جڏهن پاڻ چوندا آهيون ته، سنڌ امن جي ڌرتي ۽ سنڌي امن پسند قوم آهي ته، پاڻ اهو ثابت به ڪندا آهيون ته، اسين جهيڙا گر يا وير رکندڙ قوم ناهيون، اسين ڪنهن جا حق به غصب ناهيون ڪندا، اسين ايتري قدر امن پسند آهيون جو، ڪو اسان تي چڙهائي ڪري ايندو آهي ۽ مال متاع سان گڏ قيمتي شيون ڦري ويندو آهي، پوءِ به پاڻ موٽ ۾ ان تي هلان ڪري، مال موٽائي کڻي ناهيون ايندا۔ بلڪي زندگي کي وري نئين سر جيئڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون۔ اهو صرف اسان جون تاريخون نه ٿيون ٻڌائين، پر جن جن اسان تي قبضا ڪري مال ڦٻايا آهن، انهن جا اديب ۽ دانشور به پنهنجين ساروڻين ۾ اهڙيون ڳالهيون لکي ويا آهن۔ جنهن جا کوڙ سارا مثال موجود آهن۔ پاڻ ته پوءِ به انهن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندا آهيون۔ جيئن ڀٽائي صاحب فرمايو آهي ته، ”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين“۔ ڪوئي ٻڌائيندو ته، ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي امن پسندي ٿيندي آهي۔
سنڌ تي ماضي ۾ ارغونن، ترخانن، ترڪن، مغلن، عربن ۽ انگريزن سالن جا سال بلڪي صديون اسان مٿان حڪمرانيون به ڪندا رهيا، اسان جو مال به پنهنجن ملڪن ۾ موڪليندا رهيا، پر پاڻ سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ احتجاج جي انهن خلاف ڪجهه به نه ڪيو، ڪڏهن بدلي کي نظر ۾ رکي ڪنهن کان مال موٽائڻ واري ڳالهه ته رهي الڳ، رڳو سکڻو پڇاڻو به ڪري سگهيا آهيون، ته اسان توهان جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو۔ ڪو اڃان به اسان جي امن پسندي تي شڪ ڪري ٿو ته، سواءِ ان لاءِ ”افسوس“ جي ٻيو ڪو به لفظ نٿا چئي سگهون۔ جو اسين ماضي ۾ به امن پسند هئاسين، هاڻي به آهيون ۽ ايندڙ دور يعني مستقبل ۾ به امن پسندي جو دامن نه ڇڏينداسين۔ بدلي وٺڻ يا وير وڌائڻ جي ستي، اسان کي اسان جي امڙين ئي ناهي وڌي۔ ٻيون ڳالهيون ته رهيون پنهنجي جاءِ تي، جيڪي اوسي پاسي يا ڏور ديسن جا ويڙهاڪ حڪمران جن اچي پاڻ تي هلائون ڪيون، اسان کي غلام ڪري حڪمران بڻيا، جن جي قبرن تي اڄ به پاڻ وڃي فاتحائون پڙهندا آهيون۔ انهن پنهنجون ٻوليون، علم، ادب ايسيتائين جو پنهنجن علائقن جي محبتن جا قصا به اسان جي ذهنن ۾ اوتيا ۽ اسين آمنا صدقنا ڪندي اهي به بر زبان ياد ڪري ڇڏيا پر، انهن جيڪي اسان جي ماڻهن سان تعديون ڪيون، اسان جا هيرا ۽ جانٺا جوان شهيد ڪيا، انهن جون اسان تاريخون ئي وساري ڇڏيون۔ جڏهن ايرانين اسان کي چيو ته، فارسي پڙهسي گهوڙي چڙهسين ته پاڻ فارسي ۾ شاعريون ڪيون، عربن الف ليلائي قصا ٻڌايا ته اهي به بر زبان ياد ڪري ڇڏيا، انگريزن پنهنجي مقصد جا فلسفا سيکاريا ته انهن کي به اسان جا ڏاها، مختلف تقريبن ۽ پروگرامن ۾ جڏهن ورجائيندا آهن ته تاڙين جا تيسيتائين ڦهڪا جاري رهندا آهن، جيسيتائين هو پاڻ منع نه ڪندا آهن۔
