ترڪيه جي چيف آف جنرل اسٽاف جي فيلڊ مارشل سان ملاقات

راولپنڊي (م ڊ) ترڪيه جي چيِف آف جنرل اسٽاف جنرل سلجوق بائرڪتار اولو پاڪستان سان تربيت گڏيل مشقن ۽ صلاحيت  وڌائڻ ۾ سهڪار جاري رکڻ جو اعلان ڪيو، آءِ ايس پي آر موجب جنرل سلجوق بائرکتار اولو جنرل هيڊڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) جو دورو ڪيو، جتي سندن استقبال لاءِ پاڪ فوج پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، ملاقات دوران فيلڊ مارشل عاصم منير سان دفاعي، عسڪري ۽ باهمي دلچسپي وارن معاملن، علائقائي ۽ عالمي سلامتي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ملاقات ۾ پاڪ، ترڪيه دفاعي ۽ فوجي سهڪار کي مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن رابطن ۽ سهڪار وڌائڻ تي زور ڏنو ويو، فيلڊ مارشل عاصم منير پاڪ-ترڪيه ڀائراڻن لاڳاپن، تاريخي رابطن، باهمي اعتماد ۽ عوامي سطح تي مضبوط رشتن کي اجاگر ڪيو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.