نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي حڪمران جماعت ڀارتيا جنتا پارٽي ڪاڪروچ جنتا پارٽي جا سمورا سوشل ميڊيا اڪائونٽس بند ڪري ڇڏيا، ڪجهه ئي ڏينهن اندر لکين فالوورز حاصل ڪندڙ ڀارتي نوجوانن جي آن لائن تحريڪ ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي مقبوليت سبب مودي سرڪار بوکلاهٽ جو شڪار بڻيل آهي، پارٽي جي باني اڀيجيت دچڪي چيو آهي ته تنظيم پنهنجي سڀني سوشل ميڊيا اڪائونٽس تائين رسائي وڃائي ويٺي آهي، هن ٻڌايو ته سندس ذاتي انسٽاگرام اڪائونٽ به هيڪ ڪيو ويو آهي، اڀيجيت دپڪي موجب ڀارت جي تعليم واري وزير ڌرمينڌر پرڌان جي استعيفيٰ لاءِ مهم هلائڻ تي کيس جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.