ٻه ڏينھن اڳ، 14 فيبروري 2026ع تي، نامياري شاعرَ، عالم، سچل شناس شارح ۽ مترجم، ڪالم نويس ۽ ڪھاڻيڪار، مقصود گل جي يارهين ورسيءَ جو ڏهاڙو گذريو. مقصود گل صاحب جي انھن سمورين ادبي سڃاڻپن سان گڏ سندس ادبي خدمتن جو هڪ وڏو پھلُو ٻارن لاءِ تخليق ڪيل سندس ادب به آهي. هن 1975ع کان وٺي 2015ع ۾ پنھنجي وفات تائين پنھنجي چئن ڏھاڪن جي پوري ساهتي سفر دؤران ٻارن لاءِ ساندَهِه لکيو. ان عرصي دؤران سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ ڇپجندڙ هر رسالي توڙي اخبارن جي ٻارن لاءِ شايع ٿيندڙ هر صفحي ۾ سندس نثر توڙي نظم جُون تحريرون لڳاتار نظر اچن ٿيون. سندس تصنيفن ۾ ٻه ڪتابَ ٻارن جي ادب جو شاهڪار آهن. جن ۾ 1986ع ۾ شايع ٿيل ”ڪرڻا ڪرڻا“ ٻارن لاءِ سندس شاعريءَ جو مجموعو آهي، جڏهن ته 1993ع ۾ ڇپيل ”هٺيلي هرڻي“ سندس ٻارن لاءِ لکيل ڪھاڻين جو ڪتاب آهي. مقصود گل صاحب ٻارن لاءِ لاتعداد شاعري ڪئي. جيڪڏھن سندس ٻارن لاءِ تخليق ڪيل شعري تخليقن کي انھن رسالن ۽ اخبارن مان سھيڙيو وڃي، ته ٻارن لاءِ سندس گهٽ ۾ گهٽ 5 ٻيا ڪتاب به ترتيب ڏئي سگهجن ٿا.
دلچسپ ڳالهه اها آھي ته مقصود گل ٻارن لاءِ رڳو نظم ۽ ڪھاڻيون ئي نه لکيون، بلڪه ڪالم به لکيا. سندس ٻارن لاءِ لکيل هڪ اهڙو ئي مقبول ڪالم ”ٽمون شرارتي“ هو، جيڪو هڪ سنڌي اخبار ۾ 1970ع واري ڏھاڪي جي پڇاڙڪن سالن کان 1980ع واري ڏهاڪي جي منڍ وارن ورھن دؤران هفتيوار ڇپيو. هي ڪالم هر اربع تي شايع ٿيندو هو، تن ڏينهن ۾ هر اربع تي ٻارڙن جو صفحو شايع ٿيندو هو. هي ڪردار مقصود گل صاحب جو پنھنجو ئي تخليق ڪيل هو. نه رڳو اهو ڪردار، بلڪه ان جو ڪارٽُون اسڪيچ به هن پنھنجي ذهني اختراع سان پاڻ ڊزائن ڪيو هو، جيڪو هفتيوار هن ڪالم سان ڇپبو هو. بنيادي طور تي هيءَ ’ڪالم ــ ڪھاڻي‘ هئي، جنھن ۾ ليکڪ مرڪزي ڪردار سان سلھاڙيل ڪا نه ڪا ڪھاڻي هر هفتي ٻارن سان سَليندو هو. هن ڪالم ۾ ”ٽمُون“ ٻارن جي دلچسپيءَ لاءِ تخليق ڪيل هڪ فرضي ڪردار هو، جيڪو هر هفتي جي ڪالم ۾ ڪا نه ڪا نئين شرارت ڪندو هو. ڪڏھن اها شرارت کيس ڦٻندي هئي ته ڪڏهن ان شرارت ۾ هُو ٻه ٽنگو ڦاسندو هو. انھن منجهان اڪثر ڪالمن ۾ ٻارن لاءِ ڪو نه ڪو پيغام ضرور هوندو هو، جيڪو سندن اخلاق اجاريندڙ ۽ کين راھه ڏيکاريندڙ هوندو هو.
