ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پنجاب ۽ سنڌ جي گهڻن ميداني علائقن ۾ سخت گرمي رڪارڊ ڪئي پئي وڃي.
موسميات کاتي موجب، پنجاب ۽ سنڌ جا گهڻي قدر ميداني علائقا سخت گرمي جي لهر جي وڪڙ ۾ آهن، ۽ هي گرمي جي لهر آچر تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي مطابق گذريل ڏينهن سڀ کان وڌيڪ گرمي پد دادو ۽ جيڪب آباد ۾ 51 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
ساڳئي ريت سبي، تربت، شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻو ۽ موهن جو دڙو ۾ گرمي پد 50 ڊگري، خيرپور ۽ سڪرنڊ ۾ 49 ڊگري، ڊيرا غازي خان ۾ 47 ڊگري ۽ لاهور ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو، جڏهن ته اسلام آباد ۾ به گرمي پد 40 ڊگري کان وڌيڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
ان کانسواءِ موسميات کاتي چيو آهي ته ڪراچي ۾ اڄ گرمي پد 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.