ممتاز مهر ڪجهه ڏينهن اڳ کان بيمار هئو، اڄ ساڻس ملڻ جو طئي ٿيل هو پر اُهو ملڻ وچ ۾ ڊگهي مفاصلو ڪري ويو، سندس نياڻيءَ ميسيج ڪيو ته اڄ اوهين بابا سان ملاقات لاءِ اچڻا هئا پر بابا اڄ اسان سان گڏ نه رهيو.ممتاز مهر جو هليو وڃڻ سنڌي تنقيد کي هڪ سوال جي نشانيءَ تي ڇڏي ويو آهي. اڄ جڏهن پاسخاطريءَ خوش آمد جو درجو ماڻيو آهي تڏهن ممتاز مهر جي موڪلاڻي گهڻي گهڻي ڏکائيندڙ آهي سنڌي ادب لاءِ.
سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار ۽ نقاد ممتاز مهر سنڌي ادب ۾ اهڙو نالو آهي، جنهن جي مثال لاءِ مون کي سنڌ ڇڏي هند ۾ به فقط هڪ ئي مثال سُجهي، جيڪو آهي پروفيسر هيرو شيوڪاڻي! تنقيد جا مڙئي ٻيا نالا پنهنجي پنهنجي دائري ۾ نهايت ئي اهم آهن جيڪي سدائين خوش هجڻ گهرجن جن جي نالن ۽ محنتن سبب ئي اڄ سنڌي ادب جيڪو به آهي، پنهنجي چهري سان سلامت آهي.
ممتاز مهر صاحب جو جنم ڏينهن نَوَ مارچ اڻيهه سئو ٻائيتاليهه آهي ان ڪري اهو لکڻ مون کي وڌيڪ آٿت ڏيئي ٿو ته هو اُپکنڊ جو سنڌي ڪهاڻيڪار ۽ پوءِ نقاد آهي، اهو ئي سبب آهي، جو کيس اُپکنڊ جي سنڌي ادب ۾ جيترو مرتبو مليو آهي، شايد ٿورهن سنڌي اديبن کي مليو هوندو، ياد اهو به رکيو وڃي ته هُو سنڌ ۾ ادبي گروپن پاران جيترو نظر انداز ٿيو آهي ان جو به مثال نه آهي.
ممتاز مهر پنهنجي سنڌي تنقيد ۾ ان سموري سنڌي ادب کي شامل ڪيو آهي، جيڪو هاڻ پاڪستاني سنڌي ادب ۽ هندستاني سنڌي ادب لکجڻ لڳو آهي، هِن پار وارا اديب پنهنجن ليکڪن کي ذڪر هيٺ آڻين ٿا ۽ هُن پار وارا پنهنجن ليکڪن اديبن کي ذڪر هيٺ آڻين ٿا، ممتاز مهر صاحب جي تنقيد ٻنهي سرحد جي ٻنهي حصن کي گڏي سنڌي ادب کي جيڪا تنقيدي افاديت ڏني آهي اها اڄ جي نقاد وٽ گهٽ آهي يا لکڻ گهرجي ته نه جهڙي آهي. اڄ سنڌي ادب تي گهٽ، سنڌي اديبن تي وڌيڪ ڳالهايو، توڻي لکيو پيو وڃي جنهن سبب سنڌي ادب ۾ تنقيد بجاءِ خوشامد ۽ مخالفت پنهنجي مضبوط جڳهه جوڙي ورتي آهي، ان سڀ مان تنقيد توڻي نئين تنقيد غائب آهي، جنهن ڪري مجموعي طور سنڌي ادب جي ڪٿ ڪرڻ گهڻو گهڻو ڏکيو عمل بڻجي ويو آهي.
ٻئي طرف ممتاز مهر صاحب پنهنجي نج تنقيدي اظهار سبب سنڌ جي خوشامدي ڪلچر کان گهڻو پري آهي ۽ پنهنجي اڪيلائيءَ جو لطف ماڻي رهيو آهي ساڳئي وقت پنهنجي لکڻ پڙهڻ کي به ماڻي رهيو ۽ سنڌي ادب جي نالي ۾ ٿيندڙ شخصي شور کي پري جي نظر سان ڏسي رهيو آهي.
سنڌي ادب ۾ تنقيد جي اڻهوند جو سبب هڪ اهو به آهي ته اڄ جو لکندڙ تعريف جي ان اونچي پهاڙ تي بيٺو آهي جتي تنقيد جو آواز نه کيس ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ نه ئي هُو پاڻ بابت ڪجهه تنقيدي ٻڌڻي جي صلاحيت رکي ٿو. اهڙي ماحول ۾ ممتاز مهر صاحب جي اڪيلائي ته جائز آهي، هو ليکڪن جي ڀيڙ کان پري آهي، مان ڀايان ٿو هر ذهين شخص/ليکڪ جي اها اڪيلائي گهرج به آهي ته سندس لکڻ لاءِ ضروري به!
