سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي ٿيندڙ چونڊ: ڪجهه تجويزون

سنڌي ادبي سنگت عورت شاخ ڪراچي طرفان گذريل ڇنڇر تي ”سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ“ تي سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري ۽ سينيئر اديب ادل سومرو کان ليڪچر ڪرايو ويو، اهو ليڪچر هڪ اهڙي وقت ۾ ڪرايو ويو آهي، جڏهن سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊ ايندڙ آچر تي 15 فيبروري تي ٿي رهي آهي. ان ليڪچر جي هڪ خاص ڳالهه اها هئي ته ادل سومري ان موقعي تي واضح ڪيو ته عورتن ج نج ادبي شاخ آئيني آهي، سنگت جي آئين ۾ ان جي گنجائش موجود آهي. ان حوالي سان هن ماضيءَ جي عورتن جي ادبي شاخن جو پڻ ذڪر ڪيو. جڏهن ته ان کان اڳ اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيل عورتن جي ادبي شاخ بابت ڪن ادبي حلقن ۾ اهو تاثر هو ته عورتن ۽ مردن جي ادبي شاخن کي ورهائڻ صحتمند لاڙو ناهي پر جيڪڏهن سنڌي ادبي سنگت جي آئين ۾ عورتن جي نج ادبي شاخ جي گنجائش موجود آهي ته پوءِ لڳي ٿو ته اهو آئيني نڪتو گهڻي سچ ويچار تحت ئي شامل ڪيو ويو هوندو. سنڌ جي ان سينيئر اديب کان سنڌي ادبي سنگت تي اهو ليڪچر ڪرائڻ ان ڪري به اهم هو جو ادل سومرو صاحب کي ان موضوع تي دستردس به حاصل آهي. هن سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ تي تحقيقي ڪتاب پڻ لکيو آهي جنهن جي اهميت ۽ ضرورت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.

اها به سٺي ڳالهه چئبي ته سنڌي ادبي سنگت عورت شاخ ڪراچيءَ اهو ليڪچر ڪرائي سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ کان نئين ادبي نسل کي متعارف ڪرايو آهي. ان ليڪچر دوران ادل سومري جتي سنڌي ادبي سنگت جي بنيادي مقصد ۽ ان جي مزاحمتي تحريڪن جو ذڪر ڪيو ۽ سنڌ ٻوليءَ کي درپيش اڄ جي مشڪلاتن تي ڳالهايو، اتي ان هڪ اهم ۽ بي حد وقتائتي صلاح جيڪا ادبي سنگت جي جملي سڀني شاخن کي ڏني، سا اها هئي ته ادبي سنگت جي چونڊن کي ۽ هڪ ٻئي جي مخالفت ۾ بيٺل اميدوارن کي هڪ ٻئي جو دشمن نه سمجهو. باقي جمهوري طور هر ڪنهن کي حق آهي ته اهو ووٽ ذريعي مرڪزي باڊيءَ جي چونڊ ڪري ۽ جنهن اميدوار کي درست سمجهي ٿو ان کي ووٽ ڏئي.

اسان سمجهون ٿا ته اهو پيغام ۽ ليڪچر وقتائتوهو. اسان کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته جيڪا به چونڊ ٿيندي آهي تنهن جو مقصد عوامي شموليت هوندي آهي ته اها ملڪن جي حڪومتن ۽ جماعتن توڙي تنظيمن ۾ پنهنجو جمهوري حصو وجهي چونڊن جو ٻيو وڏو مقصد اهو هوندو آهي ته واري واري سان سڀني کي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي. اها ڪيڏي نه سٺي ۽ صحتمند روايت آهي ان ڪري ڪنهن به چونڊ کي مثبت عمل سمجهي ڪري ان جي آجيان ڪرڻ گهرجي ۽ واري واري سان سڀني کي موقعو ملڻ گهرجي، جيڪو ملندو به رهندو آهي. اڃان به ڪوشش اها ڪجي ته جيڪي اميدوار ماضيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي عهدن تي ڪم ڪري چڪا آهن سي وري نون اميدوارن لاءِ ڪرسي خالي ڪن ته جيئن انهن کي به اڳتي اچي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي.

