بلوچستان جو مسئلو بظاهر جيڏو پيچيده ۽ نو رٽرن پوائنٽ تي بيٺل نظر اچي رهيو آهي ته ان جو حل وري اوڏو ئي سولو آهي. ان مسئلي جو حل سياسي طور جيتوڻيڪ هر دور ۾ موجود رهيو آهي پر هڪ غير جمهوري ۽ غير آئيني رويو آهي جيڪو ان جي راهه ۾ هر دور اندر رنڊڪ بڻجندو آيو اهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته بلوچستان ڏانهن جمهوري ۽ آئيني رويو اختيار نه ڪرڻ سبب مسئلو پيدا ٿيو آهي.
سوال اهو آهي ته بلوچستان کي جن ڳالهين ۽ معاهدي تحت ملڪي نظام ۾ شامل ڪيو ويو هو ڇا ان تي عمل ڪيو ويو هو. بلوچستان جي سياسي جماعتن ۽ اڳواڻن کي ان حوالي سان ئي اعتراض ۽ خدشا رهيا آهن جيڪي سندن چواڻي اڄ تائين ختم نه ڪيا ويا آهن. هن ملڪ اندر اهڙو اعتراض سڀني ننڍن صوبن کي رهيو آهي. اها صورتحال يقينن ڳڻتي جوڳي آهي ته آخر بلوچستان سميت سڀني ننڍن صوبن کي اهڙا اعتراض ۽ خدشا ڇو آهن. ان معاملي ۾ اهو به ڏسڻ گهرجي ته هن ملڪي نظام ۾ هڪ وڏو صوبو ئي رڳو ڇو مطمئن آهي ۽ ان کي ننڍن صوبن وانگر ڇو ڪي اعتراض ۽ خدشا ناهن. اسان ته بيحد خوش آهيون ته ملڪ جو وڏو صوبو خوش ۽ مطمئن آهي ۽ اتان گهٽ ۾ گهٽ ملڪي اسٽيبلشمينٽ سان ناراضگي يا عليحدگي جو آواز بلند نٿو ٿئي. ائين يقيننن اسان جي اها به خواهش آهي ته وڏي صوبي وانگر اسان جا ننڍا صوبا به خوش ۽ مطمئن هجن تنهن ڪري ان حوالي سان پهريون فرض رياست جو آهي ته اها پنهنجي ملڪ جي سڀني صوبن کي خوش ۽ مطمئن رکڻ جا جتن ڪري ته جيئن ڪوبه صوبو ناراض نه ٿئي.
اسان جيئن ته مٿي لکي آيا آهيون ته بلوچستان سميت سڀني ننڍن صوبن کي اصل ۾ اها پراڻي شڪايت رهي آهي ته کين سندن آئيني، قانوني ۽ جمهوري حق نٿا ڏنا وڃن ۽ مٿان وري ظلم اهو آهي ته جيڪي صوبا ملڪ جي آئين ۽ قانون طور پنهنجا بنيادي حق ۽ وسيلا گهرن ٿا، تن کي ملڪ دشمن سمجهيو وڃي ٿو، اهوئي رويو آهي جنهن ننڍن صوبن کي هر دور ۾ بي چين پئي ڪيو آهي.
اسان جيڪڏهن ٻين ڳالهين کي ڇڏي ڪري ملڪ جي وفاقي ۽ اقتداري جماعت کي ئي ڏسون ته سندن حڪومتن کي غير آئيني ۽ غير جمهوري طور تي مدو پورو ٿيڻ کان اڳ برطرف ڪيو ويو ته ڇا انهن اسٽيبلشمينٽ مخالف جدوجهد نه ڪئي ۽ جيڪڏهن ڪئي ته ڇا اهي وفاقي جماعتون ملڪ دشمن هيون نه بلڪل به نه. ائين ئي غير آئيني ۽ غير جمهوري رويي ڪارڻ ئي ننڍن صوبن جون سياسي جماعتون اعتراض وارينديون رهيون آهن جن کي به آئيني ۽ جمهوري روح تحت ڏسڻ جي ضرورت آهي.