13 جُون 1979ع تي ”ٽمُون شرارتي“ سلسلي ۾ ڇپيل ڪالم ۾ ڪجهه هيءَ رُوداد بيان ٿيل آهي:
”ٻارؤ ! مان ڪنھن ڪم سان اوچتو لاھور ويس. شام جو دوستن سان گڏ تفريح لاءِ لاھور جي هڪ باغ ۾ وياسين. گهمندي گهمندي ڀولڙن جي پڃري وٽ پھتاسون ته ڇا ڏسون! ماڻهن جو ميڙ لڳو پيو آهي. جان وڃي ڏسان ته هڪ ڇوڪري جي نڪ مان رت وھي رھيو هو ۽ ٻيا ماڻهو ان جي چوڌاري گوڙ ڪيون بيٺا هئا. جان کڻي غور سان نھاريان ته جنھن ڇوڪري جي جسم مان رت وھي رهيو هو، اهو ٽمُون شرارتي هو. ٽمُونءَ جي ڀرسان سندس استاد ويٺو هو، جيڪو رومال سان ٽمُونءَ جو رت سان ڀريل بدن صاف ڪري رھيو هو.“
هن ڪالم ــ ڪھاڻيءَ ۾ ليکڪ جڏھن ٽمونءَ جي استاد کان ٽمونءَ جي رت وھڻ جو سبب ٿو پڇي ته هُو ان جو سبب ٽمُونءَ پاران باندر کي ڀتر هڻڻ جي موٽ ۾ ڀولي جو ان تي ڪيل جوابي حملو ٿو ٻڌائي ۽ آخر ۾ ليکڪ پڙھندڙ ٻارن کي هدايت ٿو ڪري ته هُو جيڪڏهن جانورن جو باغ (چڙيا گهر) گهمڻ وڃن، ته ڪنھن به جانور سان شرارت ۽ کؤنسَ هرگز نه ڪن، نه ته سندن حشر به ٽمُونءَ جھڙو ٿيندو.
هن ڪالم ــ ڪھاڻيءَ کي ٻارن جي سرت ۽ سمجهه جي لحاظ کان سؤلي ابلاغ لاءِ مختصر رکيو ويو آهي. ٽمونءَ جي سلسلي جو هر ڪالم وڌ ۾ وڌ 3 کان 4 منٽن جي پڙھڻيءَ جيترو طويل آهي، جنھن ۾ ٽمُونءَ جي ڪنھن نه ڪنھن شرارت، ان جي ڏکئي انجام سميت آخر ۾ ٻارن لاءِ سمجهاڻيءَ جو بيان اچي وڃي ٿو. مان سمجهان ٿو اها ٻارن جي پڙھڻ جي لحاظ کان ڪالم جي انتھائي موزون ڊيگهه آهي، ته جيڪڏھن ابتدائي ڪلاسن وارا ٻار (جن جي پڙھڻ جي رفتار گهٽ هجي) اهي به هن کي 5 کان 7 منٽن جي اندر پڙھي حظ حاصل ڪري سگهن ۽ ڪھاڻي گهڻي طويل نه هجي.
هن ڪالم ــ ڪھاڻيءَ ۾ ٽمُونءَ سان هڪ بالڪل پُوروڇوٽ ڪردار ”ناني سڦُوران“ جو به آهي. جنھن کي هو اڪثر ڪالمن ۾ ڪَڪِ ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. سندس حرڪتن مان نانھنس ڏاڍي بيزار به ٿئي ٿي، ان جي باوجُود هر نانيءَ جيان پنھنجي ڏوهٽي سان بيحد پيار به ڪري ٿي.
