ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي ”اوگرا“ سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي لکين ليٽر غيرقانوني طور ذخيرو ڪيل پيٽرول ۽ ڊيزل ضبط ڪري ورتو آهي.
اعلان موجب اوگرا سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران وڏي مقدار ۾ غيرقانوني پيٽرول ۽ ڊيزل هٿ ڪيو ويو.
اوگرا جو چوڻ آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل حب واري علائقي ۾ غيرقانوني طور ذخيرو ڪيو ويو هو، جيڪو هڪ آئل ڊپو ۾ رکيل هو.
اوگرا موجب اهو خانگي ڪمپني جو آئل ڊپو غيرقانوني طور تي هلندڙ هو، جنهن وٽ اوگرا جو لائسنس ۽ دفاع واري وزارت جو اين او سي موجود نه هو.
اعلان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اوگرا جي انفورسمينٽ ٽيم ان آئل ڊپو کي سيل ڪري ڇڏيو آهي.