽ ترقيون ڪنديون آهن۔

هتي هڪ ٻي حقيقت جو اظهار ڪرڻ به ضروري آهي، جيئن ته هاڻوڪي دئور ۾ هر انسان کي مادري ٻوليءَ سان گڏ، دنيا جي ٻين ٻولين سان به واسطو پوندو رهي ٿو، انڪري تعليمي عملدارن، والدين ۽ استادن کي گهرجي ته ڪو اهڙو طريقيڪار اپنائن جو ٻارن مٿان هڪ وقت تي هڪ کان وڌيڪ ٻولين جو بار به نه پئي ۽ ٻار يا نوجوان وڏو ٿي پنهنجي ضرورت واريون ٻوليون سکڻ چاهي ته، سکي انهن مان فائدو به حاصل ڪري۔ هونئن به موجوده دئور ۾ مادري ٻولي سان گڏ ڪجهه ٻين ٻولين جي سکيا به وقت جي اهم ضرورت ٿي پئي آهي، پر ان جي سکڻ ۽ سيکارڻ لاءِ جنهن وقفي جي ضرورت آهي، اتفاق سان اهو وقفو کين ميسر ناهي۔ باقي جيڪو نوجوان انهيءَ ضروري عمل کان ڪيٻائي ٿو، اهو هڪ ته ڄڻ پنهنجي اڳتي وڌڻ جا دروازا پاڻ بند ڪري ٿو، ٻيو ته وڌيڪ ڄاڻ ۽ علم کان به پاڻ کي پري رکي ٿو۔

نئين اڀرندڙ نظام ۾ اها لچڪ پيدا ٿيل آهي، جو دنيا جي ٻين ٻولين سميت پنهنجي سنڌي ٻولي به ڪمپيوٽرائزڊ ٿي چڪي آهي۔ جيڪڏهن ٽيڪنالاجيءَ واري نظام جي جوڙجڪ ڪندڙ ادارا يا ماڻهو چاهين ها ته، شايد سنڌي ٻوليءَ سميت ٻيون کوڙ ساريون ٻوليون ان نظام ۾ داخل ئي نه ٿي سگهن ها، پاڻ کي ٽيڪنالاجيءَ جي انهن ماهرن جي ڪوششن کي هرگز نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي ٽيڪنالاجين کي جديد ڪندي، انهن ۾ ٻين ٻولين جي ترقيءَ جي به گنجائش رکن ٿا۔

جيتوڻيڪ، هاڻوڪي دئور ۾ داخل ٿيڻ تائين انسان لڳاتار ڪوششن ذريعي پنهنجي لاءِ "اشرف المخلوقات” جهڙو وڏو لقب ته ماڻي چڪو آهي، اتي اسان کي اهو اظهار ڪرڻ ۾ به شرم محسوس نه ڪرڻ گهرجي ته، ساڳيو ئي انسان هيڏين سارين جاکوڙن باوجود پاڻ مٿان "سوشل اينيمل” وارو لڳل ٺپو مٽائي ناهي سگهيو۔ جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انسان، اڃا انسانيت واري شروعاتي لڪير تائين به پهچي ناهي سگهيو۔ اصل ۾ ڪنهن به انسان جا سمورا عمل ان جي عقل، علم، سرجندڙ ادب، سوچن، فڪرن ۽ فلسفن سان سلهاڙيل هوندا آهن، جڏهن ته اهي سڀ شيون يعني عقل، علم، ادب، فڪر ۽ فلسفا وري ان جي مادري ٻوليءَ سان گڏ ٻين ٻولين جا به محتاج آهن۔ بهرحال هر دئور جتي انساني ڪارنامن سان ڀريل رهيو آهي، انهن دئورن ۾ انسانن منجهه ڪي نه ڪي ڪس پڪايون به ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون۔ پاڻ کي انهيءَ حقيقت کي مڃڻ گهرجي ته، انسان کي مڪمل انسان ٿيڻ لاءِ اڃا ڪي امتحان ڏيڻا آهن، جن مان هو گذري پوءِ ئي پنهنجو قبلو توڙي ڪردار درست ادا ڪري سگهندو۔

هاڻي پاڻ اچون ٿا سنڌي ٻوليءَ جي علم ۽ ادب طرف۔ سنڌيءَ ۾ هن وقت تائين ڇپجندڙ علم ۽ ادب جو ڇيد ڪڍون ته، پنهنجو ادب تنزليءَ جو شڪار ڏٺو ويو آهي۔ سالن کان اهي ئي عشق، پيار ۽ محبت جا قصا ۽ ڪهاڻيون يا حقن جي حاصلات جي نالي ۾ جنگين جي نغارن وڄائڻ جهڙيون شاعريون ۽ گيت۔ مضمون وري اهڙا جو بنا تيل هارڻ ۽ تيلي اڇلائڻ جي ماحول ۾ باهه لڳيو وڃي، جڏهن ته اڪثر آتم ڪٿائون سڌي يا اڻسڌيءَ طرح پاڻ کي پروموٽ ۽ ٻي کي ڪجهه به نه سمجهڻ جون ڪوششون لڳنديون رهيون آهن ۽ مجال آهي جو، ليکڪ آتم ڪٿائن ۾ پنهنجي غلط ڪمن ۽ وڏين وڏين غلطين جو اپٽار ڪري۔ مونکي ته ايئن لڳندو آهي، ڄڻ ڄاڻي ٻجهي اسان جي لکارين کان اهڙو علم ۽ ادب لکرايو پيو وڃي، جنهن جي ايندڙ دئور ۾ ڪا اهميت نه هوندي۔ مطلب ته سالن پڄاڻان، اسان جو اڪثيريتي علم ۽ ادب انهن پراڻن موضوعن مان جند آجي ڪرائي ٻاهر نڪري ناهي سگهيو۔ نتيجي ۾ پڙهندڙ گهٽجن ٿا، جڏهن پڙهندڙ گهٽبا ته ٻولي ڪٿان واڌ ويجهه کائيندي يا بچندي؟

