ڪراچي(رپورٽر ) پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سينيٽر وقار مهدي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي بيان تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم صرف ڪراچي جي عوام جا گهر تباهه ڪيا ۽ قبرستان آباد ڪيا آهن۔ هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪريڊٽ تي جيڪڏهن ڪجهه آهي ته اهو صرف ايترو ته هن ڪراچي جي روڊن کي رت سان رنگين ڪيو۔ سينيٽر وقار مهدي چيو ته جڏهن به پيپلزپارٽي جي حڪومت ڪراچي جي عوام جي خدمت لاءِ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪري ٿي ته ايم ڪيو ايم کي سخت تڪليف پهچي ٿي۔هن الزام هنيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي اقتدار جي دورن ۾ ڪراچي لاءِ ڪا به قابل ذڪر خدمت انجام نه ڏني ايم ڪيو ايم جا ٽي ميئر رهيا پر انهن ڪراچي جي عوام کي ڪجهه به ڊليور نه ڪيو، هوڏانهن سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد ايم ڪيو ايم پاڪستان جي بيانن تي سخت ۽ جارحاڻو ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جا بيان سندن مايوسي، سياسي پريشاني ۽ وائڙائپ جو واضح ثبوت آهن. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جو خوف ايم ڪيو ايم جي اعصاب تي سوار آهي ۽ سندن ذهني توازن بگڙي چڪو آهي. سعديه جاويد پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ڪراچي جي عوام کي لسانيات جي باهه ۾ اڇلائيندڙ هاڻي ماضي جو قصو بڻجي چڪا آهن، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري عوام جي دلين ۾ رهندو آهي، ڪنهن جي مٿي تي سوار ناهي.
بلاول جي اعصابن تي ايم ڪيو ايم سوار آهي:ترجمان
ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ايم ڪيو ايم جي ترجمان چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي تقرير مان واضح ٿيو آهي ته ايم ڪيو ايم سندن اعصاب تي سوار آهي۔هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته تباهه حال سنڌ ۾ رڳو هڪ شاهراهه جو افتتاح ڪرڻ پ پ جي سياسي ڏيوالپڻي جو اعتراف آهي۔ايم ڪيو ايم جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي خانگي ڀائيواري سان ٺهيل منصوبن جو ڪريڊٽ وٺڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي۔ترجمان وڌيڪ چيو ته يونيورسٽي روڊ کي تباهه ۽ برباد ٿئي اڌ ڏهاڪو ٿيڻ وارو آهي۔