ناميارو ترقي پسند اديب، محقق، نقاد ۽ شاعر رشيد ڀٽي، اصل سنڌ جي تاريخي شهر ”اروڙ“ جيڪو هاڻي هڪ ڳوٺ جي صورت ۾ تعلقي روهڙي، ضلعي سکر ۾ شمار ٿئي ٿو، اتي 20 آگسٽ 1933ع تي ڄائو۔ هن جي والد محترم جو نالو حافظ عبدالحميد ڀٽي هئو، جيڪو به پنهنجي وقت جي وڏي نالي واري شخصيت هئو، جنهن جون اروڙ ۾ اڄ به علمي ۽ ديني خدمتون ڳايون وڃن ٿيون پر هو جڏهن سکر شهر ۾ لڏي آيو ته، ان جاگيراڻي پاڙي ۾ هڪ مسجد جوڙائي، جتي پاڙي جا ماڻهو نماز پڙهندا ۽ ٻار ديني تعليم به حاصل ڪندا هئا، جڏهن ته مسجد جي بلڪل سامهون ”المنار“ نالي پريس جو بنياد به وڌو، جيڪا منهنجي ڄاڻ مطابق شايد سکر شهر جي پهرين پريس هئي۔ اڄ ان پريس جي ڪهڙي صورتحال آهي مونکي ڪابه ڄاڻ ناهي۔ ها ايتري ڄاڻ اٿم ته مرحوم رشيد ڀٽيء جو سڀني کان ننڍو پٽ سچل ڀٽي وڪالت ڪري ٿو، پر وڏي وقت کان نه ان سان نه ئي ريٽائرڊ پروفيسر خالد ڀٽيء سان ملاقات ٿي سگهي آهي۔
مرحوم رشيد ڀٽي، سنڌي ادبي سنگت جي ٻئي منظم دور جي باني ميمبرن مان هڪ هئو، هو تنوير عباسيءَ کانپوءِ يارنهن سالن تائين سنگت جو سيڪريٽري جنرل رهيو۔ شمشير الحيدري، تنوير عباسي ۽ رشيد ڀٽيءَ جي دور ۾ سنڌي ادبي سنگت تاريخي ڪردار ادا ڪيو۔ رشيد ڀٽي جن دوستن جي صحبت ۾ رهيو، تن ۾ محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، شيخ عبدالرزاق راز، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مولائي شيدائي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، نورالدين سرڪي، آفاق صديقي، غلام رباني آگرو، حميد سنڌي، عبدالواحد سنڌي، غلام محمد گرامي، نياز همايوني، شمس الدين شاھ، فتاح ملڪ، نبي بخش کوسو، فتح الله عثماني، عبدالڪريم گدائي، رڪن الدين قاسمي، ڊاڪٽر اعزاز نذير ۽ ٻيا شامل هئا۔ رشيد ڀٽي ملڪ جي ورهاڱي کان اڳ سياسي حوالي سان عوامي ليگ سنڌ جو سرگرم ڪارڪن رهيو، کيس ڪو سياسي عهدو هيس يا نه مون کي وڌيڪ ڄاڻ ناهي، ها البته اها خبر ضرور آهي ته 1971ع ۾ عوامي ليگ جي حمايت جي الزام ۾ هن 9 مهينا جيل به ڪاٽيو۔ کانپوءِ ۾ نيشنل عوامي پارٽيءَ ۾ به شموليت اختيار ڪئي ۽ خان عبدالغفار خان، ولي خان، عطا الله مينگل، خير بخش مري، حفيظ قريشي ۽ ٻين سان گڏجي عوامي حقن لاءِ پنهنجي وت کان وڌيڪ جدوجهد ڪئي۔
جڏهن ته سنڌ هاري ڪميٽي ۾ حيدر بخش جتوئيءَ سان گڏ ڪم ڪيائين۔ هو پاڪستان رائٽرز گلڊ، سنڌ جو سيڪريٽري به رهيو۔ هن ڪجهه وقت لاءِ سکر لا ڪاليج ۾ اعزازي پروفيسر طور به خدمتون سر انجام ڏنيون، هو سکر جو ناميارو وڪيل هو۔ 1971ع ۾ سکر بار جو جوائنٽ سيڪريٽري به رهيو۔1972ع ۾ سنڌي ٻولي، قومي ٻولي تحريڪ شروع ٿي ته، رشيد ڀٽي ان تحريڪ ۾ به ڀرپور حصو ورتو۔ پنهنجي آخري وقت ۾ نامور اديب ۽ سياستدان رسول بخش پليجي سان ويجهڙائپ هئڻ ڪري، عوامي تحريڪ جو حصو بڻيو، جڏهن ته ايم۔ آر۔ ڊي جي جدوجهد ۾ سندس پوري خاندان جو وڏو ڪردار آهي۔ 1987ع ۾ سنڌ انٽيليڪچوئل فورم جو بنياد وڌو۔ هن جي فورم ٺاهڻ جو مقصد سنڌ جي نوجوانن کي جديد ۽ سائنسي علم جي ڄاڻ ڏيڻ هو۔
مرحوم رشيد ڀٽي جي علمي ۽ ادبي پورهئي ۾ هونئن ته هن جي پهرين ڪهاڻي ”چوري“ 1951ع ڌاري هفتيوار روشني سکر ۾ ڇپي۔ جنهن کانپوء هن باقائده لکڻ جي شروعات ڪئي، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ گهڙي گهڙي هڪ گهاءُ، دنيا جا عظيم افسانا، آڏي ڍال مَ ڍار، عاشق زهر پياڪ، رياست ۽ آزادي، آدرشي، پاڪستان جا پراڻا شهر، ديس ستا دل وارا جاڳيا، اوڀاريون لهواريون، سياري جي رات، سياسي مسئلن جو حل، سچ جو فلسفو، ڪميونسٽ پڌرنامو، چتر ليکا، وِيرين جي وسندي، سنڌ جا پراڻا شهر، ڀلاري ڀونءَ، پاپ ۽ پيڙا، باغي، جيءُ جياريو جن، جڏهن جهوڪ جهريو، بين الاقوامي انقلاب جو راههِ عمل، تضادن بابت، تصوف اور ڪلاسيڪي سنڌي شاعري ۽ هڪ انگريزي ڪتاب ‘Birth of a Great Poet (Kalhora Period 1700-1784)۔ مطلب ته هن جا اٽڪل 26 ڪتاب ڇپيل آهن۔ جن ۾ ڪجهه انگريزي ۽ اردو ڪتابن جا ترجما، ڪجهه پنهنجا مضمون ۽ ڪهاڻيون، افسانه توڙي شاعريء جا ڪتاب شامل آهن، جنهن ۾ هن جا مزاحيه شاعريء جا ٻه مجموعا به شامل آهن۔
