حيدرآباد (پ ر) پشتونخوا نيشنل عوامي پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل خورشيد ڪاڪاجي جي قيادت ۾ مرڪزي وفد عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد پهچي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقات ڪري ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي خورشيد / ڪاڪاجي چيو ته پاڪستان جي مظلوم قومن کي گڏ ٿيڻو پوندو. پاڪستان ۾ نئين عمراني معاهدي جي ضرورت آهي، جنهن ۾ 1940ع جي قرارداد جي روح موجب پاڪستان ۾ شامل سڀني قومن کي پنهنجا حق ڏنا وڃن هن چيو ته حڪمرانن ملڪ کي جمهوري ۽ سيڪيولر رياست بدران وحداني رياست ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي ڪونھي. سنڌ وطن ۽ سنڌ جا شھر خطري ۾ آهن. سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ٿي رهي آهي.نور احمد ڪاتيار چيو ته ايس آئي ايف سي تحت سموري ملڪ تي قبضو ڪيو پيو وڃي، سنڌ جو پاڻي روڪڻ لاءِ نوان ڪئنال ٺاهڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن. ان موقعي تي نصرالله خان زهري، اللهُ نور، ايڊووڪيٽ راحيل ڀُٽو، ڪاشف ملاح، ڄام تماچي، نور نبي پليجو۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.