محمود اچڪزئي جو بيان غيرذميواراڻو آهي،فوج جي سڃاڻپ قومي آهي\خواجا آصف

اسلام آباد(بيورو)دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف قومي اسيمبلي ۾ ليڊر آف اپوزيشن محمود خان اچڪزئي جي پاڪ فوج بابت بيان کي انتهائي غير ذميواراڻو قرار ڏئي ڇڏيو۔قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ هن  چيو ته ليڊر آف اپوزيشن چيو آهي ته پاڪستان جي فوج چار ضلعن جي فوج آهي، ان کان وڌيڪ غير ذميوار بيان ٿي نٿو سگهي، محمود خان اچڪزئي مان اهڙي ڳالهه جي اميد نه هئي، هن وقت پاڪستاني فوج جي سڃاڻپ قومي آهي،هن چيو ته پنجن سالن ۾ ٽي هزار هڪ سئو ايڪيتاليهه اهلڪار شهيد ٿيا آهن۔ ڪشمير، بلوچستان، گلگت بلتستان، خيبرپختونخوا، پنجاب ۽ سنڌ جا آفيسر ۽ جوان شهيد ٿيا آهن۔هن چيو ته محمود اچڪزئي پنهنجي نظرين جو حقدار آهي پر حملا نه ڪري۔ پاڪ فوج ڪنهن صوبي يا ضلعي جي فوج ناهي۔ دهشتگردي خلاف هن جنگ ۾ اسان روزانو نقصان ڀوڳي رهيا آهيون، جڏهن ته بلوچستان ۾ 200 کان وڌيڪ دهشتگرد ماريا ويا آهن۔سندس چوڻ هو ته اسلام ۾رتوڇاڻ جي ڪا اجازت ناهي، اسان جي فوجين جون ڳچيون ڌڙن کان جدا ڪيون وڃن ٿيون، پاڪ فوج پنهنجي رت سان پنهنجي حلف جي توثيق ڪري رهي آهي،هن چيو ته اسان سياستدان گري ايرياز ۾ رهندا آهيون، پارٽيون تبديل ڪندا آهيون، پر انهن شهيدن پارٽيون تبديل نه ڪيون آهن۔هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مان رت سان ڇڪيل لڪير پار ڪريان ته مون کي ايوان ۾ ويهڻ جو حق ناهي۔ منهنجو محمود خان اچڪزئي سان پراڻو تعلق آهي ۽ مون ڪڏهن به سندس نقل نه ڪئي آهي۔خواجه آصف سوال ڪيو ته ڇا پاڪستاني فوج چار ضلعن جي فوج آهي؟ هن چيو ته پنجابي مزدورن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي قتل ڪيو ويندو آهي، پر ان کي صوبي واري رنگ ۾ پيش نه ڪيو ويو۔ منهنجن انگن اکرن کي چيلينج ڪيو وڃي ته ڇا اها چار ضلعن جي فوج آهي؟هن چيو ته اهڙي قسم جو غير ذميوار بيان ان عهدي جي توهين آهي۔ اها پوري قوم جي جنگ آهي، ڪنهن هڪ ضلعي جي ناهي۔خواجه آصف پاڪ فوج ۾ صوبائي تناسب جا انگ اکر پيش ڪندي چيو ته پاڪ فوج وفاق جي فوج آهي، چار ضلعن جي ناهي۔ پاڪ فوج ۾ پنجاب جو تناسب 51.1 سيڪڙو، سنڌ جو 20.52 سيڪڙو، خيبرپختونخوا جو 16.28 سيڪڙو ۽ بلوچستان جو 6.04 سيڪڙو آهي۔ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جو تناسب 2.4 سيڪڙو جڏهن ته اقليتن جي نمائندگي 3.52 سيڪڙو آهي۔خواجه آصف چيو ته افغان شهرين جي لڏپلاڻ جو سبب ختم ٿي چڪو آهي، افغانستان ۾ انهن جي پنهنجي حڪومت آهي ۽ کين اتي واپس وڃڻ گهرجي۔ هن چيو ته افغانستان کي اسٽرٽيجڪ ڊيپٿ تسليم نٿا ڪريون ۽ افغانستان کي پنجون صوبو چوڻ خام خيالي آهي۔هن وڌيڪ چيو ته اسان افغانستان سان امن سان رهڻ چاهيون ٿا ۽ دهشتگردي خلاف هر صوبي رت ڏنو آهي۔ آئين ۽ اصولن تي اسان جو ڪو اختلاف ناهي ۽ اسان پنهنجي رت جي هر ڦڙي جو حساب وٺنداسين۔قومي اسيمبلي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ قرارداد متفقه طور منظور ڪئي، جيڪا وزيرِ دفاع خواجه آصف پيش ڪئي۔ ايوان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهيدن جي قربانين کي سلام پيش ڪيو ۽ پاڪ فوج جي ڪوششن کي ساراهيو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.