اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ) دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف اسلام آباد ۾ ٿيل خودڪش حملي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته هن ظلم جو جواب رياست پوري طاقت سان ڏيندي۔پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مسجد ۾ عبادت ڪندڙ نمازين کي شهيد ڪندڙ دين ۽ وطن جا دشمن آهن، ۽ حملي ۾ ملوث دهشتگرد جو افغانستان اچ وڃ ثابت ٿي چڪو آهي۔هن چيو ته ڀارت ۽ طالبان جي ڳٺ جوڙ جون ڪڙيون ملي رهيون آهن۔هن وڌيڪ چيو ته سيڪيورٽي گارڊز حملي آور کي چيلينج ڪيو، جنهن جي جواب ۾ هن فائرنگ ڪئي، ۽ خودڪش حملي آور نمازين جي آخري قطار۾ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو،هن چيو ته هن ظلم جو جواب رياست پوري قوت سان ڏيندي ڀارت عبرتناڪ شڪست کان پوءِ پنهنجي پراڪسيز ذريعي جنگ وڙهي رهيو آهي، ڇو ته هاڻي ڀارت ۾ سڌي ريت جنگ وڙهڻ جي همت ناهي، آهيهوڏانهن گهرو معاملن جي مملڪتي وزير طلال چوڌري امام بارگاهه تي ٿيل خودڪش ڌماڪي کي حڪومت ڀارت جي سرپرستي هيٺ ٿيندڙ دهشتگردي قرار ڏيندي واضح ڪيو آهي ته هي جنگ پاڪستان تي زبردستي مڙهي وئي آهي، پر رياست ان جنگ کي کٽڻ لاءِ وڙهي رهي آهي ۽ ان ۾ ڪامياب به ٿي رهي آهي،طلال چوڌري موجب، وزيراعظم ۽ گهرو وزير جي هدايتن تي هو پاڻ فوري طور پمز اسپتال پهتو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وئي وڃي،هن جو چوڻ هو ته خودڪش حمله آور افغان شهري نه هو، پر ان جا افغانستان سان لاڳاپيل ڪيترائي سفري رڪارڊ سامهون آيا آهنهن چيو ته دهشتگردي چاهي مذهب جي نالي تي ڏاڙهي رکي ڪئي وڃي يا لساني ۽ صوبائي نعريبازي تحت بي ايل اي جي صورت ۾ هجي، ان جو نمونو هڪ ئي آهي،هن ته هي دهشتگردي ڀارت جي اسپانسرڊ آهي ۽ پاڪستان وٽ ان جا پڪا ثبوت موجود آهن۔ بي ايل اي، ٽي ٽي پي سميت ٻين گروهن کي ڊالرن ۾ پگهارون ڏنيون وڃن ٿيون