ممتاز مهر صاحب جي ڪهاڻيڪار لاءِ مون کي اهو چوندي به خوشيءَ سان گڏ فخر ٿيندو ته ڪراچيءَ ۾ رهندڙ هيءُ اهڙو لکندڙ آهي، جنهن پنهنجي لکڻيءَ ۾ جديد ليکڪ جون مڙئي گهرجون پوريون ڪيون آهن، سندس ڪهاڻيون خود تنقيد جي هيٺ آيون آهن پر اهي انهن ليکڪن پاران جيڪي اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصو شهرن ۾ ٻين لفظن ۾ جديد ماحول ۾ رهندي به پنهنجي نجي جديد زندگيءَ کي ڪهاڻيءَ ۾ اظهارڻ ۾ ناڪامياب ٿيا آهن ممتاز مهر صاحب سنڌي ڪهاڻيءَ کي گهڻو ئي ڪجهه ڏنو آهي پر جيڪڏهن هو پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ فقط هڪ ڪهاڻي ” جڏهن مان چوهٺ جو هوندس“ لکي ها تڏهن به هو سنڌي ادب ۾ ساڳي اهميت سان زندهه رهي ها. ممتاز صاحب ڏانهن هڪ ڪريڊٽ ته اهو به وڃي ٿو ته هن شخصي توڻي پنهنجي لکڻ لاءِ تعريف يا ان جي نماءَ لاءِ ڪڏهن به غير ادبي طريقا استعمال نه ڪيا، جيڪي هڪ سچي اديب لاءِ عيب آهن.
ممتاز مهر صاحب پنهنجي ادب سان ۽ پاڻ سان بنهه سچي هجڻ سبب جيڪا اڪيلائي، خوشامدي ادب تخليق نه ڪرڻ جي عيوض هريش واسواڻيءَ پڻ ڀوڳي هئي جنهن سبب هن ٻڌ ازم ۾ پناهه ورتي هئي، پر آخري وقت تائين ممتاز مهر صاحب، اهڙي پناهه اول آخر ادب ۽ تنقيد ۾ ئي ورتي ، جنهن ڪري هُو عام جلوس باز ۽ جلسي باز اديب نه ٿيو.
ممتاز مَهر صاحب سنڌي ادب جو هڪ جينئَس ڪهاڻيڪار ۽ نقاد آهي، جنهن اولهه جي جديد ادب لکندڙن اديبن جيان ڪڏهن به نماءَ پسنديءَ کي قبول نه ڪيو ، هو پنهنجي زندگيءَ ۾ جديد شخص هو، جديد ويچار رکندڙ هو ۽ پنهنجي لکڻ ۾ مڪمل جديد ڪهاڻيڪار ۽ نقاد ، جيڪو اڄ جي تاريخ تائين پنهنجي معيار تان هيٺ نه لٿو.
هو پنهنجي ادب ۾ پاڻ سان توڻي هن سماج سان جديديت جي حوالي ۾. مهان منهن به رهيو ۽ هو ڪنهن رومانس ۾ شامل ٿيڻ بجاءِ پنهنجي ذهين زندگي گذاري رهيو هو ۽ پنهنجي آتم ڪٿا لکي رهيو هو ، جيڪا سندس مجموعي ادب جيان پڪ سان هڪ اهڙي آتم ڪٿا هوندي، جنهن جو مثال به شايد اها آتم ڪٿا پنهنجو پاڻ ئي هجي!
نائين مارچ تي ڄاول ممتاز مهر صاحب ادب معرفت هنڌ توڻي سنڌ ۾ جيڪو مرتبو ماڻيو ، اهو سنڌي ادب جو ۽ سنڌي تنقيد جو نجو مرتبو آهي هو جيئن ته ورهاڱي کان اڳ ڄائو ان ڪري کيس اپکنڊ جي سنڌي ادب جو ليکڪ ڪوٺڻ وڌيڪ سٺو لڳندڙ آهي ڇاڪاڻ ته اردوءَ جي ڪنهن به نقاد اهو نه لکيو آهي ته هيءُ پاڪستاني اردو ادب آهي ۽ هُو هندستاني اردو ادب آهي ائين ئي اڄ سنڌي ادب دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ لکيو وڃي. اهو فقط سنڌي ادب آهي سنڌي تنقيد ۾ اهڙو اظهار، ممتاز مهر صاحب ئي ڪيو آهي ان ڪري هو سنڌي ادب جو نقاد آهي.