ليکڪ سنڌ ھاري ڪاميٽي جو نائب صدر آهي)
خيرپور جي علائقي ڪوٽ لالو ۾ 2 فيبروري 2026ع تي لوٺي ڀرسان ڳوٺ حڪيم علي نواز شر ۾ شام جو ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ سان ضد ڪري ٿي ته ماني گڏ کائينداسين، ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کي چوي ٿو ته مان موٽي ايندس پوءِ گڏجي ماني کائون ٿا ۽ جي بُک لڳئي ته منهنجو انتظار نه ڪجان. پر ڀيڻ پنهنجي ڳالهه تي قائم رهي ٿي ۽ ڀاءُ جو انتظار ڪري ٿي، پر کيس رات جو دير سان ڀاءُ جي قتل ٿيڻ جي خبر پهچي ٿي. هُن جو ڀاءُ، چاچو ۽ ويجهو مائٽ به پوليس جي هٿان قتل ڪيا وڃن ٿا. ان قتل کي سرڪاري مد ۾ پوليس مقابلو ڄاڻائي ٿي جڏهن ته وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جا مقتول پوليس وٽ پيش ٿيڻ ويا ته جيئن قانون مطابق ڪيسن کي ڪورٽن ۾ منهن ڏئي سگهن.
وارثن محسوس ڪيو ته پوليس پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي قانون کان مٿانھون قتل ڪيو آهي، تنهن ڪري وارثن سنڌ دوست انصاف پسند ۽ مخلص ساٿين سان رابطو ڪري ڪوٽ لالو جي مين روڊ تي ڌرڻو هنيو. ڌرڻو ٽي ڏينهن لڳاتار رات ڏينهن هليو ۽ آخر ۾ آءِ جي سنڌ ٽي فيصلا ڪيا. پهريون ايس ايڇ او کي معطل ڪيو ويو، ٻيو جي آئي ٽي ٺاهي وئي ۽ ٽيون ايس ايڇ او جي مٿان ايف آئي آر ڪٽي وئي. هي سڄي ڪاميابي ان ٽن ڏينهن جي ڌرڻي جي ڪري ٿي جنهن ۾ شعور رکندڙ دوستن ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ مطالبا منظور ڪرائڻ تائين ان جدوجهد کي جاري رکيو.
ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينگلز ڪميونسٽ ميني فيسٽو (1848) ۾ واضح ڪن ٿا ته رياست حڪمران طبقي جي نمائنده هوندي آهي. هن مارڪسي نظريي مطابق رياست ڪا غير جانبدار قوت نه آهي، پر اها معاشي بنيادن تي وسيلن تي اثر رکندڙ قوتن جي مفادن جي حفاظت ڪندي آهي.
سنڌ جي سماج ۾، جتي جاگيرداراڻا ۽ سرمائيداراڻا مفاد سياست سان ڳنڍيل آهن، اتي پوليس ۽ انتظاميا جو ڪردار به انهن ئي مفادن جي حفاظت سان سلهاڙيل آهي. جيڪڏهن ڪو غريب يا سياسي طور ڪمزور فرد ماريو وڃي ٿو، ته انهيءَ عمل کي معاشي بنيادن سان ڏٺو وڃي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪو امير ڏوهه ڪندو آهي ته قانون، انصاف ۽ سزا هو پنهنجي پيرن جي هيٺيان رکندو آهي ۽ اهي لفظ صرف غريب، ڪمزور ۽ مسڪين ماڻهن کي هيڻو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ڏٺو وڃي ته پاڪستان جو رياستي ڍانچو سرمائيداراڻو آهي ۽ ان جو سياسي نظام جمهوريت آهي. پر غور ڪجي ته انهي رياست ۽ ان جي چونڊ نظام تي جاگيردار، سرمائيدار، وڏيرا، پير، مير، مُلان، ڪامورا ۽ انهن جا نمائندا قابض آهن. انهي ڪري اِها اميد رکڻ ته رياست غريب ۽ ڪمزور جي محافظ هوندي ته اِهو هڪ دلفريب دوکو آهي.
ولاديمير لينن پنهنجي ڪتاب State and Revolution ۾ لکي ٿو ته رياست طبقاتي تضاد جي پيداوار آهي ۽ ان جو بنيادي ڪم حڪمران طبقي جي اقتدار کي برقرار رکڻ آهي. بقول لينن جي پوليس، فوج ۽ عدالتون ان جبر واري ڍانچي جي دهشت کي قائم رکڻ لاءِ اهم جُز آهن.
ڪوٽ لالو جي واقعي ۾ ڪمزور، محڪوم، محروم ۽ غريب نوجوانن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو. اهو لينن جي تجزيي مطابق رياستي جبر جي هڪ مثال طور ڏسي سگهجي ٿو. جتي قانون جي نالي تي طاقت جو استعمال ڪري پنهنجي بالادستي قائم رکي وڃي ٿي. حڪمران طبقو پنهنجي بالادستي لاءِ روزانو سماج ۾ موجود ماڻهن جي آزادي، اميدن، خواهشن ۽ مثبت سوچن جو قتل ڪندو آهي. جڏهن ته پيڙهيل طبقو محنت ڪري زنده رهڻ جي جستجو ڪري پنهنجو وجود برقرار رکندو آهي، ۽ شاهوڪار طبقو ان محنت جو استحصال ڪري پنهنجن ڪاروبارن، اثاثن ۽ ملڪيتن ۾ واڌارو ڪندو آهي. هي سماج پيڙهيل ۽ شاهوڪار طبقي جي وچ ۾ مسلسل جدل جو مثال آ، جنهن ۾ ڪڏهن شاهوڪار طاقتور آ ته ڪڏهن پيڙهيل طبقو انقلاب ذريعي طاقت تي قابض ٿيندو آهي.
