ڪراچي (رپورٽر) اڳوڻي ڊي آءِ جي ٽريفڪ پوليس چيف ڪراچي پير محمد شاهه کي عهدي تانهٽائڻ جي ڪهاڻي سامهون اچي وئي، ان سلسلي ۾ جاچ اختيارين جو چوڻ آهي ته پير محمد شاهه ذاتي طور اثر رسوخ استعمال ڪري هڪ واپاري کي اغوا ڪرائڻ جو الزام لڳايو ويو، آءِ جي سنڌ پوليس پير محمد شاهه کان واپاري اغوا ڪيس ۾ وضاحت طلب ڪئي هئي، جڏهن ته واقعي جي مختلف رخن تي جاچ جاري آهي، آءِ جي سنڌ پوليس جي خط ۾ چيو ويو آهي ته 19 ڊسمبر 2025 تي پير محمد شاهه حيدرآباد ۾ هڪ واپاري خلاف ڪيس داخل ڪرايو، جنهن ۾ 31 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، 14 جنوري 2026 جي شام حيدرآباد پوليس ڪراچي آئي ۽ ڊفينس فيز 6 مان ڄاڻايل واپاري کي کڻي وئي، جاچ اختيارين موجب واپاري جي مدد کان پوءِ حيدرآباد پوليس کيس ڇڏيو ۽ 22 جنوري تي واپاري جي مدعيت ۾ پير محمد شاهه خلاف گذري ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، فريادي دانش متين ٻڌايو ته هو 14 جنوري تي ڊفينس فيز 6 مان پنهنجي گهر کان آفيس وڃي رهيو هو، جڏهن اڇي رنگ جي گاڏي ۾ سوار 3 ماڻهن کيس روڪيو ۽ زبردستي گڏ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، درخواست گذار واپاري ٻڌايو ته ٻن ماڻهن پوليس يونيفارم جهڙا لباس پاتل هئا ۽ انهن 31 ڪروڙ رپين جو مطالبو ڪيو ۽ 30 لک رپيا ڀنگ گهريو، جوابدار کيس هاءِ وي جي ويجهو 10 لک رپيا وٺي ڇڏيو ۽ رات ساڍي 11 وڳي آفيس جي ويجهو ڇڏيو ويو، ايس ايس پي حيدرآباد موجب هن واقعي ۾ ملوث حيدرآباد پوليس جا 3 اهلڪار معطل ڪري ڇڏيا آهن، جن ۾ هڪ اي ايس آءِ ۽ ٻه ڪانسٽيبل شامل آهن،ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي پير محمد شاهه کي هٽايو ويو هو ۽ ان جي جڳهه تي مظهر نواز شيخ کي ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي، پهريان چيوويو ته پير محمد شاهه گل پلازا سانحي ۾ ٽريفڪ انتظام نه ڪرڻ تي هٽايو ويو آهي پر هاڻ ته ڳالهيون ئي ٻيون کلي رهيون آهن، جن جي جاچ جاري آهي.