سدائين سُٺي مهمان نوازي جي ڪري پاڪستان اچڻ پسند آهي: آسٽريلوي ڪپتان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جوش انگلس چيو آهي ته پاڪستان جي مهمان نوازي هميشه سٺي رهي آهي، ان ڪري هتي اچڻ کيس پسند آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هڪ مضبوط ٽيم آهي ۽ ان کي آسان نٿو سمجهي سگهجي.

پاڪستان قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ 3 ميچن جي سيريز جو پهريون ون ڊي ميچ اڄ راولپنڊي ۾ کيڏيو پيو وڃي ۽ ٻنهي ڪپتانن طرفان ٽرافي جي رونمائي پڻ ڪئي وئي.

آسٽريلوي ڪپتان جو چوڻ هو ته گرم موسم ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ هميشه هڪ چئلينج هوندو آهي، پر سٺي ڳالهه اها آهي ته ميچ شروع ٿيڻ کان پوءِ موسم آهستي آهستي بهتر ٿي ويندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.