ورلڊ بينڪ جي صدر جا بيروزگار نوجوانن بابت خدشا

حبيب ٽالاڻي

ورلڊ بينڪ جي صدر اجي بانگا ڪجھه ڏينھن اڳ ھڪ پرڏيھي نيوز ايجنسي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ نوجوانن کي نوڪريون فراھم ڪرڻ انتھائي ضروري آھي ان سلسلي ۾ حڪومت پاڪستان کي سنجيدگي سان قدم کڻڻ گھرجن. ھن چيو ته جيڪڏھن پاڪستان ۾ نوجوانن کي نوڪريون نه ڏنيون ويون ته ملڪ ۾ رڳو بيروزگاري ۾ اضافو ڪو نه ٿيندو پر بدامني ۽ لڏ پلاڻ جھڙن مسئلن ۾ پڻ ريڪارڊ اضافو ڏسڻ ۾ ايندو جنھن جا اندروني ملڪي حالتن تي سخت ناڪاري اثر پوندا ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته بيروزگاري جي خاتمي لاءِ حڪومت کي سال ۾ 30 لک نوڪرين جي ضرورت پوندي مطلب ته ايندڙ ڏھن سالن ۾ حڪومت کي 3 ڪروڙ نوڪريون پيدا ڪرڻيون پونديون.

نوڪرين جو اهو ھڪ تمام وڏو انگ آھي جيڪو حڪومت اڳيان ھڪ وڏو چئلنج آھي پر اھڙي چئلنج کي قبول ڪرڻ حڪومت لاءِ انتھائي ضروري آھي اھو ان ڪري ته روزگار جو ڳانڍاپو سڌي طرح سان ملڪ جي نوجوان نسل سان ڳنڍيل آھي نوجوان نسل قومن جا اثاثا ھوندا آھن ۽ قومي اثاثن جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جي ذميواري ھوندي آھي ورلڊ بينڪ جي صدر پاران روزگار نه ھجڻ جي ڪري مستقبل ۾ روزگار جي تلاش ۾ وڏي لڏ پلاڻ جي ڳالھ ڪئي وئي پر اسان سنڌ واسي اڳ ۾ ئي اھڙي لڏپلاڻ جي ڪري گھڻو ڪجھ ڀوڳي چڪا آھيون ۽ اڃان به ڀوڳون پيا ان حوالي سان يعني روزگار جي تلاش ۾ لڏ پلاڻ واري پاسي نھارجي ته ملڪ ۾ زورگار جي تلاش ۾ ٿيندڙ لڏ پلاڻ جو سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ صوبي جي ماڻھن کي برداشت ڪرڻ پيو اھو ان ڪري ته روزگار جي تلاش ۾ بلوچستان ڪي پي ڪي ۽ پنجاپ جي سرائڪي بيلٽ مان گذريل ڇهھ ست ڏھاڪن اندر لکين ماڻھو لڏ پلاڻ ڪري اچي ڪراچي ۾ آباد ٿيا .ملڪ جي مختلف علائقن مان  وڏي انگ ۾ روزگار جي لاءِ ھڪڙي شھر ڪراچي اچڻ جي ڪري اھي لکين ماڻھو سنڌ جي تعليم صحت جي سھولتن وسيلن ۽ روزگار مٿان بار ٿي پيا جنھن جو نقصان سنڌ جي ماڻھن کي کڻڻو پيو ٻاھرين علائقن مان آيل ماڻھن جي ڪري سنڌ ۾ روزگار جا ذريعا گھٽجي ويا جنھن جي ڪري سنڌ صوبي ۾ بيروگاري ۾ اضافو ٿيو.

