اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ امام بارگاهه جي اندر آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 31 ڄڻا شهيد جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.پوليس موجب، ڌماڪو ترلائي ۾ جمعي جي نماز دوران امام بارگاهه خديجته الڪبرى ۾ ٿيو، آپگهاتي بمبار مسجد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ تي پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو.اسلام آباد انتظاميا تصديق ڪئي آهي ته ترلائي جي امام بارگاهه ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ شهيدن جو انگ وڌي 31 ٿي ويو آهي جڏهن ته 169 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.اسلام آباد انتظاميا جي ترجمان موجب، ڌماڪي کانپوءِ 169 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، جن کي اسلام آباد جي مختلف اسپتالن پمز، پولي ڪلينڪ ۽ ٻين ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب، پوليس نفري ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ عملو فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي ۽ گڏ ڪيا پيا وڃن.ذريعن جو چوڻ آهي ته امام بارگاهه ۾ ڌماڪو جمعي جي نماز دوران ٻي رڪعت دوران ان وقت ٿيو جڏهن نمازي سجدي ۾ هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته آپگهاتي بمبار پهرين فائرنگ ڪئي، جنهن کانپوءِ سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪارن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، ان دوران هن مُک دروازي وٽ پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو. آءِ جي اسلام آباد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن ڌماڪي ۾ سندس سئوٽ جو پٽ به شهيد ٿيو، جيڪو نماز پڙهڻ لاءِ ٽي ماڙ عمارت ۾ موجود هو. ڌماڪو ايترو شديد هو جو ويجهن عمارتن جا شيشا به ٽٽي پيا. اسپتال اختيارين موجب، ڌماڪي ۾ زخمين جو ڪُل تعداد 100 کان وڌيڪ آهي، جتي 60 کي پمز اسپتال، 13 کي پولي ڪلينڪ، 27 کي فيڊرل جنرل اسپتال ۽ 2 کي بينظير اسپتال آندو ويو آهي.ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف ترلائي ۾ امام بارگاهه جي اندر ٿيل ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي شهادتن تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي.وزيراعظم گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪري واقعي جي جاچ ڪري ترت ذميوارن جي نشاندهي جي هدايت ڪئي آهي. شهباز شريف چيو ته ڌماڪي جي ذميوارن جي نشاندهي ڪري کين قانون جي ڪهٽڙي ۾ آندو وڃي، هوڏانهن ڌماڪي واري هنڌ آپگهاتي حملو ڪندڙ ياسر جو شناختي ڪارڊ هٿ آهي،جوابدار 5 مهينا افغانستان ۾ رهيو،پشاور ۾ آپگهاتي حملو ڪندڙ جوابدارجي گهر تي ڇاپي ۾ ٻه ڀائر ۽ هڪ عورت کي گرفتار ڪيو ويو آهي
ڪراچي/اسلام آباد(رپورٽر/نمائندا) مجلس وحدت مسلمين جامع مسجد ۽ امام بارگاهه خديجة الڪبريٰ سانحي تي 3 ڏينهنجي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪيو علامه صادق جعفري جو چوڻ آهي ته دهشتگردي خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج ۽ ريليون ڪڍيون وينديون، شهيدن جي بلند درجن ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ويندي. مجلس وحدت مسلمين اسلام آباد سانحي خلاف نمائش چورنگي تي احتجاج ڪيو، جنهن ۾ علامه صادق جعفري، علامه مبشر حسن ۽ ٻين معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. قمبر مجلس وحدت المسلمین طرفان اسلام آباد واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو ان اڳواڻن، ضلعي صدر انصاف علي خليلي ،مولوي منظور علي، مولوي اسد ﷲ گوپانگ، حسين علي گوپانگ، شعيب احمد هڪڙو، سجاد علي سمون، ٻين احتجاجي مظاهري سان خطاب ڪندي هنن چيو ته ملڪ جي گادي واري شهر ۾ خودڪش ڌماڪو ٿيڻ ،سڪيورٽي سميت ڪيترن معاملن تي سوال اڀاري ٿو ،هنن چيو ته مساجد ۽ امام بارگاهه مٿان حملا ڪندڙ اسلام دشمن ۽ انسان دشمن آهن. ٽنڊي الهيار ڌرڻي کي خطاب ڪندي فرحان پتافي، مولانا معظم علي غديري، علمدار حيدري، سيد جان محمد شاهه، ايڊووڪيٽ صاحب ڪلوئي چيو ته ٽنڊي الهيار ترلائي اسلام آباد ۾ هڪ مسجد ۽ امام بارگاهه ۾ جمعي جي نماز دوران ڌماڪو کليل بربريت ۽ دهشتگردي جي بدترين شڪل آهي. ٽنڊي الهيار ڌرڻي کي خطاب ڪندي فرحان پتافي، مولانا معظم علي غديري، علمدار حيدري، سيد جان محمد شاهه، ايڊووڪيٽ صاحب ڪلوئي چيو ته ٽنڊي الهيار ترلائي اسلام آباد ۾ هڪ مسجد ۽ امام بارگاهه ۾ جمعي جي نماز دوران ڌماڪو کليل بربريت ۽ دهشتگردي جي بدترين شڪل آهي. هوڏانهن علامه ناصر عباس چيو آهي ته هي شيعه-سني مسئلو ناهي، هتي ماڻهو ڀائرن وانگر رهن ٿا، فرقن جي ڪا به ويڙهه ناهي. اهڙا ڪيترائي واقعا ٿيا آهن جن ۾ اسان جا سني ڀائر شهيد ٿيا آهن. هي ملڪ جي دشمنن جو عمل آهي؛ جيڪي ذميوار هئا، انهن پنهنجي ذميواري پوري نه ڪئي. ايجنسين غفلت ڪئي آهي. اسان جي نظر ۾، مجرم اهي آهن جيڪي ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت جا پابند هئا، هي هڪ ‘سيڪيورٽي جي ڀڃڪڙي’ آهي.