لاهور(بيورو)پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز اسلام آباد ۾ امام بارگاهه ۾ ٿيل خودڪش ڌماڪي سبب بسنت سان لاڳاپيل سمورا پروگرام منسوخ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته “لبرٽي اسڪوائر تي شيڊول ڪيل ميگا بسنت شو پڻ منسوخ ڪيو ويندو،هن چيو ته اهو ضروري آهي ته قوم خارجين جي ناسور ۽ انهن جي همدردن خلاف متحد رهي، انهن سان ڪا به رعايت نه ڪئي وڃي، ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي هٿياربند فوجن سان ڪلهو ڪلهي سان گڏ بيٺل رهي.