ملڪي چونڊن يا ادبي سنگت جي چونڊن جي تاريخ ڏسجي ته عام طور تي چونڊن جي وقت تي اميدوار چوندجڻ لاءِ وڏي محنت ڪندا آهن پر جڏهن چونڊجي ويندا آهن ته پوءِ عهدا وٺي گم ٿي ويندا آهن ۽ وري تڏهن جاڳندا آهن جڏهن نئين چونڊ جي تاريخ طئي ٿيندي آهي. اهو رويو تبديل ٿيڻ گهرجي.. هي ڪم ته آهي ئي رضاڪاراڻو، جيڪڏهن اوهان کي سنڌي ادبي سنگت لاءِ ڪو پروگرام ناهي ۽ وقت ناهي ته پوءِ سکڻي عهدي ماڻڻ لاءِ پنهنجو ۽ ٻين جو وقت ضايع نه ڪريو پر انهن نون ماڻهن کي موقعو ڏيو جن وٽ ادبي سنگت لاءِ پروگرام يعني منشور به هجي ۽ وقت به هجي.  سو اصل ڳالهه چوندن جي ان مقصد کي سمجهڻ جي آهي، مخالفت براءِ مخالفت ۽ دشمني پاڙڻ جي ڪا ضرورت ناهي، انهن اميدوارن کي موقعو ملڻ گهرجي، جن وٽ سنڌي ادبي سنگت جي بهتري لاءِ نئون پروگرام هجي، منشور هجي ۽ مڪينزم هجي ته اهي چونڊجي ايندا ته پنهنجي پروگرام تي ڪيئن عمل ڪندا، سندن طريقيڪار ڇا هوندو.

سو چونڊن ۾ بيهڻ جو طريقيڪار ڀلي جيڪو به هجي پر ڪوشش ڪجي ته انهن اميدوارن کي چونڊجي جن وٽ سنگت جو ڪو پروگرام ۽ طريقيڪار هجي. اها چونڊ مقابل ٻه پئنل گڏجي ڪري به سگهن ٿا. اهڙي جمهوري لاڙي جي ضرورت آهي جنهن کي اسان صحتمند لاڙو سمجهون ٿا. ٻيو اها به روايت پوڻ گهرجي ته جڏهن ڪو هڪ پينل چوند کٽي ته پوءِ ٻيو بظاهر مخالف پينل اخلاقي طور اسان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي غير مشروط آڇ ڏئي. ڇاڪاڻ ته هي رضاڪاراڻو ڪم آهي ڪنهن ڪمائي ۽ روزگار جو ڪو ذريعو ناهي پر ادبي سنگت جو ڪم سراپا خدمت آهي. تنهن ڪري چوندن کي خدمت جو هڪ ذريعو سمجهڻ گهرجي.

افسوس ته ماضيءَ ۾ اسان ڏٺوسين ته ادبي سنگت جي چوند کي سياسي ۽ ملڪي چوندن وانگر زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻايو ويو، جنهن ڪري سنڌي ادبي سنگت جو درست رخ ۾ نه ٿي سگهيو آهي. اسان وٽ اهو به رواج ناهي ته جيڪي پينل چونڊن لاءِ بيهن ٿا سي فيس بڪ تي پنهنجي ماضيءَ جي ڪارڪردرگي پيش ڪري سگهن ته گذريل باڊيءَ هيءَ ڪم ڪيا. اهڙي اخلاقي جرئت جو رواج پڻ پيدا ٿيڻ گهرجي. جيئن چونڊن ۾ حصو وٺندڙ ميمبرن جي آڏو سندن ڪارڪردگي جو نمونو اچي سگهي. جيستائين سنڌي ادبي سنگت جي خير خواهن جو تعلق آهي ته اهي ڪنهن پينل جا مخالف ناهن، اهي صرف ۽ صرف سنڌي ادبي سنگت جي ڀلائي ۾ ٿيندڙ ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ جا ووٽر آهن ۽ حامي آهن، يا هئڻ گهرجن. اسان کي صرف ۽ صرف سنڌي ادبي سنگت جو وجود ۽ ان جي بقا جو سوال پيارو آهي. سو هر پينل کي اها ئي گذارش آهي ته سنڌي ادبي سنگت جي ڀلائي ۽ ترقيءَ لاءِ ڪم ڪريو ان چونڊ کي مخالفت، دشمني يا زندگي ۽ موت جو مسئلو نه بڻايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.