جيڪڏھن حڪومت سڄي ملڪ جي نوجوانن لاءِ انھن جي پنھنجن علائقن ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ پلاننگ ڪري ھا ته لکين ماڻھو روزگار جي تلاش ۾ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ اچي آباد نه ٿين ھا ۽ نه وري اڄ سنڌ ۾ ايتري قدر بيروزگاري ھجي ھا ياد رھي ته ورلڊ بينڪ پاڪستان سان ھر سال مختلف پراجيڪٽن ۾ اربين روپين جي ڀائيواري ڪندو آھي ورلڊ بينڪ جي صدر پاران اسان جي ملڪ جي نوجوان نسل جي روزگار بابت ظاھر ڪيل خدشا ۽ اھو چوڻ ته نوجوانن کي روزگار نه ملڻ جي ڪري بدامني ۽ لڏ پلاڻ جھڙا مسئلا ڪر کڻي سگھن ٿا اھڙو انڪشاف مستقبل جي ملڪي معيشت امن امان توڙي اسان جي نوجوان نسل جي بھتر مستقبل لاءِ ھڪ خطري جي گھنٽي آھي ياد رھي ته ورلڊ بينڪ جي صدر پاران اھڙا خدشا ان مھل ظاھر ڪيا ويا آھن جڏھن ھڪ پاسي ملڪ ۾ دھشتگردي عروج تي پھتل آھي ته ٻئي پاسي ملڪي معيشت سخت مشڪلاتن جي ور چڙھيل آھي. ان ڳالهھ ۾ ڪو به شڪ ناھي ته ملڪ ۾ روزگار جا ذريعا وڌڻ وارو ريشو انتھائي گھٽ آھي جڏھن ته روزگار ڪرڻ واري عمر تي پھنچندڙ نوجوانن جو انگ ان کان سوين ڀيرا وڌيڪ آھي جتي ملڪ ۾ ھڪ پاسي روزگار جا ذريعا اڳ ۾ ئي گھٽ آھن اتي پيدواري يونٽن جو بند ٿيڻ سان بيروزگاري ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو پيو وڃي. ورلڊ بينڪ جي صدر جو چوڻ آھي ته پاڪستان ۾ 90 سيڪڙو روزگار جا ذريعا خانگي سيڪٽر مان پيدا ٿيندا آھن جنھن ۾ صنعتي يونٽن جو اھم ڪردار ھوندو آھي پر اسان وٽ حڪومت صنعتي يونٽن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ جوڳا اپاءَ کڻڻ کان لاچار نظر اچي ٿي جنھن جي ڪري صنعتي يونٽون بند ٿي رھيون آھن جنھن جو سڌو اثر ملڪي معيشت ۽ روزگار مٿان پئجي رھيو آھي اھو پڻ ياد رکڻ گھرجي ته صنعتي يونٽن ۾ 80 سيڪڙي کان وڌيڪ نوجوان روزگار سان جڙيل ھوندا آھن ان ڪري صنعتي يونٽون بند ٿيڻ سان روزگار جي حوالي سان اسان جو نوجوان نسل سڌي ريت سخت متاثر ٿيندو آھي.

ڪجهھ ڏينھن اڳ ملڪ جي شماريات کاتي پاران اھو ڄاڻايو ويو ته مالي سال 2025/26 جي شروعاتي 7 مھينن دوران ملڪي برآمداد جو ڪاٿو 18.19 ارب ڊالر ريڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي شروعاتي ست مھنن جي ڀيٽ ۾ 7.1 فيصد گھٽ آھي گذريل سال شروعاتي ستن مھينن ۾ برآمدگي واپار 19.58 فيصد ريڪارڊ ڪيو ويو ھو جنھن مان اھو ظاھر ٿي رھيو آھي ته ملڪي معيشت جي ترقي کي بريڪ لڳي چڪو آھي معيشت ڪمروز ٿيڻ جي ڪري روزگار جا ذريعا به تيزي سان گھٽجي رھيا آھن جنھن جي ڪري نوجوان نسل بيچيني جي ور چڙھي رھيو آھي جنھنجو فائدو ملڪ دشمن دھشتگرد تنظيمون کڻي رھيون آھن ملڪ ۾ ھڪ وڏي عرصي کان دھشتگردي جون جيڪي ڪاروايون ٿي رھيون آھن جيڪڏھن دھشتگردي جي اھڙن واقعن جي ڪجهھ سالن جي ريڪارڊ تي نظر ڦيرائي ڏسجي ته دھشتگردي جي عام واقعن توڙي خودڪش حملن ۾ گھڻي ڀاڱي ننڍي عمر جا نوجوان استعمال ٿيندا رھيا آھن جيڪي برين واش بعد اھڙن حملن لاءِ آساني سان تيار ٿي ويندا آھن ھر واقعي کان پوءِ صرف دھشتگردن کي ڳولھيو ويندو آھي پر ڪڏھن به اھو نه سوچيو ويو ته نوجوان نسل آخر گمراھي طرف وڃي ڇو ٿو؟ اصل ۾ ان جو اھم سبب نوجوانن کي برابري جي بنياد تي روزگار جا وسيلا فراھم نه ٿيڻ آھي جنھن جي ڪري نوجوان نسل گمراھي طرف مائل ٿي ويندو آھي اڄ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ٻري رھيا آھي اسان جي حڪومت ڪجهھ به چوي پر حقيقت اھا آھي ته بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ ھر ھر ٿيندڙ آپريشن ۽ وڏي انگ ۾ دھشتگردن جي مارجڻ باوجود به اتي حالتون بھتر ڪو نه ٿيون ٿين جنھن جو اھم سبب نوجوانن ۾ موجود بيچيني ۽ بيروزگاري آھي ان بيروزگاري جي ڪري بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ نوجوان نسل تيزي سان ملڪ دشمن قوتن جي گرفت ۾ وڃي رھيا آھن. ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ جيڪي به دھشتگردي جون ڪاروائيون ٿين ٿيون انھن ڪاروائين ۾ اڌ کان وڌيڪ دھشتگردن جي عمر ٽيھه سالن کان گھٽ ھجي ٿو جڏھن ته ھي ھڪ اڻ وڻڻندڙ سچ آھي ته ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ نوجوان نسل تيزي سان ويڙھاڪ تنظيمن طرف مائل ٿي رھيو آھي جنھن جو مکيا ڪارڻ نوجوانن لاءِ روزگار جا بھتر ذريعا نه ھجڻ آھي.

