عمران خان سان اهم وفاقي وزير جي ملاقات، حڪومت جي اڻ ڄاڻائي؟

اسلام آباد (منصور علي خان) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني عمران خان سان مبينا ڊيل بابت خبرن تي سياسي حلقن ۾ بحث تيز ٿي وئي آهي. سينئر صحافي محمد مالڪ جي دعويٰ کان پوءِ اطلاعات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ انهن خبرن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو آهي ته اهڙيون رپورٽون هٿ ٺوڪيون ۽ بي بنياد آهن. تنهن هوندي به صحافتي حلقن ۾ اهو سوال بحث هيٺ آهي ته ڇا حڪومت واقعي انهن دعوائن کي عملي طور چيلينج ڪندي يا نه. محمد مالڪ جا طاقتور ڌرين سان رابطا آهن ۽ هو ڪچيون خبرون ناهي ڏيندو. هن ڪو ٽوئيٽ ناهي ڪيو هن ٽي وي پروگرام ۾ اها ڳالهه ڪئي آهي.  حڪومت کي اها خبر ڪوڙي لڳي ٿي ته ان کي چئلينج ڪري. حڪومت کي پاڻ کي به خبر ناهي هوندي شين جي. هو ته عمران خان جي علاج بابت به ترديد ڪندا رهيا هئا. هوڏانهن عمران خان جي صحت بابت به نوان تفصيل سامهون آيا آهن. ڊان جي صحافي اڪرام جنيدي موجب عمران خان کي ڪجهه ڏينهن اڳ پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس تفصيلي طبي معائنو ڪيو ويو ۽ هڪ وفاقي وزير به ساڻس ملاقات ڪئي. اهو اهم وزير ڪير هو؟ حڪومت کي ان ڳالهه جي خبر هجڻ گهرجي ته اهو وزير ڪير هو؟ حڪومت کي ٻڌائڻ گهرجي.  بهرحال، ڪنهن به سرجري بابت اڃا تائين سرڪاري سطح تي تصديق ناهي ڪئي وئي. اپوزيشن مطالبو ڪيو آهي ته افواهن جي خاتمي لاءِ حڪومت باقاعده هيلٿ بليٽن جاري ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.