آءِ جي سنڌ بيان ڏيڻ بدران پريا ڪماريءَ کي بازياب ڪرائي:جماعت اسلامي

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو کان گھر ڪئي آھي ته ھو سکڻا بيان ڏيڻ بدران سنگرار سکر مان اغوا ٿيندڙ نياڻي پريا ڪماريءَ جي آزاديءَ لاءِ جوڳا قدم کڻي.7سال  گذري وڃڻ بعد نياڻي جي عدم بازيابي پوليس ۽ سنڌ حڪومتي ناڪامي آھي. امن امان جي نالي تي اربين رپيا بجيٽ رکڻ باوجود سنڌ واسي ڇو غير محفوظ آھن.بيان  ته سياسي جماعتون ڏينديون آهن رياست عملي قدم کڻندي آھي. جماعت اسلامي سنڌ جي ترجمان مجاھد چنا ھڪ بيان ۾ چيو  ته  آءِ جي سنڌ جي اباڻي ضلعي ٺل ضلعي جيڪب آباد جي لاپتا ٿيل نياڻيءَ فضيلا سرڪي کي به  ڪيترائي سال ٿي ويا پر حڪمران خاموش تماشائي ڇو آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.