ڊِپارچَر لائُونج مُهين جو دڙو سفاري ريل گاڏي

ياسر قاضي

حصو پھريون

سنڌ سرڪار جي ثقافت ۽ سيّاحت کاتي پاران سنڌ جي سيّاحت جي واڌاري لاءِ ويجهڙ ۾ جيڪي قدم کنيا ويا آهن، انھن ۾ هڪ سفاري ريل گاڏيون هلائڻ جو قدم به آهي، جنھن قسم جا تجربا اڳ ۾ پنجاب ۾ ته ٿيندا رهيا آهن، پر سنڌ ۾ اهڙو ڪوبه تجربو اڳ ۾ ڪونھي ڪيو ويو. ’پاڪستان ٽُوئرزم ڊويلپمينٽ ڪارپوريشن‘ (PTDC) پاران هينئر به راولپنڊي ــ اسلام آباد کان اٽڪ تائين هڪ سفاري ريل گاڏي هلائي پئي وڃي، جيڪا سيّاحن کي ان رُوٽ (دڳَ) جا منفرد ۽ دلڪش نظارا پسائيندي، ساڳئي ڏينھن واپس ايندي آهي. سنڌ سرڪار پاران ان قسم جو تصوّر سنڌ جي ثقافت کاتي جي نؤجوان وزير، سيّد ذوالفقار علي شاهه گذريل سال ڏنو، جنھن سال کن اڳ پھرين ”ٿر ڊزرٽ سفاري ريل گاڏي“ هلرائڻ شروع ڪئي، جنھن جو باضابطه اعلان گذريل سال 7 جنوري 2025ع تي ڪيو ويو ۽ ان سلسلي جي پھرين ٽرين، گذريل سال فيبروريءَ ۾ هلائي وئي، جيڪا 8 فيبروري 2025ع تي ڪراچي ڇانوڻيءَ جي ريل اڏي تان رواني ٿي ۽ ڪوٽڙي، حيدرآباد، ميرپورخاص، جمڙائو جنڪشن، شادي پليءَ، پٿوري، ڍوري ناري ۽ ڇور کان ٿيندي، کوکري پار پھتي ۽ سيّاحن کي ”پرچي جي ويڙهي“ زيرو پوائنٽ تي ڪئمپن ۾ رات رهائي وئي، مچ جي سيڪَ تي راڳ ٻڌرايو ويو ۽ آچر 9 فيبروريءَ جي صبح جو پاڪ ــ ڀارت سرحد تان نظارو ڪرائي واپس کوکري پار ريلوي اسٽيشن تان ريل رستي ڪراچيءَ موٽائي آندو ويو. هن سفاري ريل جي سفر جو ڪرايو 32 هزار روپيه في سيّاح رکيو ويو، جنھن تي وڏي دانھن ٿي ته اهو ڪرايو الاھي گهڻو آهي. ان سلسلي جي ٻئين ريل، ان جي ٻن هفتن بعد 22 فيبروري 2025ع تي وڃي 23 فيبروري 2025ع تي واپس آئي. ٽين ’ٿَر ڊزرٽ سفاري‘ 26 فيبروري 2025ع تي کوکري پار وڃي 27 فيبروري 2025ع تي واپس ڪراچيءَ آئي. ان وچ ۾ رمضان جو مھينو اچي ويو ۽ پوءِ اونھارو اچي ويو، جنھن ۾ سخت گرميءَ سبب هيءَ ريل گاڏي هلائڻ ممڪن نه ٿي سگهيو. لڳ ڀڳ 10 مھينن کانپوءِ هيلوڪي سياري ۾ وري ان ”ٿر ڊِزَرٽ سفاري ريل“ جو اجراء ڪيو ويو ۽ ان سلسلي جي مجموعي طور چوٿين ريلَ گاڏي 20 ڊسمبر 2025ع تي ڪراچيءَ مان هلي، جيڪا آچر 21 ڊسمبر 2025ع تي واپس ڪراچيءَ پھتي. پھرين ڀيري جيڪو ڪرايو 32 هزار روپيه في سيّاح رکيو ويو هو، ان جي موٽ نه ملڻ سبب هن ڀيري اهو ڪرايو گهٽائي 15 هزار روپيه في مسافر رکيو ويو. پنجين ريل گاڏي 3 جنوري 2026ع تي ڪراچيءَ مان کوکري پار رواني ٿي، جيڪا ٻئين ڏينھن آچر 4 جنوري 2026ع تي موٽي آئي. ان سلسلي جي ڇھين ٿر سفاري ريلَ هن هفتي ڇنڇر 14 فيبروريءَ تي کوکري پار وڃي آچر 15 فيبروري 2026ع تي واپس ايندي، جنھن جو ڀاڙو وري وڌائي 20 هزار روپيه في سيّاح رکيو ويو آهي.