اسان جي اڪثر لکارين کان، پاڻ کي دنيا سان ڳنڍڻ واري موضوع سان گڏ ٻين انساني معاشرتي مسئلن تي الائي ته ڇو، هڪڙو اکر لکڻ به نه پڳو آهي۔ وڏي عرصي کان نه ته دنيا اندر مستقل امن قائم ڪرڻ خاطر ڪو نظم نظر مان گذريو آهي، نه ئي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل مضمون لکجي سگهيا آهن، ورلي ڪو اهڙو ليک پڙهڻ لاءِ ملي ٿو، جنهن ۾ اهو ڄاڻايل هجي، دنيا هيڏي ساري ترقي ڪيئن ڪري ورتي آهي، ان ترقيءَ جي دائري کي وڌائي غريب ملڪن ۽ قومن توڙي نسلن جي بکن، ڏکن ۽ تڪليفن کي گهٽائڻ سميت ٻين مسئلن کي ڪيئن حل ڪري سگهجي ٿو۔ مان اهو ڪونه ٿو چوان ته اهڙو ادب بلڪل به نٿو سرجي، بلڪل لکيو ويو هوندو، پر هڪ ته ان جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر آهي ۽ ٻيو ته اهڙي ادب جي پٺڀرائي نه ٿي ڪئي وڃي۔

جڏهن اسان سنڌي علم، ادب جي اهڙي حالت ڏسون ٿا ته، ان سوچ جو پيدا ٿيڻ به هڪ لازمي ڳالهه آهي، پاڻ کي آخر اهڙا ڪهڙا اپاءَ وٺڻ گهرجن، جن سان اسان جو دنيا سان ڀائپي ۽ پنهنجائپ وارو رشتو به جڙي ۽ ٻولي به بچي وڃي، انهيءَ موقعي تي منهنجي ننڍڙي سوچ اهو سمجهائي ٿي، جنهن ڏينهن اسان جو علم ۽ ادب نواڻ جا نوان پنا پڙهائڻ ۽ انسان دوستي سيکارڻ شروع ڪندو، انهيءَ ڏينهن يقيني طور تي اسان جو علم ۽ ادب به نه رڳو ڪوما مان نڪرندو، ان سان گڏ ٻولين جي سمنڊ ۾ غوطا کائيندڙ سنڌي ٻولي به ڪنهن ڪناري سان لڳي، پنهنجو وجود بچائي وٺندي باقي نه ته پنهنجي زبان ۽ ٻولي پنهنجي ئي سنڌ ۾ هڏڪيون کائي رهي آهي، ڪنهن کي تجربو ڪرڻو ۽ اندازو لڳائڻو هجي ته، تعليمي ادارن ۾ ٻارن ۽ نوجوانن کي ملندڙ تعليم، ڇپائي گهرن جي حالت، وڪرو ٿيندڙ ڪتابن جي ڪاٿي لڳائڻ سان گڏ، سنڌ جي وڏن شهرن جون بازارون گهمي ۽ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين نيشنل هائي وي جو چڪر لڳائي دڪانن جا بورڊ پڙهي ڏسن، دڪاندارن سان ڳالهائي ڏسن۔

ٿي سگهي ٿو، منهنجي هيءَ ڳالهه جيڪا مان هاڻي ڪرڻ وڃان پيو، ڪن ڏاهن جي ڏاهپ جي گهرجائو هجي، هيءَ ڳالهه ڌيان سان ٻڌي ۽ ڪو منهنجي رهنمائي ڪري۔ "اصل ۾ لکڻين يا ڳالهين جي يڪسانيت ئي ڪنهن به ٻوليءَ جي موت ڏانهن پهرين وک هوندي آهي” پاڻ جيڪڏهن پنهنجي ٻوليءَ سان واقعي ئي پيار ڪيون ٿا، کيس يقيني طور بچائڻ به چاهيون ٿا ته، پنهنجين لکڻين ۽ ڳالهين ۾ نواڻ آڻڻ سان گڏ، دنيا جي اڪثر شاهڪار ادب کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجما ڪرڻا پوندا ۽ پڻ پنهنجي ٻوليءَ جي سٺن ڪتابن کي ٻين ٻولين جي پوشاڪ پارائڻي پوندي جيئن ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن جو رجحان سنڌي ٻولي سکڻ ڏانهن وڌي جيئن ڀٽائيءَ کان متاثر ٿي اينيمري شمل ۽ ڪجهه ٻيا غيرملڪي سنڌي سکڻ تي مجبور ٿيا ۽ پڻ اسان جي لکارين کي پنهنجي لکڻين ۾ سموري دنيا سان پاڻ کي ڳنڍڻ وارا باب به شامل ڪرڻا پوندا ۽ ڪجهه عرصي لاءِ ”تنقيد“ کي گهٽ ڪندي علمي ۽ ادبي ”تربيت“ جيڪا اصل ۾ ڀٽائيءَ واري واٽ آهي، ان تي هلڻو پوندو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.