9 مئي 1979ع جي ڪالم ۾ ٽمُون ڇا ٿو ڪري؟
”تنھن ڏينھن معمول جي خلاف ٽمُون سويل سجاڳ ٿيو ۽ اٿڻ کانپوءِ نھايت آهستگيءَ سان نانيءَ جي کٽ جي ويجهو آيو ۽ ويھاڻي هيٺان رکيل نانيءَ جي نظر واري عينڪ کڻي لڪائي ڇڏيائين ۽ وري اچي رلي پائي سمھي رھيو. گهڙي پلڪ گذري، نانيءَ جي دؤر ڪرڻ جو ٽائيم ٿيو ته ناني عينڪ جاچڻ لڳي. وڃي ڏسي ته عينڪ واري جاءِ تي ڪاريءَ وارا ڪکَ! ناني ويچاري ڳولي ڳولي ٿڪجي پئي، پر عينڪ اصل نه لڌي! نانيءَ کي عينڪ نه لڌي ته وٺي پاڄارو ڪيائين. لُڙَ تي سڀ گهر جا ڀاتي اچي ڪٺا ٿيا.“
مٿئين ڪالم ۾ٽمونءَ جي ان شرارت جي ڪري ناني سڦُوران نظر نه پوڻ ڪري ڪِري ڌڪُ کائي ٿي ۽ پوءِ ٽمُون پھريان گهر کان غائب ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ واپس اچي نانيءَ کي لڪايل سندس عينڪ واپس ڪري ٿو ۽ والدين جي سزا کي منھن ڏئي ٿو. هن ڪھاڻيءَ مان ٻارن کي اهو سبق ڏنو ويو آهي ته گهر جي بزرگن کي تنگ نه ڪيو وڃي ۽ سندن خيال رکيو وڃي، نه ته ننڍڙي شرارت سان وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو.
27 جُون 1979ع تي ڇپيل ”ٽمُون شرارتي“ ڪالم ۾ ڪالم نويس بيان ڪري ٿو:
”سڀئي شاگرد ۽ استاد جڏھن گهمي ٿڪا ته هڪ ٻاريءَ ۾ ويھي آرام ڪرڻ لڳا. مگر ٽمُون سڀني کان پري هڪ سھڻي وڻ تي ننڍڙي چاقوءَ سان پنھنجو نالو کرڙي لکڻ لڳو. هُو اڃا ’ٽمُون‘ مسَ لکي سگهيو ته باغ جي نگھبان کيس ڏسي ورتو. هُو ڊوڙندو آيو ۽ اچي ٽمونءَ کي ڪن کان پڪڙيائين. پريان ڪنھن شاگرد ساٿيءَ ٽمونءَ جي هيءَ حالت ڏسي پنھنجي استاد کي ٻڌايو. استاد ويچارو ٽمڻ جو هي حال ڏسي ڊوڙي اچي مالھيءَ کي ٽمُونءَ کي ڇڏڻ لاءِ چوڻ لڳو. آخرڪار استاد وڏيءَ ڪوشش سان ٽمُونءَ کي آزاد ڪرايو ۽ ٽمونءَ کي هدايت ڪيائين ته اڳتي اھڙي شرارت نه ڪري نه ته کيس سخت سزا ملندي.“
پھرين آگسٽ 1979ع تي ڇپيل ڪالم ”ٽمون شرارتيءَ“ ۾ مقصود گل لکي ٿو:
”ٻارو! اڄڪلھه اسڪول بند آهن. تنھنڪري ٽمڻ سڄو ڏينھن ناني سڦُوران جي لاءِ نسورو آزار بڻيل آهي. ناني به جڏھن صفا ناراض ٿي ويندي اٿس ۽ سندس ڪاوڙ جو درجو 110 ڊگرين کان مٿي چڙهي ويندو آهي، تڏھن پنھنجي ڏندن کان خالي وات ۾ زبان ڦيرائي دعا گهرندي آهي ته ’مولا سائين! هاڻي ٽمُونءَ جو اسڪول کڻي کول! ته جند ڇُٽي!‘