23 ڊسمبر 2025ع تي ”يونيسڪو“ پاران بوڻينڊي (ساز) کي جڏهن عالمي ورثو قرار ڏيڻ جي خوشيءَ ۾ ڪراچيءَ ۾ بوڻينڊي جو جشن ملھايو ويو، ته ان ۾ وزير صاحب اهو اعلان ڪيو ته هاڻي اسان ”مھين جو دڙو سفاري ٽرين“ به هلائڻ وارا آهيون. هن ريل گاڏيءَ جو باقاعدي عوام لاءِ اعلان 7 جنوري 2026ع تي ڪيو ويو ۽ ان سلسلي جي پھرين ريل گاڏي 31 جنوري 2026ع تي ڪراچيءَ مان رواني ٿي، جيڪا لاڙڪاڻي ۽ مھين جي دڙي وڃي، ٻئين ڏينھن ــ پھرين فيبروري 2026ع تي واپس ڪراچيءَ پھتي، جنھن جو ڪرايو 20 هزار روپيه في سيّاح مقرر ڪيو ويو. هن ريل گاڏي هلائڻ کان اڳ ثقافت ۽ سياحت کاتي کي ان ڳالھه جو جائزو ضرور وٺڻ گهربو هو، ته ڪراچيءَ کان لاڙڪاڻي تائين جو ريلوي ٽريڪ ڪيترو خسته حال آهي، جنھنڪري ان ٽريڪ تي هلندڙ ريگيولر ريل گاڏيون تباھه حال ٿي چڪيو آهن. هن وقت ان ٽريڪ تي هڪ عدد پئسينجر ريل (لاڙڪاڻي کان ڪوٽڙي) کان علاوه اهم ريل گاڏين منجهان رڳو ٻه ريل گاڏيون هلن ٿيون، جيڪي ڪراچيءَ کان لاڙڪاڻي تائين جو سفر 11 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت ۾ طئي ڪن ٿيون. جڏهن ته اهو سفر روڊ رستي وڌ ۾ وڌ 6 ڪلاڪن جو آهي. ’سنڌ ٽُوئرزم ڊويلپمينٽ ڪارپوريشن‘ جيڪڏهن ان ڳالھه کي نظر ۾ رکي ها ته شايد ان ٽريڪ تي اها ريل گاڏي هلائڻ جو فيصلو ٽريڪ جي مرمت تائين نه ڪري ها!