اسان جي حڪومت دھشتگردي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ته ھٿ پير ھڻي ٿي پر نوجوان نسل جو دھشتگردن طرف مائل ٿيڻ واري پاسي کي نظر انداز ڪندي رھي آھي جن ماڻھن بلوچستان جي حالتن کي صرف ميڊيا تي پڙھڻ ۽ ٻڌڻ بدران پنھنجي اکين سان ويجھي کان ڏٺو آھي انھن کان پڇي وٺجي ته ڪيئن بلوچستان ۾ دھشتگرد تنظيمن پاران نوجوانن کي گاڏيون پئيسا ھٿيار موبائل سميت مختلف مالي سھولتون فراھم ڪري دھشتگردي جي واقعن ۾ انھن کي استعمال ڪيو پيو وڃي. اھا صورتحال صرف بلوچستان ۾ نه ڪي پي ڪي ۾ به ساڳئي حالت آھي جتي مختلف سرحدي علائقن ۾ ھٿيار کڻي رياست سان وڙھڻ ڄڻ ته ٽرينڊ بڻجي چڪو آھي اھڙي ٽرينڊ کي ٽوڙڻ آسان ناھي اھو ئي سبب آھي ته ڪيترن ئي آپريشنز باوجود دھشتگردي ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي کڻي حڪومت کي رڳو آپريشنز تي ڌيان ڏيڻ بدران ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ نوجوانن جي روزگار واري مسئلن تي خاص ڌيان ڏيڻ کپي جيئن دھشتگرد پيدا ٿيڻ وارو سلسلو بند ٿي سگھي ان لاءِ حڪومت کي نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻا پوندا ملڪ مان دھشگردي رڳو فوجي طاقت ۽ آپريشنز جي بنياد تي ختم نه ٿيندي دھشتگردي جي خاتمي لاءِ سڀني قومن جي نوجوانن کي برابري جي بنياد تي پنھنجن پنھنجن علائقن ۾ روزگار تعليم ۽ تحفظ فراھم ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.

حڪومت کي ورلڊ بينڪ جي صدر پاران نوجوانن لاءِ روزگار جا وسيلا تيزي سان گھٽجڻ جي نشاندھي واري ڳالهھ کي سنجيدگي سان وٺڻ گھرجي جيئن اسان پنھنجي نوجوان نسل جو دھشتگردن جي ھٿن ۾ وڃي استعمال ٿيڻ واري عمل جي رستا روڪ ڪري سگھون ۽ پنھنجي نوجوانن کي روزگار جا موقعا مهيا ڪري کين ذميوار شھري بڻائي سگھون جيئن اسان جو نوجوان نسل  پنھنجي ملڪ ۽ معاشري جي بھتري لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪري سگھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.