اسرائيل نه رڳو غزه لاءِ خطرناڪ آهي، پر سڄي خطي لاءِ سيڪيورٽي رسڪ بڻجي چڪو آهي. ڇوته هو پنهنجي پاڙيسري ملڪن کان علاوه ٻين ملڪن تي به حملا ڪري رهيو آهي.حقيقت اها آهي ته اسرائيل وچ اوڀر ۾ بدامني جو ذميوار آهي ۽ عام ماڻهن کي مارڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪندو آهي. تاريخ شاهد آهي ته اسرائيل پاران ڳرا هٿيار ۽ بارود استعمال ڪندي بيشمار ماڻهو دردناڪ طريقي سان ماريو ويو آهي. تازو ان زهريلي ڪيميڪل ۽ جراثيم ڪش اسپري ڪري ماڻهن کي ٻئي طريقي سان مارڻ جو طريقو اختيار ڪيو آهي. جنهن سان نه رڳو انسان، پر ماحول کي به تباهه ڪيو پيو وڃي.
ميڊيا رپورٽن موجب، 26 ۽ 27 جنوري 2026 تي اسرائيلي جهازن ڏکڻ لبنان ۽ ڏکڻ شام ۾ زرعي علائقن تي ڪيميائي ۽ جراثيم ڪش اسپري ڪيا. انهن جراثيم ڪش ۾ گلائفوسٽ پڻ استعمال ڪيو ويو آهي. اهو واضح آهي ته گلائفوسٽ سڄي دنيا ۾ ٻوٽن کي تباهه ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ان ڳالهه کي رد نٿو ڪري سگهجي ته گلائفوسٽ کان علاوه ٻيا زهريلي جراثيم ڪش پڻ اسپري ڪيا ويا آهن. زهريلي جراثيم ڪش جو اسپري هڪ علائقي تي نه پر پوري ملڪ ۾ وڏي تباهي آڻيندو.اسرائيل هن ڪيميائي کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائڻ لاءِ وڏي پيماني تي ملاوٽ ڪئي آهي. ان ڳالهه کي رد نٿو ڪري سگهجي ته هي ڪيميائي جزا مستقبل ۾ خطرناڪ هٿيار طور پڻ استعمال ٿي سگهن ٿا.
هي ڪيميائي يا زهريلو مواد نه رڳو انسانن لاءِ خطرناڪ هوندو پر ٻيون جاندار شيون به ان کان متاثر ٿينديون. ڪو ميدان يا باغ زهريلي مواد کان متاثر ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن هي زهريلو مواد پاڻي ۾ ملايو وڃي ته پوءِ جيڪي ماڻهو پاڻي استعمال ڪندا اهي به ان زهريلي پاڻيءَ سبب بيمارين ۾ وٺجي ويندا. ائين ڪرڻ سان نه رڳو زميني زندگي متاثر ٿيندي بلڪه، آبي زندگي پڻ سخت متاثر ٿيندي. ان کانسواءِ هي کاڌي ۾ زهريلا مادا پڻ ملايا ويندا جنهن سان غزه ۾ کاڌي جي بحران پيدا ٿيندو ۽ علائقي واسي بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار ٿي موت جي منهن ۾ هليا ويندا۔ يورو-ميڊيٽرينين هيومن رائٽس مانيٽر ڏکڻ لبنان ۽ ڏکڻ شام ۾ قنطيرا جي وسيع زرعي علائقي تي قبضو ڪندڙ اسرائيلي فوجن پاران ڪيميائي هٿيارن جي استعمال جي سخت مذمت ڪري ٿو.