سولر پاليسي تي غلطيون ڪندڙ سياستدان ۽ ڪامورا پڇاڻي کان آجا، سزا عوام کي؟

اسلام آباد(امتياز گل)ناليواري معاشي ماهر جاويد حسن چيو آهي ته نيٽ ميٽرنگ جي مسئلي تي سڄو پاڪستان هن وقت احتجاج ڪري رهيو آهي ڇاڪاڻ ته حڪمران خاندان ۽ انهن جا ٻار سولر پينل جي ڪاروبار ۾ شامل هئا، ترڪي ۽ چين مان سولر پينل درآمد ڪري پاڪستان ۾ وڪرو ڪيا ويا، گذريل پنجن سالن ۾ حڪومت عالمي سطح تي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان قدرتي توانائي جي حق ۾ آهيون، پر هاڻي نيٽ ميٽرنگ ختم ڪئي وئي آهي.هن چيو ته هاڻي سولر استعمال ڪندڙن کي بلن ۾ وڌيڪ رقم ڀرڻي پوندي، مثال طور هڪ يونٽ جو 70 رپيا، جڏهن ته اڳ ۾ سولر صارف 10-11 رپين ۾ استعمال ڪندا هئا. هن سبب ملڪ ۾ وڏي احتجاج جو ماحول آهي. هن  چيو ته هي هڪ اجتماعي سزا آهي، جنهن کي عوام ڀوڳي رهيو آهي، جڏهن ته اصل غلطي ڪندڙ، جهڙوڪ احسن اقبال،شاهد خاقان عباسي، آصف علي زرداري وغيره، فائدو ماڻيو ۽ پنهنجي دولت پرڏيهي ملڪ ۾ منتقل ڪيون،هن چيو ته 2013 کان 2018 دوران پاڪستان ۾ ڪيترائي نوان گيس پلانٽس ۽ سولر پروجيڪٽس لڳايا ويا، جنتي وڏو خرچ آيو، پر ڪيپيسٽي مڪمل استعمال نه ٿي رهي هئي، عوام کي مهانگي بجلي ۽ گئس استعمال ڪرڻي پوي ٿي، جڏهن ته اهي منصوبا سياسي ۽ سرڪاري فائدن لاءِ ٺاهيا ويا،هن چيو ته هي صورتحال ملڪ جي اقتصادي حالت، برآمدات ۽ توانائي جي پيداوار تي منفي اثر وجهندي. پاڪستان ۾ روايت آهي ته غلطيون ڪندڙ سياسي ۽ سرڪاري شخصيتن کان جوابدهي نه ٿئي، ۽ نقصان جو سمورو بار عوام تي اچي ٿو.هن چيو ته عالمي ادارا جهڙوڪ ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف به صلاح ڏين ٿا، پر اهي پڻ انهيءَ نظام جو حصو آهن، جنهن ۾ عوام کي نقصان ڀرڻو پوي ٿو.احسن اقبال ۽ ٻين جي فيصلن سبب پاڪستان جو گردشي قرض پنج ٽريلين رپين تائين پهچي چڪو آهي،

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 12 جنوري 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.