سو تاريخي طور ڏسجي ته 1940ع جي ٺهراءُ کي پٺي ڏيڻ وڏي سياسي غلطي هئي. ان کانپوءِ ون يونٽ مڙهڻ ۽ صوبن جي وجود کي ختم ڪرڻ ٻي وڏي غلطي هئي ۽ ٽين وڏي غلطي ذوالفقار علي ڀٽو جي هئي جنهن سڀ کان اڳ ۾ پنهنجي ئي ٺاهيل 73 جي آئين جي ڀڃڪڙي جي شروعات ڪئي ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومت کي برطرف ڪيو. سرحد صوبي جي عوامي نيشنل پارٽي (نعپ) تي بندش اهي ابتدائي غير جمهوري زخم آهن جن ملڪ کي ڄمندي ئي ڪمزور ڪيو جو 79 سالن جي ڄمار ماڻڻ باوجود هي ملڪ پنهنجن پيرن تي بيهي نه سگهيو آهي.
اها به المياتي صورتحال آهي ته 1973 جي آئين جي موجودگيءَ باوجود اڄ به واضح ناهي ته ملڪ جو سپريم ادارو ڪهڙو آهي. آئيني طور پارليامينٽ ئي سپريم ادارو آهي پر عملي طور هن ملڪ کي هر دور ۾ نظريه ضرورت تحت غير جمهوري طاقتن ئي پئي هلايو آهي. اسان هڪ ايڊيٽوريل ۾ اها به تجويز ڏني هئي ته اوهان گذريل 78 سالن ۾ صوبن کي مضبوط ڪرڻ بدران وفاق کي مضبوط ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪئي جنهن جا نتيجا به اوهان جي سامهون آهن اصل ۾ وفاق به تڏهن ئي مضبوط ٿيندو جڏهن اوهان ننڍن صوبن کي مضبوط ڪندئو. اسان جو خيال آهي ته هاڻي صوبن کي مضبوط ڪري وفاقي کي سگهارو ڪرڻ واري پاليسي اختيار ڪري ڏسڻ گهرجي. ان ڏس ۾ آصف زرداري جي قيادت ۾ پ پ جي حڪومت 18 هين ترميم ذريعي صوبن کي ڪجهه حق يا خودمختياري ڏني پر افسوس ته وفاق جي مضبوطي جون حامي ۽ غير جمهوري طاقتون 18 هين ترميم کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪري رهيون آهن. يعني انهن کي معمولي صوبائي خودمختياري به هضم نه ٿي ٿئي.
اسان سمجهون ٿا ته اهو رويو غير جمهوري آهي. جنهن ڪري ئي ننڍا صوبا هر دور ۾ دانهون ڪندا رهيا آهن. جيستائين 18 هين ترميم جي افاديت جو تعلق آهي ته اهو تجربو عملي طور ڪامياب به ٿي چڪو آهي جنهن جو ثبوت اهو مطالبو آهي ته جيئن مرڪز کان صوبن کي اختيار ڏياريا ويا آهن تيئن صوبن کان هيٺ ضلعي سطح تي به اختيار ۽ مالي وسيلا منتقل ٿيڻ گهرجن. جيڪڏهن صوبن کي ڏنل اختيارن ۽ مالي وسيلن مان فائدو نه ٿئي ها ته يقينن هيٺين سطح تي اختيار ۽ مالي وسيلا منتقل ڪرڻ جو مطالبو نه ٿئي ها. سو پنهنجو اهو خيال آهي ته بجاءِ ان جي ته صوبن کان اختيار ۽ مالي وسيلا واپس وٺي وري پوئتي وڃڻ بدران ٻه قدم اڳتي وڌي صوبن جا اختيار ۽ مالي وسيلا ضلعي سطح تي منتقل ڪرڻ جو سوچجي. بلوچستان به اهوئي چاهي ٿو ۽ اها خواهش ڪا ملڪ دشمني ناهي.
اڃان به سڄي ملڪ، وفاق ۽ ننڍن صوبن جي بقا ان ۾ آهي ته هي ملڪ جنهن 1940 جي ٺهراءٌ تحت وجود ۾ آيو هو ان ٺهراءُ کي قانوني ۽ آئيني شڪل ڏيڻ جي اخلاقي جرئت ڪجي ته هن ملڪ جا سڀ سياسي ۽ نظرياتي مسئلا حل ٿي ويندا پر هن ملڪ جي ان کان وڏي دشمني ڀلا ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته ملڪي سطح تي 1940 واري ٺهراءُ جي پاس ٿيڻ واري ڏينهن کي ”قومي ڏينهن“ طور ته هر سال 23 مارچ تي ملهايو ويندو آهي پر ان جي روح تي يا ملڪي منشور تي عمل ناهي ڪيو ويندو.