ڪراچي/سکر (عوامي آواز رپورٽ) آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو سان ساڍا چار سال اڳ سنگرار مان اغوا ڪيل نينگري پريا ڪماري جي والد راج ڪمار وفد سميت ملاقات ڪئي. ملاقات دوران آءِ جي سنڌ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته معاملي جي جاچ لاءِ نئين گڏيل جاچ ٽيم جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ گهرو کاتي کي خط پڻ لکي ڇڏيو آهي. آءِ جي سنڌ وفد کي آگاهه ڪيو ته سنڌ حڪومت ۽ پوليس پاران هن وقت تائين کنيل قدمن جو به جائزو ورتو ويو آهي. راج ڪمار ٻڌايو ته آءِ جي سنڌ کين آگاهه ڪيو آهي ته شڪ آهي ته پريا ڪماري ڌاڙيل راهب شر وٽ ٿي سگهي ٿي، جنهن حوالي سان جاچ لاءِ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي. آءِ جي سنڌ واضح ڪيو ته هو ڪو به ڪوڙو آسرو نه ڏيندو، پر هڪ مهيني اندر جاچ مڪمل ڪري حقيقتن کان آگاهه ضرور ڪندو. هوڏانهن پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سکر جي مندر ۾ خصوصي پوڄا پاٺ پڻ ڪئي وئي. هندو پنچائت پاران گئو شالا مندر ۾ پريا جي سلامتي ۽ بازيابي لاءِ دعائون گهريون ويون.