ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ايران انقلاب جي 47هين سالگرهه جي تقريب ايراني قونصل خاني ۾ ٿي، تقريب دوران اسلام آباد سانحي تي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي، صدر آصف علي زرداري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ٻه طرفا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ سدائين تيار رهيو آهي، پاڙيسري ڀاءُ ملڪ ايران جي تاريخ ۽ ثقافت گڏيل آهي، فارسي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين خطي جي گڏيل ٻولي رهي آهي، پاڪستان جي قومي تراني ۾ فارسي ٻولي جا ڪيترائي لفظ آهن، صدر آصف علي زرداري چيو ته علامه اقبال جي فارسي شاعري اسان سڀني لاءِ اهم ورثو آهي، اڄ اسان اهڙي هنڌ بيٺل آهيون جتي اسان کي دهشت گردي جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، تاريخ شاهد آهي ته جنگ ڪڏهن به ڪنهن مسئلي جو حل ناهي، جنگ جهڙو ڪو به قدم پوري خطي جو امن تباهه ڪري سگهي ٿو، پاڪستان سدائين ڳالهين جو حامي رهيو آهي، خطي ۾ ديرپا امن جي لاءِ ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، گڏيل سرحدن کي واپار جي بهتري جي لاءِ استعمال ڪرڻو پوندو.