ٽمون ڪالھه ڳوٺ جي ٻاهران هڪ باغ ۾ ويو ۽ مالھيءَ کان چوريءَ ليمن جو جهول پٽي گهر روانو ٿيو. ٽمون مزي سان ليما کڻي وڃي رھيو هو ته پٺيان پيرن جو دٻڪو ٻُڌائين. جان کڻي پٺتي نھاري ته باغ جو مالھي سندس نزديڪ اچي پھتو هو. ٽمڻ جان ڇڏائڻ لاءِ روئڻھارڪو منھن ڪري مالھيءَ کي نھارڻ لڳو. مالھيءَ ڪن کان جهلي کيس اهڙو مھٽو ڏنو جو سندس اکين اڳيان اونداھه اچي وئي.“
دلچسپ ڳالھه اها آهي ته مقصود صاحب پنھنجي هن ڪالم ”ٽمُون شرارتيءَ“ کي رڳو نثري رُوپ تائين محدود ڪونه رکيو، بلڪه ڪڏهن ڪڏهن ان سلسلي ۾ ٽمونءَ جي ڪنھن شرارت جو احوال نظم جي صورت ۾ به ڏنائين. 25 جُولاءِ 1979ع تي سندس اهڙو ئي هڪ منظُوم ڪالم ڇپيو، جنھن جي ڪل 16 بندن مان نموني طور ڪجهه بند پڙهو:
ٽمُون شرارتيءَ جو احوال ٿو ٻُڌايان
ٻارو! اوهانکي ان جي هڪ ڳالھه ٿو سُڻايان
هڪ ڏينھن راند کيڏڻ ٽمون ويو شھر ڏي
ٿي رات وئي مگر هُو موٽيو نه پنھنجي گهر ڏي
ٽمُونءَ جي مائٽن کي ٿيو انتظار ڏاڍو
بابو ٽمُونءَ جو ٿي ويو بس بيقرار ڏاڍو
ٽمُون گهمڻ ڦرڻ ۾ مصروف ٿي ويو هو
گهر گهاٽ تنھن نٺر کان وسري صفا ويو هو
آڌِي ڀري ٽمَڻُ ٿيو گهوڙي سوار جلدي
چاٻِي ڏئي چڙھي ٿيو تڪڙو تيار جلدي
اڌ منٽ ۾ اڏامي گهوڙو رَسيو هوا ۾
ڀائُو ٽمڻ کي آيا اُتڙي پگهر فضا ۾
هِڻڪارَ سان هوا ۾ گهوڙي ڏنو جو جهٽڪو،
ٽمڻ ادي هوا مان ڌرتيءَ مٿان ڪيو ٻَٽڪو
ان سلسلي جو اھڙو ئي هڪ ٻيو منظوم ’ٽمُون ڪالم‘ 9 جنوري 1980ع تي به شايع ٿيو، جيڪو مختصر نظم جي صورت ۾ هو:
ڊُولو ڊُول سُڄائي ٿو
گهر تي رعب ڄمائي ٿو
خالي پيلي ٽمُون ويٺو،
سِيٽ ڪري ۽ ستائي ٿو
نانيءَ ساڻ وڌو ٿئين وير
پوڙھيءَ کي به پِٽائي ٿو
سارو ڏينھن شرارت سان،
پنھنجِي دل وندرائي ٿو
حرڪت هر دم هن جو ڪم
مار به تڏھين کائي ٿو
جيڪو ٿيندو ٻار ڀلو،
سو ئي عزت پائي ٿو
هي ڪالم ۽ ان ڪالم جو ٽمونءَ جو ڪردار ايڏو مقبول ٿيو، جو ٻين همعصر ليکڪن پڻ ساڳئي نالي واري ڪردار سان ڪالم ــ ڪھاڻيون تخليق ڪيون، جيڪي نه رڳو اخباري ڪالمن جي صورت ۾ شايع ٿيون، بلڪه ويجهڙ ۾ ڪتابي صورت ۾ به منظرِ عام تي آيون. مقصود گل جي لکيل ”ٽمون شرارتيءَ“ جي عنوان تحت لکيل سمورا ڪالم سھيڙڻ کانپوءِ انھن کي به جلد ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويندو.