گل پلازا کان ڀاٽي گيٽ واقعن تائين حڪمران اشرافيه جي بي حسي وائکي

ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ايڪس(ٽوئيٽر)تي لکيو آهي ته سنڌ ۾ جڏهن ڪو ٻار مين هول ۾ ڪري فوت ٿي وڃي ٿو ته وزير رڳو  واڳون وارا ڳوڙها وهائين ٿا، پر پنهنجي  خراب حڪمراني درست ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به ڪو عملي قدم نٿا کڻن. نتيجي طور ٻار مرندا ئي رهن ٿا.پر پنجاب ته بي حسيءَ جي انتها ڪري ڇڏي آهي. جڏهن لاهور ۾ هڪ ماءُ ۽ سندس نينگري گٽر لائين ۾ ڪري پيون ۽ خاندان هن سانحي جي اطلاع ڏني، ته متاثرن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران پنجاب حڪومت ان واقعي کي “جعلي خبر” قرار ڏئي ڇڏيو، ۽ پوليس متاثر خاندان جي ماڻهن کي ئي گرفتار ڪري ورتو.صولت پاشا لکيو ته اسانجو هڪ دوست چوندو آهي ته هر گٽر جو پنهنجو پنهنجو ڊوميسائل هوندو آهي، ۽ صرف ڊوميسائل جي بنياد تي ئي گٽر کي ميڊيا ڪوريج ملندي آهي،ن ليگ جي ناراض اڳواڻ آصف ڪرماڻي چيو ته کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويل ماءُ ۽ سندس معصوم نينگري ته هاڻي واپس نه اينديون، پر هن افسوسناڪ واقعي هن بي رحم، بي حس ۽ کوکلي اشرافي نظام جي منهن تي هڪ ٻيو زوردار چماٽ هنئي ڇڏيو آهي. هتي ڪو به ماڻهو پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ يا ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، پر آخر هي سلسلو ڪڏهن تائين هلندو؟گل پلازا جي سانحي کان ڀاٽي گيٽ لاهور جي کليل گٽر ۾ موتن تائين قدم قدم تي بي حسي جا دردناڪ داستان پکڙيل آهن،صحافي نصرالله ملڪ لکيو ته ڇا ايس ايڇ او ۽ ايس پي کان به جاچ ڪئي ويندي ته هنن ڇو اهڙو بي شرمي وارو رويو اختيار ڪيو؟ ڳچيءَ ۾ سرِيا وجهندڙ پوليس اهلڪار کي صرف معطل ڪرڻ سان آخر ڪهڙو فائدو؟ صحافي ظفر نقوي لکيو ته توهان هڪ لمحي لاءِ سوچيو، جيڪڏهن لاهور ۾ اها ماءُ ۽ سندس نينگري جالاش نه ملن ها؟ حڪومت هميشه لاءِ انهيءَ کي “فيڪ نيوز” قرار ڏئي ڇڏي ها ۽ بدقسمت مڙس پوليس اسٽيشن ۾ تشدد ڪري  ختم ڪيو وڃي ها، اسانجي ملڪ جو حال. اهڙي رياست کي انهيءَ حالت تائين پهچائڻ جو ذميوار ڪير آهي؟صحافي مطيع الله جان لکيو ته هن بيان کان پوءِ آءِ جي پوليس پنجاب کي برطرف ڪرڻ گهرجي.ڇا اسانجي آئيني عدالت، سپريم ڪورٽ يا اعليٰ عدالت ان شهري جي اهڙي سنگين الزام تي نوٽيس وٺندي، اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري لکيو ته جڏهن پوليس کي ماڻهن کي قتل ڪرڻ جا اختيار ڏنل هجن ۽ هاءِ ڪورٽ خاموش تماشائي بڻيل رهي، ته پوءِ اهڙا واقعا ته معمول بڻيل ئي هوندا،

ڀاٽي گيٽ واقعو، عورت جي مڙس طرفان پوليس مٿان تشدد جو الزام، آفيسرن خلاف ڪارروائي

لاهور (بيورو) لاهور جي علائقي ڀاٽي گيٽ ڀرسان سيوريج لائن ۾ ڪري فوت ٿيندڙ عورت ۽ نينگري جي مڙس الزام هنيو آهي ته پوليس آفيسرن مون مٿان تشدد ڪيو ۽ زبردستي زال ۽ ڌيءَ جي قتل جو اعتراف ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو، ميديا سان ڳالهائيندي فوت ٿيندڙ عورت جي مڙس غلام مرتضيٰ ٻڌايو ته جڏهن هو زال ۽ ڌيءَ جي سيوريج لائن ۾ ڪري وڃڻ جي اطلاع ڏيڻ لاءِ ٿاڻي ويو ته پوليس مون کي ئي حراست  ۾ وٺي ڇڏيو، ايس پي بلال ۽ ايس ايڇ او زين تشدد ڪيو، زال سان ڪو به جهيڙو نه هو، ڌيءَ ۽ زال سان گڏ سير ڪرڻ آيو هيس، مون ٻنهي کي پنهنجي اکين سان سيوريج لائن ۾ ڪرندي ڏٺو پر ايس پي ۽ ايس ايڇ او چوندا رهيا ته تون ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهين پوليس موبائل فون به ضبط ڪري ورتو، جڏهن واقعو پيش آيو ته هڪ پٽ ماءُ سان گڏ موجود هو، ايس پي ۽ ايس ايڇ او بار بار چوندا رهيا ته اهو بيان ڏيو ته تون پنهنجي زال ۽ ڌيءَ کي قتل ڪيو آهي، پوليس زبردستي ٻنهي جو قتل مڃرائڻ چاهيندي رهي، پوليس سندس سئوٽ تنوير کي به گڏ حراست ۾ رکيو، هن چيو ته مون کي هڪ ڪروڙ نه کپي، پئسن سان زال ۽ ڌيءَ واپس ته نه اچي ويندا نه، انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي فوتي عورت جي مڙس جي بيان کان پوءِ ڊي آءِ جي آپريشنز لاھور ايس ايڇ او ۽ ڊي ايس پي خلاف ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون، ڊي آءِ جي پاران ايس ايڇ او ڀاٽي گيٽ زين عباس کي معطل ڪيو ويو ۽ ڊي ايس پي کي اظهار وجوا جو نوٽيس جاري ڪيو ويو، ايس پي سٽي موجب پوليس جي رسپانس جا تفصيل معلوم ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطح جي  جاچ ٿيندي، ڊي آءِ جي آپريشنز آءِ اي بي کي آزادا انڪوائري لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ عورت جي مڙس ۽ ڏير کي حراست ۾ وٺڻ جا سبب طئي ڪيا ويندا.

ڀاٽي گيٽ واقعو، وڌيڪ 2 جوابدار گرفتار، انگ 5 ٿي ويو

لاهور (بيورو) لاهور ڀاٽي گيٽ ويجهو ماءُ ۽ ڌيءَ جي سيوريج لائن ۾ ڪري فوت ٿيڻ واري واقعي ۾ وڌيڪ 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن سان مجموعي انگ 5 ٿي ويو، ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن سيد ذيشان رضا موجب،انهن ٻنهي جي گرفتاري کان پوءِ هاڻ پنج جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن  ۽ وارثن کي مڪمل انصاف فراهم ڪيو ويندو، وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز حڪم ڏنو آهي ته ذميوارن خلاف ڪارروائي تيز ۽ ميرٽ تي ڪئي وڃي، ٻئي پاسي سيوريج لائن ۾ فوت ٿيل ماءُ ۽ ڌيءَ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ وارثن، سياسي ۽ سماجي شخصيتن ۽ مقامي ماڻهن شرڪت ڪئي.

پوليس اهلڪارن سادي ڪاغذ تي آڱوٺا هڻايا ويا: فوتي عورت جا وارث

لاهور (بيورو) ڀاٽي گيٽ لاھور ۾ ماءُ ۽ ڌيءَ جي سيوريج لائن ۾ ڪري فوت ٿيڻ واري واقعي ۾ فريادي عورت جي والد ساجد  حسين کان سادي ڪاغذ تي صحيحون ۽ آڱوٺا زبردستي وٺڻ جو الزام هنيو ويو، ٿاڻي ۾ فوتي عورت جي والد ساجد حسين کان آڱوٺو لڳائڻ جي وڊيو به سامهون اچي وئي، فوتي عورت جي والد ۽ وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪارن زبردستي سادي ڪاغذ تي آڱوٺو لڳوائي واپس ورتو، معطل ۽ گرفتار ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ سادي ڪاغذ تي صحيح ۽ آڱوٺو ورتو ويو، ڀاٽي گيٽ وٽ ماءُ ۽ ڌيءَ گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويون هيون پر اعليٰ آفيسرن فوتي عورت جي مڙس ۽ ڏير کي گرفتار ڪري تشدد ڪري ٻنهي کي قتل ڪرڻ جي اعتراف لاءِ دٻاءُ وڌو ويو هو.

مريم نواز جي ”نمائشي احتساب“ سان نظام جون خرابيون برقرار رهنديون؟

اسلام آباد (امتياز گل) لاهور ۾ گٽر ۾ زال ۽ ڌيءَ کي وڃائيندڙ شهريءَ تي پوليس پاران دٻاءُ وڌو ويو ته هو اعتراف ڪري ته هن پنهنجي زال کي ڪٿي گم ڪيو آهي ۽ مٿس دٻاءُ وڌو ته غلط ڄاڻ ڏئي رهيو آهي. شهري بيان ڏنو ته پوليس پاران مٿس  تشدد پڻ ڪيو ويو. بعد ۾ جڏهن سي سي ٽي وي وڊيوز سامهون آيون ته ريسڪيو ۽ انتظامي عملدارن جو موقف تبديل ٿي ويو. جڏهن ته اهي پهريان مختلف بيان ڏئي رهيا هئا. اسلام آباد جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گٽرن کي ڍڪ ناهن، هي ڪو پهريون واقعو ناهي. وزيراعليٰ مريم نواز نوٽيس وٺندي لاڳاپيل آفيسرن جي معطلي يا گرفتاري جا حڪم ڏنا ۽ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي. هڪ اجلاس جي صدارت واري سندس وڊيو جاري ڪئي وئي جنهن ۾ هو سخت ڳالهائي رهي آهي ۽ آفيسر ڊنل نظر اچن ٿا. هي آفيسر ڪنهن فرد واحد جا ناهن پر رياست جا ملازم آهن. کانئن سخت سوال ڪيا ويا. مريم نواز چيو ته ڪمشنر، ڊي سي ۽ ڊي جي ايل ڊي اي کي سزا ملڻ گهرجي، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر کي گرفتار ڇو ناهي ڪيو ويو. اهو طرز عمل اصل ۾ هڪ مخصوص حڪمراني واري ذهني رويي کي ظاهر ڪري ٿو. وزيراعليٰ چيف ايگزيڪٽو طور جاچ جو حڪم ڏئي سگهي ٿي، جاچ کان اڳ ڪنهن آفيسر جي گرفتاري جو عوامي حڪم ڏيڻ سياسي اختيار ۽ قانوني عمل وچ ۾ لڪير کي مٽائي ڇڏي ٿو. اسسٽنٽ ڪمشنر يا ڊپٽي ڪمشنر جون ذميواريون انتظامي هونديون آهن، انفرا اسٽرڪچر جي ٽيڪنيڪل حفاظت لاڳاپيل کاتا ۽ پراجيڪٽ ٺيڪيدار ۽ انتظاميا جي ذميواري هوندي آهي. اهڙي موقعي تي جذباتي ۽ نمائشي احتساب وقتي طور تي عوامي ڪاوڙ ٿڌي ڪري سگهي ٿو پر نظام جون خرابيون جيئن جو تئين رهجي وينديون. ماضي ۾ نواز شريف فيصل آباد ۾ هڪ حادثي بعد هڪ آفيسر کي سرعام هٿڪڙي لڳائڻ جو حڪم ڏنو هو جيڪو اختيار اورانگهڻ هو.

لاهور واقعو: رڳو وڊيو جاري ڪرڻ ۽ سخت بيانن سان سڌارا نه ايندا

اسلام آباد (اسد طور) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي هڪ وڊيو سامهون اچڻ کان پوءِ سياسي ۽ ميڊيا حلقن ۾ بحث شروع  ٿي ويو آهي ته هوءَ لاهور جي بيوروڪريسي کي سخت لهجي ۾ مخاطب ڪندي نظر اچي رهي آهي. ڪجهه ميڊيا حلقن ان وڊيو کي بيوروڪريسي جو "ڪلاس” قرار ڏنو، پر مبصرين جو چوڻ آهي ته رڳو وڊيوز ۽ سخت بيانن ذريعي نظامي سڌارا حاصل نٿا ڪري سگهجن. جيڪڏهن انتظامي ناڪامين يا بدانتظامي جو احتساب واقعي مقصد آهي، ته پوءِ واحد رستو شفاف جاچ ۽ قانوني ڪارروائي آهي. عوامي ڪاوڙ کي عارضي طور تي نمائشي يا ڇنڊ پٽڻ ذريعي گهٽائي سگهجي ٿو، پر اهو پائيدار سڌارا نه ٿو آڻي. هي ڪيس هڪ وسيع رجحان کي ظاهر ڪري ٿو، جتي طاقت ۽ تاثر ٺاهڻ جي مظاهرن کي مسئلن کي حل ڪرڻ کان ترجيح ڏني ويندي آهي. اصل ضرورت قانون جي حڪمراني، انساني حقن جو احترام ۽ سنجيده ۽ ذميوار حڪمراني آهي. جيڪڏهن انهن بنيادي اصولن کي نظرانداز ڪيو ويو ته ناڪاري اثر حڪومت يا ادارن تائين محدود نه هوندا، پر سڄي ملڪ کي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.

گل پلازا سانحي بابت خط سپريم ڪورٽ جي فيصلن موجب ناهي:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) گل پلازا سانحي جي انڪوائري سان لاڳاپيل گورنر جي پرنسپل سيڪريٽري جو خط سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ملي ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ان خط جو جواب گورنر سنڌ جي پرنسپل سيڪريٽري ڏانهن موڪلي ڇڏيو، هاءِ ڪورٽ موجب  انڪوائري ڪميشن بابت خط سپريم ڪورٽ جي 2023 واري فيصلي جي موجب نه آهي ۽ پرنسپل سيڪريٽري کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهو خط گورنر سنڌ کي پيش ڪري، واضح رهي ته گورنر سنڌ جي پرنسپل سيڪريٽري 27 جنوري تي سنڌ هاءِ ڪورٽ کي گل پلازا جي انڪوائري بابت خط لکيو هو.

ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي پير محمد شاهه کي هٽايو ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي پير محمد شاهه کي عهدي تان هٽايو ويو، سنڌ پوليس پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پير محمد شاهه جي جاءِ تي مظهر نواز شيخ کي ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي مقرر ڪيو ويو  آهي، ذريعن موجب پير محمد شاهه کي گل پلازا سانحي کان پوءِ ٽريفڪ جو مناسب انتظام نه ڪرڻ سبب عهدي تان هٽايو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته گل پلازا ۾ باهه لڳڻ کان پوءِ گل پلازا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي وئي هئي، ٽريفڪ  جام هجڻ سبب فائر برگيڊ عملي کي واقعي واري هنڌ پهچڻ ۾ به ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو هو، ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن  اڳ گل پلازا ۾ پيش آيل باهه جي واقعي ۾ 79 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.

گل پلازا سانحو، سجاول واسي نوجوان جي سڃاڻپ ٿي وئي

سجاول( رپورٽ: منظور احمد ميمڻ)ڪراچي جي گل پلازا سانحي ۾ سڙي فوت ٿيل  سجاول واسي نوجوان جي لاش جي سڃاڻپ ٿي وئي، گل پلازا ۾ ڪم ڪندڙ سجاول شهر جي رھواسي نوجوان عامر ڪنڀار جي 13 ڏينهن بعد ڊي اين اي ذريعي سڃاڻپ ڪئي وئي، پ پ ضلعي سجاول جي اڳواڻ عبداللطيف ميمڻ جي ڪوششن سان فوتي نوجوان جو مڙھ هٿ ڪري وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان کي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سجاول شهر جي وارڊ نمبر 8 جي رهواسي فوتي نوجوان جي پيءُ نواز ڪنڀار جو چوڻ آهي ته منهنجو نوجوان پٽ عامر ڪنڀار ڪراچي گل پلازا ۾ پورهئي خاطر ٿانون جو ڪم ڪندو هو جيڪو ان سانحي جي باھ ۾ سڙي فوت ٿي ويو، گل پلازا ۾ لڳندڙ باھ جي خبر ٻڌڻ کان پوءِ مون پنهنجي پٽ سان رابطو ڪيو ته ڪوبه جواب نه مليو جڏھن ته ڪراچي گل پلازا پهتا سين ته اتي اسان جي فرياد ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.