دادو ضلعي جي ڪاڇي واري پٽي ٽنڊو رحيم خان سان لاڳاپيل جمالي گهراڻي جو صحافي حيدر سنڌي جي اوچتي لاڏاڻي نه صرف ڪاڇي واسين کي بلڪه پوري سنڌ جي صحافتي حلقن کي وڏي صدمي ۾ وجهي ڇڏيو آهي۔ سندس موت جو ڪارڻ خودڪشي ٻڌايو پيو وڃي پر چار ڏينهن گذرڻ باوجود به حقيقتون سامهون اچي ناهن سگهيون جڏهن ته دادو ۽ جوهي جا صحافي به بروقت پهتا هئا جن سندس جنازي نماز ۾ به شرڪت ڪئي هئي۔ تڏي تي مرحوم جا سمورا مٽ مائٽ عزيز به موجود هئا سواءِ چئوٻولن جي ٻيو ڪجهه واضح ٻڌڻ يا ڏسڻ ۾ نه آيو نه وري ڪو مرحوم جو پوسٽ مارٽم به ڪرايو ويو يا پوليس جي چرپر نظر آئي۔
حيدر سنڌي هڪ محنتي استاد ۽ ذميوار صحافي هو جيڪو زندگي جي لاهن چاڙهن کان پوري ريت واقف ۽ باهمت نوجوان هو، هن خودڪشي ڪئي آهي يا نه، سندس موت جو ڪو ٻيو سبب به ٿي سگهي ٿو بهرحال معاملو ڇا آهي ان تي گهري نظر رکڻ جي ضرورت آهي۔ صوبائي ۽ وفاقي صحافي تنظيمن فوري طور پنهنجو ڪو به ردعمل ظاهر ناهي ڪيو. حيدر سنڌي جو تعلق ٽنڊو رحيم خان جي جمالي گهراڻي سان ٻڌايو پيو وڃي پاڻ نئين ٽهي جو صحافي هو۔ ڪاڇي واسين ۽ ڪاڇي لاءِ هن وڏي جاکوڙ ڪئي هئي جنهنڪري هو ڪاڇي جي سردارن ۽ وڏيرن جي اک ۾ ڪنڊو بڻجي ويو هو جو سندس لکڻيون ۽ رپورٽون ڪنهن به مخالف کي نه وڻندا هئا۔
گذريل ٻن ٽن ڏهاڪن دوران سنڌ جا ڪافي صحافي شهيد ٿيا آهن يا بيوسي ۽ مفلسي جي حالت ۾ بي يارومددگار بيماري جي حالت ۾ علاج نه ٿيڻ ڪري فوت ٿيا آهن جن جي نه ته سنڌ حڪومت مدد ڪئي نه وري سگهارين صحافي تنظيمن جن کي هر پيشيور صحافي جي حالتن جي ڀلي ڀت خبر به هوندي آهي۔ سگهارين صحافي تنظيمن ۽ پريس ڪلبن کي هر سال ڪروڙن لکن جي مالي امداد به ملندي آهي ۽ وٽن ٻيا به وسيلا موجود هوندا آهن۔ حيدر سنڌي مفلسي واري حالت ۾ هو ته ان جي ان وقت نشاندهي ڇو نه ڪئي وئي۔ حڪومت سميت صحافي تنظيمن خاموشي ڇو اختيار ڪئي ؟ سنڌ جا اهي بزرگ صحافي جيڪي سالن کان ڪامورن پوليس سردارن وڏيرن جي عتاب ۽ ذهني ٽارچر هيٺ رهن ٿا يا وري بيماري جي بستر تي زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ هجن ٿا انهن جي زندگي ۾ سار ڇو نٿي لڌي وڃي مالڪي ڇو نٿي ڪئي وڃي ؟ هر بيوس ۽ بزرگ صحافي جي سندس زندگي ۾ ئي سار لهجي ته جيئن کيس حوصلو ملي اهي اوهان کان ڪجهه به ناهن گهرندا سواءِ آٿت ۽ حوصلي جي.
لازمي ناهي ته حيدر ڊجيٽل جوا جو شڪار ٿيو هجي ٻيا به مسئلا ۽ پريشانيون ٿي سگهن ٿيون جن ۾ صحافتي دور ۾ سندس مخالف لکڻيون ۽ خبرون به هجن يا کيس ذهني پريشاني هئي ڳالهه کي سڀني رخن کان ڏسڻ گهرجي۔ سندس گهر وارن جو ڪهڙو موقف آهي ان کي به سامهون آڻڻ گهرجي جيڪو اڃا تائين مڪمل طور سامهون اچي ناهي اچي سگهيو. حڪومت کي گهرجي ته حيدر سنڌي جي موت جي هر رخ کان جاچ ڪري حقيقتون عوام آڏو آنديون وڃن.
حيدر سنڌي هڪ محنتي استاد ۽ ذميوار صحافي هو جيڪو زندگي جي لاهن چاڙهن کان پوري ريت واقف ۽ باهمت نوجوان هو، هن خودڪشي ڪئي آهي يا نه، سندس موت جو ڪو ٻيو سبب به ٿي سگهي ٿو بهرحال معاملو ڇا آهي ان تي گهري نظر رکڻ جي ضرورت آهي۔ صوبائي ۽ وفاقي صحافي تنظيمن فوري طور پنهنجو ڪو به ردعمل ظاهر ناهي ڪيو. حيدر سنڌي جو تعلق ٽنڊو رحيم خان جي جمالي گهراڻي سان هو. پاڻ نئين ٽهي جو صحافي هو۔ ڪاڇي واسين ۽ ڪاڇي لاءِ هن وڏي جاکوڙ ڪئي هئي جنهنڪري هو ڪاڇي جي سردارن ۽ وڏيرن جي اک ۾ ڪنڊو بڻجي ويو هو جو سندس لکڻيون ۽ رپورٽون ڪنهن به مخالف کي نه وڻندا هئا۔