ڪوئيٽا (م ڊ) سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ وڌيڪ 22 دهشتگرد مارجي ويا، 3 ڏينهن ۾ 177 دهشت گرد ماريا ويا، بلوچستان ۾ گذريل 3 ڏينهن دوران آپريشنن ۾ هن وقت تائين 177 دهشت گردن کيماريو ويو ، سڪيورٽي ذريعن موجب دهشت گردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي خلاف سڪيورٽي فورسز، انٽيليجنس ايجنسيز ۽ پوليس جو گهيراءُ تنگ ڪيو وڃي ٿو، گذريل 3 ڏينهن دوران جاري آپريشنز۾ هن وقت تائين 177 دهشت گردن کي ماريو ويو، سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته فورسز جو بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي دهشت گردن خلاف سينٽائيزيشن آپريشن جاري آهي، ۽ گذريل رات آپريشن دوران وڌيڪ 22 دهشت گردن کي ماريو ويو، ذريعن موجب دهشت گردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي وڌيڪ نقصان ۽ موت جا اطلاع پڻ ملي رهيا آهن، بلوچستان ۾ ڇنڇر ڏينهن بي ايل اي پاران 12 مختلف هنڌن تي حملا ڪيا ويا هئا، جنهن ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ عام شهرين جو به وڏو نقصان ٿيو ۽ تقريبن 93 دهشت گرد مارجي ويا هئا. انهن حملن کان پوءِ بلوچستان ۾ فورسز جو آپريشن جاري آهي، ٻئي پاسي ڪوئٽا کان چمن ۽ اندرونِ ملڪ لاءِ ٽرين سروس ٽئين ڏينهن به معطل رهي، ريلوي عملدارن موجب ڪوئٽا کان پشاور لاءِ جعفر ايڪسپريس ٽئين ڏينهن به روانه نه ٿي سگهي ۽ چمن لاءِ مسافر ٽرين پڻ رواني نه ٿي سگهي، جنهن جي سبب مسافرن کي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، ريلوي عملدارن موجب سيڪيورٽي سبب جي ڪري ٽرين سروس معطل آهي.