بلوچستان مان ٽرين آپريشن ٻيهر بحال ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ريلوي کاتي اڄ کان بلوچستان مان ٽرين آپريشن ٻيهر بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ريلوي اختيارين موجب، صوبي مان اڄ کان ٽرين سروس بحال ڪئي پئي وڃي.

اختيارين ٻڌايو ته اڄ پشاور لاءِ جعفر ايڪسپريس مقرر وقت تي رواني ٿيندي، جڏهن ته پشاور کان به جعفر ايڪسپريس صبح جو ڪوئٽا لاءِ رواني ٿيندي.

واضح رهي ته بلوچستان مان ٽرين سروس گذريل ٽن ڏينهن کان معطل هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.