31 جنوري 2026ع تي اها اسپيشل ”مُھين جو دڙو سفاري ريل گاڏي“ صبح جو 9:00 لڳي ڪراچي ڪينٽ ريلوي اسٽيشن تان رواني ٿي. هن افتتاحي ريل گاڏيءَ ۾ مون سميت 100 جي لڳ ڀڳ صحافين، سيّاحن، يُوٽيُوبرن، وي لاگرن ۽ ٻين پرنٽ، اليڪٽرانڪ توڙي سوشل ميڊيا سان سلھاڙيل دوستن سفر ڪيو. سينيئر صحافين ۾ محمود شام ۽ سينيئر دانشورن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر سيّد جعفر احمد ۽ ناميارو آرڪيالاجسٽ، پروفيسر الطاف اثيم به سفر جا ساٿي هئا. مونکي پنھنجن ٻن خانگي ريڊيو چئنلن ۽ هڪ ٽي وي چئنل پاران ڪوريج لاءِ هن افتتاحي ريل گاڏيءَ جي وفد ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي هئي. مونسان گڏ منھنجي ڪمپارٽمينٽ ۾ سينيئر صحافي ۽ اديب ــ طارق عزيز شيخ ۽ پاڪستاني اڀياس جو ماھر ۽ جمشيد نسروانجيءَ جي خدمتن تي ايم. فل ڪندڙ اسڪالر دوست ــ هوش محمّد جوڻيجو سفر جا ساٿي هئا. هن ريل گاڏيءَ ۾ بزنس ڪلاس جُون 3 بوگيون ۽ هڪ کاڌي جو گاڏو (ڊائننگ ڪار) شامل ڪيو ويو. ان کان علاوه ريل گاڏيءَ جو ايئرڪنڊيشن ڪنٽرول سنڀالڻ لاءِ هڪ ”پاور وين“ شامل هئي. مجموعي طور تي 4 گاڏن تي مشتمل اها ريل گاڏي 15 منٽ دير ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تان صبح 9:15 لڳي رواني ٿي. ڪراچيءَ مان نڪرڻ سان ئي مسافرن کي نيرن ڏني وئي. ريل گاڏي اڍائي ڪلاڪن ۾ ڪوٽڙيءَ پھتي، جيستائين وزير صاحب، سيّد ذوالفقار علي شاھه مسافرن جو ساٿ ڏنو، جنھن بعد هو لھي ويو، ڇاڪاڻ ته ان شام کيس ثقافت کاتي پاران حيدرآباد ۾ منعقد ٿيل مچ ڪچھريءَ ۾ شرڪت ڪرڻي هئي. ڪوٽڙيءَ ۾ مقامي ميڊيا پاران ريل گاڏيءَ جو استقبال ڪيو ويو. لڳ ڀڳ 20 منٽن جي اسٽاپ کانپوءِ ريل پنھنجو سفر ڄامشوري، پيٽاري، خاڻوٺ، مانجهند، سن، آمري ۽ لڪي شاھه صدر رستي سيوھڻ تائين طئي ڪيو. ٽريڪ جي خسته حاليءَ سبب ريل سست رفتاريءَ سان پنھنجي طئي ٿيل وقت (1:30 لڳي منجهند) کان ٻه ڪلاڪ پوءِ 3:30 لڳي سيوھڻ پھتي. ان کان اڳ لڪي شاھه صدر ۽ سيوھڻ جي وچ ۾، لڪي جبلن جي قطار جي دامن ۾ بلنديءَ تان گذرندڙ وَڙوَڪڙ ريل رستن جي سھڻن نظارن کي چڱيءَ ريت فلمبند ڪرڻ لاءِ ’ايئرڪنڊيشن غار‘ جي مٿان ريل گاڏيءَ کي روڪيو ويو، جتان پريان سنڌو درياھه جو سھڻو نظارو سيّاحن کي ڀليڪار چئي رھيو هو. هتي لھي ميڊيا جي دوستن تصويرڪشي ۽ ويڊيوگرافي ته ڪئي، پر کاتي پاران کين گائيڊ ڪرڻ جو ڪو اهتمام ڪونه هو ته هي ماڳ ڪھڙو آهي، هي جابلو سلسلو ڇا ٿو چورائي، هي ماڳ ڪيترو پراڻو آهي ۽ ان جي تاريخي ۽ ثقافتي اهميت ڇا آهي. ان وضاحت کانسواءِ اتي ترسڻ ۽ منظرن کي محفوظ ڪرڻ جو اهو سڄو عمل وائڙو لڳو.

سيوھڻ ۾ 3:30 لڳي کان 5:00 لڳي تائين ڏيڍ ڪلاڪ ريل جو اسٽاپ رھيو. سيوھڻ اسٽيشن پھچڻ تي پڻ دهلن شرنائين سان ريل گاڏيءَ ۽ ان ۾ سوار اسان سيّاحن جو استقبال ڪيو ويو. هتي پڻ مقامي ميڊيا جا نمائندا ڪوريج لاءِ پھتل هئا. سيوھڻ ريلوي اسٽيشن تان عام مسافر وئگنن، سيّاحن کي کڻي لال شھباز قلندر جي درگاھه تي پھچايو. جتي پڻ بنا ڪنھن بريفنگ جي هر ڪنھن پنھنجي منھن سان روضو ڏٺو، تصويرون ڪڍرايون ۽ واپس روانا ٿيا. نه ته کاتي پاران اتي وفد لاءِ خاص ڌمال جو اهتمام به ٿي پئي سگهيو. (جيڪا درگاھه جي خاص سڃاڻپ آهي) ۽ سيّاحن کي ثقافت کاتي پاران جوڙيل ميوزيم به ڏيکاري پيو سگهجي يا شھباز آڊيٽوريم ۾ لال شھباز قلندر جي شخصيت ۽ زندگيءَ بابت ڪا مختصر ڊاڪيومينٽري به ڏيکاري سگهجِي پئي. سيوھڻ جي سوڙھن رستن سبب واپسيءَ ۾ درگاھه آڏو ساڳين وئگنن کي مسافر کڻڻ ۾ ڪافي تڪليف ٿي ۽ وقت لڳو.

