اسلام آباد (عمران شفقت) خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي وچ ۾ تازي ملاقات بظاهر هڪ معمولي سياسي واقعو هئي، پر اها پاڪستان تحريڪ انصاف جي اندروني سياست ۽ پارٽي جي عملي قوت بابت حيران ڪندڙ حقيقتن کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. هي ملاقات تحريڪ انصاف جي ڪجهه ڏينهن بعد 8 فيبروري تي ملڪ گير هڙتال جي ڪال کان اڳ ٿي، جنهن ذريعي وفاقي حڪومت ممڪن تڪرار کي روڪي ڇڏيو ۽ محاذ آرائي کي تعاون ۽ ڳالهين ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، تنهن هوندي به هن عمل پارٽي جي اندروني ڪمزوري ۽ سوشل ميڊيا جي طاقت کي نمايان ڪيو. سڀ کان وڌيڪ ڇرڪائيندڙ انڪشاف اهو آهي ته عمران خان جا سياسي فيصلا هاڻي اسٽيبلشمنٽ يا مخالفين جي دٻاءُ کان وڌيڪ پنهنجي سوشل ميڊيا فالوورز جي دٻاءُ تحت اثرانداز ٿين ٿا، جتي قيادت هڪ "ورچوئل” فوج جي اثر هيٺ قيد ٿي چڪي آهي، جڏهن ته زميني حقيقت ۾ پارٽي جي اسٽريٽ پاور ختم ٿي آهي. ٻيو اهم پاسو اهو آهي ته پارٽي جو سوشل ميڊيا پاڻ پنهنجن ئي اڳواڻن تي حملو ڪري ٿو، جتي جيڪو به اڳواڻ عملي سياسي حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ان کي "جنوني” آن لائن حامين جي تنقيد ۽ حملي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ان جو تازو ثبوت وزيراعليٰ سهيل آفريدي آهن، جن تي وزيراعظم سان ملاقات کان پوءِ شديد دٻاءُ وڌايو ويو ته هنن عمران خان جو ڪيس نه اٿاريو، ۽ هن دٻاءُ سبب انهن کي عوامي سطح تي وضاحت ڏيڻي پئي ته ملاقات سياسي نه هئي. ٽئين انڪشاف طور اهو ڏٺو ويو آهي ته حڪومت هڪ ملاقات ذريعي خاموش پر مؤثر سياسي ۽ تزويري فتح حاصل ڪئي، جتي رانا ثناء الله ۽ امير مقام جهڙن سينئر اڳواڻن جي موجودگي اهو ثابت ڪيو ته اها ملاقات سوچيل ۽ سمجهيل سياسي قدم هئي، جنهن سبب پي ٽي آءِ جي اندروني اتحاد ڪمزور ٿيو ۽ پارٽي جا حامي پنهنجن ئي وزيراعليٰ تي شڪ ڪرڻ لڳا. ان سڄي منظرنامي مان واضح ٿئي ٿو ته تحريڪ انصاف هڪ ڊجيٽل ڪن ۾ ڦاٿل آهي، جتي قيادت پنهنجن حامين جي قيد ۾ آهي، عمليت پسندي کي غداري سمجهيو وڃي ٿو. ڇا تحريڪ انصاف اڻ ڄاڻائي ۾ هڪ اهڙي طاقت پيدا ڪري ڇڏي آهي جنهن کي هاڻي پاڻ به ڪنٽرول نه ٿي ڪري سگهي.