ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن چيو آهي ته بابر اعظم وٽ خاص مهارت آهي ۽ هو ڄاڻي ٿو ته ٽيم کي ڇا گهربل آهي، ايشيا ڪپ کانپوءِ کيس مخصوص ڪردار لاءِ واپس آندو آهي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي ۾ نيوزيلينڊ خلاف ميچ کان اڳ ڪولمبو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مائيڪ هيسن چيو ته رانديگر پراعتماد آهن ۽ ٽيم جي تياري مڪمل آهي، اميد آهي ته ڪنڊيشنز جو بهتر انداز ۾ فائدو وٺنداسين.
مائيڪ هيسن چيو ته بابر اعظم ڄاڻي ٿو ته اسان کي هن مان ڇا گهربل آهي، اسان کي بابر مان وچ وارن اوورن ۾ سندس ڪردار جي ضرورت آهي، کيس نميبيا خلاف 11 هين اوور ۾ بيٽنگ لاءِ موڪلڻ جو فائدو ناهي هو.
هن چيو ته بابر کي پاور پلي ۾ اسٽرائيڪ ريٽ سئو کان گهٽ آهي، هي اهو رول ناهي جيڪو اسان کي بابر مان گهرجي، آمريڪا واري ميچ ۾ بابر پنهنجو اسٽرائيڪ ريٽ وڌايو هو، ايشيا ڪپ کانپوءِ بابر کي مخصوص رول لاءِ واپس آندو آهي.
هيڊ ڪوچ چيو ته فخر زمان اسڪواڊ ۾ آهي ۽ جڏهن ضرورت محسوس ٿيندي، هو کيڏندو، اسان جو مقصد بهترين ٽيم ميدان تي لاهن آهي.
هن چيوته سريلنڪا ۾ اسپنرز جو ڪردار اهم رهيو آهي ۽ اسان ڏسنداسين ته ڪهڙو ڪامبينيشن بهتر هوندو.
هيسن سلمان علي آغا جي وائرل وڊيو بابت وضاحت ڪندي چيو ته ڪپتان ان وقت آئوٽ ٿيڻ تي ڏُکارو هو ۽ ان کانسواءِ ڪا ٻي گفتگو ناهي ٿي.
هن عثمان طارق بابت ڳالهائيندي چيو ته وٽس غير معمولي اسڪلز آهن ۽ هو هڪ ئي وقت اٽيڪ ۽ دفاع ڪري سگهي ٿو.
واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون سپر ايٽ مرحلي ۾ سڀاڻي ڪولمبو جي آر پريماداسا اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون ٿينديون.