انھن ئي وئگنن، جن سيّاحن کي اسٽيشن کان درگاھه تائين رسايو هو، انھن تي واپس اسٽيشن آياسين. هن رُوٽ تي هلندڙ ريل گاڏين جي گهٽ تعداد هئڻ سبب ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي چانھه جا اسٽال ويران نظر آيا ۽ اسٽيشن تي ڪوبه اسٽال کليل ڪونه هو. فقط هڪ اسٽال تي پاڻيءَ جي سبيل لڳل هئي. 5:00 لڳي ريل گاڏيءَ سيوھڻ اسٽيشن ڇڏي. ريل جي رفتار وڌيڪ سست ٿي وئي. ڀان سيّد آباد اسٽيشن اُڪري دادوءَ پھتاسين ته پليٽ فارم تي هڪ مقامي پي پي پي اڳواڻ پاران سفاري ريل جي استقبال لاءِ موڪليل ڪارڪنن جي هٿن ۾ پي پي پيءَ جا جهنڊا ۽ ان اڳواڻ جي فوٽن وارا بينر ڏسي ۽ ”جيئي ڀٽو“ جا نعرا ٻڌي ايئن لڳو ته اسان ڪنھن سياسي جلوس ۾ پھچي چڪا آهيون. هن استقبال ڪندڙ هجوم کي شايد ٻڌايو ويو هو ته ثقافت جو وزير صاحب پاڻ ريل گاڏيءَ سان گڏ اچي رھيو آهي، تنھنڪري هو هر دٻي طرف ڊوڙي سندس لھڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا، پر کين مايوسي ٿي. دادو اسٽيشن تي سج لھي چڪو هو ۽ 10 منٽ کن ان ’پِيپلايلَ‘ استقبالي قافلي سان منھن ڏيڻ کانپوءِ ريل گاڏي لاڙڪاڻي طرف رواني ٿي. دادوءَ کان لاڙڪاڻي تائين انتھائي خسته حال ريلوي لائين جو عالم اهو هو ته گاڏي 35 يا 40 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار کان وڌيڪ نه پئي چُرِي. اهو ئي سبب آهي جو لڳ ڀڳ سوا 6 لڳي دادوءَ مان نڪتل ريل گاڏي رات 9:30 لڳي لاڙڪاڻي پھتي. ان سوا يا ساڍن 3 ڪلاڪن ۾ سيّاح جيترا بيزار ٿيا ۽ ٿَڪا، اوترا باقي سموري سفر جي دؤران ڪونه ٿڪا هئا. هيءَ سفاري ريلَ مجموعي طور اڍائي ڪلاڪ ليٽ لاڙڪاڻي جنڪشن پھتي. يعني جنھن کي شام 7:00 لڳي منزل تي پھچڻو هو، اها اچي ساڍي 9 لڳي پليٽ فارم نمبر 1 تي لڳي. لاڙڪاڻي ريل اڏي پھچڻ شرط ٻن بسن رستي اسان STDC جي هوٽل ”سمبارا اِن“ پھتاسين، جتي سيّاحن جي رھائش جو انتظام ٿيل هو. پر ڪمرن جي حصول تي وڏي لٺ لڳل هئي. ريل گاڏيءَ ۾ لاڙڪاڻي پھچڻ کان اڳ ڪن مسافرن کي ته سفر دؤران ئي آگاھه ڪيو ويو هو ته انھن جو ڪمرو نمبر ڪھڙو آهي، پر وفد جي گهڻن فردن کي سندن ڪمرن بابت ڪونه ٻڌايو ويو هو، جنھنڪري هوٽل استقباليه تي تمام گهڻي بدنظمي ڏسڻ ۾ آئي. هوٽل ۾ ڪمرن جي گهڻي تعداد هجڻ باوجود هڪ هڪ ڪمري ۾ چئن چئن ڄڻن کي ترسايو پئي ويو. نه رڳو اهو، پر دير سان پھچڻ سبب هر ڪنھن کي تنبيھه پئي ڪئي وئي ته ڪمري ۾ بس سامان رکي ان وقت ئي رات جي ماني کائڻ لاءِ هوٽل جي احاطي ۾ لڳل پنڊال ۾ پھچو! اهو لڳ ڀڳ رات سوا 10 لڳي جو وقت هو. سڀ مسافر تمام گهڻا ٿڪل به هئا، تنھنڪري وفد جا اڪثر فرد ڪمرن ۾ سامان رکي مانيءَ لاءِ لڳايل پنڊال ۾ پھتا. جتي مانيءَ سان گڏ موسيقيءَ جو پڻ انتظام ڪيو ويو هو. موسيقيءَ ۾ هڪ مقامي صوفي فنڪار فقير منور ابڙي کان علاوه ريل ۾ اسان سان گڏ ڪراچيءَ کان سفر ڪندڙ ’علڻ فقير جِي ڊمي‘ ــ فقير واحد بخش دائودپوٽي پنھنجي پُٽَ، ساجد واحد بخش سميت فن جو مظاهرو ڪيو. ماني کائي هر ڪو ’سمبارا اِن‘ ۾ پنھنجي پنھنجي ڪمري ڀيڙو ٿيو. (هلندڙ)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.