هارڊ اسٽيٽ رڳو سياسي مخالفن لاءِ آهي،وچ اوڀر بابت ڪجهه قوتون پاڪستان تي ڪاوڙيل آهن\سوشل ميڊيا

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)اسلام آباد ڌماڪي تي سوشل ميڊيا تي بحث جاري آهي،اي اين پي جي اڳوڻي اڳواڻ افراسياب خٽڪ ٽوئيٽ ڪيو آهي تهافرا سياب خٽڪ لکيو ته  هارڊ اسٽيٽ” رڳو پرامن سياسي اختلاف لاءِ سخت آهي۔ دهشتگردن لاءِ اها گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪافي نرم رهي آهي۔ دنيا کي خطري ۾ وجهندڙ سڀ کان خطرناڪ دهشتگرد تنظيمون به هتان ئي جنم وٺي چڪيون آهن۔ پر وڏي باس جي “فرنٽ لائين اسٽيٽ” بڻيل رهڻ جي لت ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي اسلام آباد ڌماڪي تي لاڳاپيل ادارن ۽ ايجنسين جي ناڪامي سبب سڄي ملڪ ۾ خوف ۽ عدم تحفظ جو احساس پيدا ٿيڻ انتهائي خطرناڪ صورتحال آهي.  صحافي مبشر زيدي لکيو ته حڪومت هر ڀيري ذميواري افغان يا ڀارت تي مڙهي پاڻ کي بري الذمه نٿا بڻائي سگهي۔پر سياسي مخالفن تي اهي اهڙو دٻاءُ وجهن ٿا ڄڻ ته سڀ کان وڏا دهشتگرد اهي ئي آهن،جماعت اسلامي جي اڳوڻي امير سراج الحق لکيو ته لاهور ۾ قاتل ڏور سان گڏ بسنت حڪومتي سرپرستي هيٺ جاري آهي،جڏهن ته بلوچستان، خيبرپختونخوا ۽ اسلام آباد رت ۾ لٿڙيل آهن۔پنجاب حڪومت کي گهرجي ته بسنت فوري طور بند ڪري،اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري لکيو ته بسنت بند ڪرڻ سان دهشتگردي ختم نه ٿيندي۔نفرت پکيڙيندڙ مدرسن ۽ مُلن کي بند ڪيو وڃي،اهي خودڪش حملي آور وري به توهان جا پنهنجا ئي نڪرندا، جيئن اڳ هميشه نڪتا آهن،پي ٽي آءِ ايم اين اي شاهد خٽڪ ٽوئيٽ ڪيو ته آخر ڪيستائين اسان صرف مذمتي بيانن ۽ ٽوئيٽس تائين محدود رهنداسين، ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو ته هڪ مسلم رياست جي گادي واري شهر ۾ فرقيواراڻا قتل؟ آخر غلطي ڪٿي آهي؟مان اهو موقف مڃي سگهان ٿو ته خودڪش بمبار افغان هو، پر ڇا هي صرف پرڏيهي سازش آهي؟يا وري مذهب جي غلط تشريح اسان جي سماج ۾ گهري طرح رچيل آهي؟هي ذهنيت ختم ڪرڻي پوندي۔مصطفيٰ نواز کوکر ٽوئيٽ ڪيو ته دهشتگردي مذهبي هجي يا لساني، خطرناڪ نموني سان وڌي رهي آهي، ۽ قومي يڪجهتي هن وقت جي سڀ کان اهم ضرورت آهي ليکڪ عائشه صديقا لکيو ته اسلام آباد ۾ ٿيل دهشتگردي جوٻيو ٽيون حصو ظاهر ڪري ٿو ته شايد لاهور به محفوظ ناهي۔هي ڪو سادو طالبان يا ٽي ٽي پي جو معاملو ناهي۔تجزيه نگارن کي پاڪستان جي وچ اوڀر ۾ فرقيوار ٽولي سان شموليت ۽ ڪجهه رياستي عنصر جيڪي اسلام آباد جي ڪردار کان خوش نه آهن تي پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.