ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ جيل اختيارين منشيات فروش انمول عرف پنڪي کي هاءِ پروفائل جوابدار قرار ڏيندي سندس سٽي ڪورٽ ۾ پيشي کي عوام لاءِ به خطرو قرار ڏئي ڇڏيو، رپورٽن موجب جيل اختيارين عدالت ۾ آگاهي رپورٽ جمع ڪرائي آهي، جنهن ۾ 18 ڪيسن ۾ پنڪي کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪرڻ جي اجازت گهري وئي، رپورٽ موجب ڪوڪين ڪوئين انمول عرف پنڪي هاءِ پروفائل جوابدار آهي ۽ کيس سٽي ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ سيڪيورٽي رسڪ بڻجي سگهي ٿو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن پيشي دوران ڪو اڻ وڻندڙ واقعو پيش آيو ته عام سائل به متاثر ٿي سگهن ٿا، جيل اختيارين عدالت کان استدعا ڪئي آهي ته جوابدار عورت کي وومين سينٽرل جيل مان وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي،واضح رهي ته جڊيشل مئجسٽريٽ وومين جيل انتظاميا کي انمول عرف پنڪي کي 25 مئي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.