جڏهن ته انکانسواءِ رشيد ڀٽيءَ شيخ اياز جي ڪتاب ”خط، انٽرويو ۽ تقريرون“ جي پهرئين ڀاڱي ۾ 118 صفحن جو شاهڪار مهاڳ لکيو، جنهن ۾ دنيا ۽ سنڌي ادب جي روشن خيال ۽ ترقي پسند ڪردارن ۽ شيخ اياز سميت ٻين ساٿين جي جدوجهد تي روشني وڌي آهي۔ اهڙيءَ طرح هن شيخ اياز جي سنگيت ناٽڪ ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ تي 31 صفحن جو تفصيلي مهاڳ لکي ڀڳت سنگهه ۽ ساٿين جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪيو۔ سندس هي ٻئي مهاڳ سنڌي ادب ۾ تاريخي حيثيت رکن ٿا۔ رشيد ڀٽي اصل ۾، محمد ابراهيم جويي ۽ رسول بخش پليجي کانپوءِ ٽيون اهو اديب ليکيو ويندو آهي، جنهن شيخ اياز جي شاعريءَ جو جائزو وٺندي، اڀياس لکي سندس شاعراڻي عظمت کي ڀٽائيءَ کانپوءِ 20 صديءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني۔ هن لعل جوڻيجي جون لکيل يادگيريون ”انگلينڊ جا اڍائي سال“ پڻ ترتيب ڏئي ڇپايو۔ ان سميت رشيد ڀٽيءَ جو ٻيو به کوڙ سارو قلمي پورهيو آهي۔ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ ادب، ثقافت، تاريخ، سياست ۽ قديمي آثارن جي موضوع تي هن مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون لکيا۔
منهنجي نظر ۾، هو گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هئو، هو هڪ بهترين وڪيل سان گڏ متحرڪ ۽ بي ڊپو سياسي اڳواڻ به هو علمي، ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ سدائين پيش پيش رهيو، هڪ سٺي ليکڪ سان گڏ بهترين مقرر به هئو، بحث مباحثن ۾ نواڻ سان ڀريل نقطا اٿاريندڙ، مزاحيه پيروڊي جو ماهر، ويٺي ويٺي ڪنهن به گاني جي نون خيالن ۽ جديد سوچن تي مبني گيت گهڙڻ جو وڏو ماسٽر هئو، هو سدائين سيريئس نه هوندو هو، ڪڏهن ڪڏهن مزاق جي موڊ ۾ ايندو هو ته، دوستن کي کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيندو هئو۔ مون پنهنجي زندگيء ۾ ايڏين خوبين وارا ماڻهو تمام گهٽ ڏٺا آهن۔ اصل ۾ ايترين سارين خوبين جا مالڪ ئي گهڻ رخي شخصيت جا مالڪ هوندا آهن۔
مرحوم رشيد ڀٽي بابت ناليواري شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو چوڻ هئو ”ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ کانپوءِ رشيد ڀٽي ئي پاڻ پتوڙيو آهي“۔ نالي واري اديب ۽ سندس ويجهي دوست غلام رباني آگري ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ (حصو ٻيو) ۾ رشيد ڀٽيءَ لاءِ لکيو آهي ته، ”رشيد ڀٽي ٻين لاءِ سنڌ جو نامور اديب، ڪهاڻيڪار، مزاحيه نگار، سنڌ جو محب وطن ۽ مظلومن جو حمايتي هو، پر مون سان سندس هڪ ئي نسبت هئي، اها هيء ته رشيد ڀٽي منهنجو يار هئو“۔ نالي واري ڪهاڻيڪاره ماهتاب محبوب ڪنهن جاء تي لکيو آهي ته، ”عام زندگيءَ جيان سياسي زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ ناساز حالتن سان هن ڪڏهن به ڪمپرومائيز نه ڪيو، پر لکڻين ۾ به هن اوليت پنهنجي نظرين کي ڏني جنهن ۾ ڦيرڦار آڻڻ لاءِ ڪنهن به قيمت تي تيار نه هئو“۔ ڊاڪٽر خليل انصاريءَ هڪ جاءِ تي لکيو آهي ”رشيد ڀٽي جديد ادب جي مهندارن جي اڳواڻ دستي جو جرنيل هو“ جڏهن ته شيخ اياز کي رشيد ڀٽيءَ جي وفات تي وڏو ذهني صدمو رسيو، جو هو سندس جگري دوست هئو۔ هن رشيد ڀٽيءَ جي ياد ۾ ڪيترائي بيت لکي کيس خراج پيش ڪيو آهي، سنڌ جو هي ارڏو اديب، صحافي ۽ سياستدان 16فيبروري 1988ع تي وفات ڪري ويو۔