ڪراچي(عوامي آواز نيوز)پ پ اڳواڻ شهلا رضا ٽوئيٽ ڪيو ته رت سان ڀريل لاش ۽ وکريل انساني عضوا، 100 کان وڌيڪ زخمي. سڄي ملڪ ۾ سوڳ جو ماحول آهي.ادا ٿيل چينلز (پيڊ چينلز) انساني عزت ۽ احترام کي ملحوظ رکن.هن بسنت جو حوالو ڏيندي لکيو ته خوشين وارا منظر ۽ موسيقي گهٽ ۾ گهٽ ٻن ڏينهن تائين آن ايئر نه ڪيا وڃن،پي ٽي وي اينڪر عشرت فاطمه لکيو ته ڪيتري عجيب آهي هي زندگي. هڪ ئي زمين،هڪ ئي آسمان.هڪ طرف گهرن ۾ کاڌو، ڇتن تي دهل، محلن ۾ روشنائيون، ۽ آسمان پتنگن سان ڀرپور،۽ ٻئي طرف نماز پڙهندڙن جو خون ۽ گهرن ۾ انهن جي وارثن جون رڙيون آهن،اينڪر امبر دانش لکيو ته اسان جي ميڊيا چينلز کي سنجيدگي سان بسنت جي ڪوريج کي گھٽائڻ جي ضرورت آهي.ناديا مرزا لکيو ته رقص جاري آهي موت جو به ۽ بسنت جو به ،