انتونيو گرامشي پنهنجي “Prison Notebooks” ۾ ”هيجموني (Hegemony)“ جو تصور پيش ڪري ٿو. هن مطابق حڪمران طبقو صرف جبر سان نه، پر پيڙهيل طبقي جي مخصوص ماڻهن ۽ ادارن جي رضامندي (Consent) سان به حڪمراني ڪري ٿو. جيئن ميڊيا، ثقافت، برادري، ذات پرستي، قبائلي وابستگيون ۽ سياسي سرپرستين ذريعي ماڻهن جي شعور کي اهڙي ريت ترتيب ڏين ٿا جو مظلوم طبقو به حڪمران طبقي جي مفادن کي پنهنجو سمجهي ٿو. حڪمران طبقي جي اِها ڪوشش هوندي آهي ته سماج، زباني، لساني، برادري، مذهبي ۽ ثقافتي طور تي ورهايل رهي ته جيئن شعور رکندڙ فرد ڪنهن گڏيل جدوجهد يا ڪنهن گڏيل طاقت جي حاصلات لاءِ متحد نه ٿي سگهن.
ڪوٽ لالو ۾ ٿيندڙ احتجاج ۾ عوامي شرڪت کي گرامشي جي بالادستي جي تناظر ۾ سمجهي سگهجي ٿو:
- ڪجهه ماڻهو ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ کان ان ڪري پري رهيا، انهن جي خيال مطابق پوليس جي هٿان مارجي ويل ڏوهاري هئا.
- ڪجهه برادرين ان معاملي کي مخصوص ذات جو مسئلو قرار ڏيئي پاڻ کي الڳ رکيو.
- حڪمران پارٽيءَ سان لاڳاپيل ڪارڪن، سياسي سرپرستي وڃائڻ جي خوف ۽ مفادن خاطر خاموشي اختيار ڪئي.
- ڪجهه سياسي جماعتن پنهنجي اثر رسوخ کي برقرار رکڻ ۽ عوام کي پاڻ ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ احتجاج کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي۔
هي سڀ رويا عوام ۾ غلط شعور (False Consciousness) جي عڪاسي جا اهڃاڻ آهن، جتي حقيقي طبقاتي مفاد نظر کان اوجهل ٿي وڃن ٿا.
ڪوٽ لالو ۾ ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ جي جنازي مهل سوال ڪري ٿي ته ”جيڪڏهن عدالتون آهن ته پوءِ گولي ڇو؟ جيڪڏهن قانون آهي، ته پوءِ انصاف ڪٿي آهي؟“ هي سوال صرف هڪ ڀيڻ جو ناهي؛ اهو ان طبقي جو سوال آهي جيڪو رياستي جبر جو سڌو سنئون شڪار ٿئي ٿو ۽ عام ماڻهن تي اِهو واجب ٿئي ٿو ته اهي ذاتي دردن ۽ تڪليفن کي اجتماعي شعور ۾ منظم ۽ مربوط ڪن ته جيئن سماج جي ڪايا پلٽي ڇڏجي.
سنڌ ۾ سياسي اقتدار اڪثر ڪري جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ انهن جي نمائندن جي هٿ ۾ رهيو آهي. ته جيئن انهن جا مفاد محفوظ رهن. ووٽن ذريعي ٿيندڙ عام چونڊون اڪثر ڪري ساڳئي طبقي کي ٻيهر اقتدار ۾ آڻين ٿيون، جنهن سبب پاليسيون ۽ قانون به ساڳئي طبقي جي معاشي مفادن جي حفاظت ڪن ٿا. نتيجي طور، پيڙهيل طبقا قانوني تحفظ کان محروم رهجي وڃن ٿا.
ڪوٽ لالو جو واقعو به ان طبقاتي جدوجهد جي هڪ ڪڙي آهي.
جنهن لاءِ ضروري آهي ته شعور رکندڙ فرد ۽ تنظيمون پنهنجن ذاتي، قبائلي ۽ لساني ورهاست کان مٿانهون ٿي ڪري طبقاتي اتحاد کي قائم ڪن.جنهن ۾ مزدورن، هارين، شاگردن، نوجوانن، عورتن، دانشورن، اديبن، سياسي ورڪرن ۽ شهرين کي گڏيل پليٽ فارم تي آڻي ڪوٽ لالو واقعي جي عدالتي (جوڊيشل) انڪوائري ڪرائي شفاف جاچ ڪرائي مقتولن کي انصاف ڏياريو وڃي ۽ سياسي سرپرستيءَ جي خوف کي ختم ڪرڻ لاءِگڏيل طور تي انساني حقن جي تحفظ لاءِ ٿيندڙ جدوجهد کي اتساهيندڙ بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکي وڃي.
لينن جي مطابق، “شعور کان سواءِ انقلاب ممڪن ناهي. تنهن ڪري پهريون قدم شعور جي تعمير آهي.
سو ڪوٽ لالو هاڻي رڳو هڪ واقعي جو نالو ناهي؛ اهو سنڌ جي طبقاتي ڍانچي جو استعارو آهي. جيڪڏهن سماج اڄ به ورهايل رهيو ته هر ڀيڻ پنهنجي مقتول ڀاءُ، پيءُ ۽ مائٽن جي تصوير اڳيان بيٺي انصاف بابت سوال ڪندي رهندي. پر جيڪڏهن محروم طبقا منظم ٿيا ته شايد رياستي جبر جي هن دائري کي هميشه لاءِ ختم ڪري سگهجي ٿو. سوال اهو ناهي ته ٽي ماڻهو ڇو قتل ڪيا ويا؛ سوال اهو آهي ته ڇا سماج پنهنجي تاريخي ذميواري نڀائيندو.