بهرحال سنڌ جي تاريخ جا سمورا ورق اٿلائي پٿلائي ڏسبا ته، پاڻ کي اها ڄاڻ ملندي، پوري دنيا اندر جيڪڏهن ڪا امن جي ڌرتي آهي ته اها سنڌ آهي يا ڪا امن پسند قوم آهي ته اها سنڌي قوم ئي آهي، جنهن پنهنجي اوج واري دور ۾ به ڪڏهن، ڪنهن خطي، ملڪ يا قوم مٿان ڪا به ڪاهه ناهي ڪئي۔ ها البته ايترو ضرور ٿيو آهي ته، جڏهن به ڪنهن ڪاسائي قوم پنهنجي ڏاڍ جي زور تي، سنڌ کي تاراج ڪرڻ يا کيس لٽڻ ڦرڻ جي نيت سان حملو ڪيو ته، مختلف وقتن تي دولهه دريا خان، هوش محمد شيدي، دودو سومرو، شهيد الله ڀخش سومرو، پير صبغت الله راشدي، روپلو ڪولهي ۽ هيمون ڪالاڻي جهڙن دلير مڙسن مزاحمت ضرور ڪئي آهي۔ انهن مٿي ڄاڻايل سمورن سپوتن، جيتوڻيڪ دشمنن خلاف ويڙهين ۾ ڪي ڪاميابيون ته نه ماڻيون پر، پنهنجين جانين جا نذرانا ڏئي، تاريخ ۾ امر ضرور ٿيا۔ مطلب ته پاڻ ايترا ته امن پسند آهيون جو مارڻ بدران سندن مرڻ ۾ به خوش ناهيون هوندا ۔
هيمو ڪالاڻي سنڌ جو هڪ بهادر سپوت ۽ آزاديءَ جو مجاهد هئو، جنهن برطانوي راج خلاف جدوجهد ڪندي، پنهنجي جان جي قرباني ڏئي سدائين لاءِ امر ۽ سرخرو ٿيو. هو 23 مارچ 1923ع، سکر ۾ ڄائو ۽ 21 جنوري 1943ع، ۾ جڏهن هو 20 سالن جو مس ٿيو ته، کيس برطانوي سرڪار ڦاسي جي سزا ڏني۔ هو برصغير جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڪڏهن شامل ٿيو، هو ڪهڙي گروپ جو ميمبر هئو، يا مورڳو ئي شڪ جي بنياد تي کيس الزام هنيو ويو، ان سان ٻيا ڪهڙا اڳواڻ گڏ هئا، انجي ڄاڻ انهيءَ ڪري نه ملي سگهي آهي جو، 1943ع کان اڄ تائين ان جي زندگي تي ڪنهن ليکڪ ننڍڙي چوپڙي به ناهي لکي، جنهن تي مان ان سان سنڌي عالمن ۽ اديبن جو اوترو ئي ظلم سمجهان ٿو، جيترو انگريز سرڪار سندس مٿان ڪيو هئو، جو ننڍي عمر ۾ کيس هڪ الزام هيٺ ڦاسي چاڙهيو هئو۔
ٻڌايو وڃي ٿو، ته هيمون ڪالاڻي ننڍڙي عمر ۾ ئي برصغير جي آزاديءَ واري تحريڪ سان وابسته ٿي ويو هئو ۽ انقلابي سرگرمين ۾ حصو وٺندي، برطانوي حڪومت جي خلاف هڪ جرئت ڀريو قدم کڻندي، انگريز عملدارن ۽ هٿيارن سان ڀريل ريل گاڏي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن جو مقصد به رڳو اهو هئو ته، جيئن پنهنجي حقن لاءِ وڙهندڙن جي تحريڪ کي نقصان کان بچايو وڃي. بهرحال اهڙي ئي هڪ الزام هيٺ هيمو ڪالاڻي گرفتار ٿيو، کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو، پر انهيءَ باوجود هن پنهنجن ٻين ساٿين جا نالا ظاهر نه ڪيا. جنهن جي نتيجي ۾ آخرڪار برطانوي سرڪار ڪاوڙ ۾ اچي کيس ڦاسي جي سزا ڏني. نتيجي ۾ 19 ورهين جو هي ڳڀرو نوجوان سنڌ جي تاريخ ۾ سدائين لاءِ امر ٿي ويو. هتي هيءَ ڳالهه ضرور ڪبي ته، انگريز سرڪار جو الزام جيڪڏهن سچو هئو ته، تاريخ جي نظر ۾ هيمو ڪالاڻي به سنڌ جي نوجوانن لاءِ همٿ، قرباني ۽ وطن سان محبت جي علامت بڻجي ڏيکاريو آهي.
جيتوڻيڪ هر سال 21 جنوري تي سندس ياد ۾ تقريبون ٿين ٿيون، جدوجهد تي ڳالهايو به وڃي ٿو، اخبارن ۾ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ مضمون به ڇاپيا وڃن ٿا ۽ پڻ قوم کيس آزاديءَ جي تحريڪ جو هڪ روشن به باب سمجهي ٿي، پر منهنجي نظر ۾ جيئن ان سان انگريز دور ۾ انصاف نه ٿيو، تيئن اتفاق سان اڃا تائين ان سان وڏي ناانصافي اها به ٿئي پئي، جو 83 سالن جو وڏو عرصو گذرڻ باوجود، هن تي ڪو جامع ڪتاب شايع نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ڪٿي ڪو ياگار قائم ڪيو ويو آهي۔ بس هر سال نفسا نفسيء واري حالت ۾ ڪجهه ماڻهن کي الائي ڪيئن 21 جنوري جي تاريخ ياد اچي وڃي ٿي ۽ مٺ جيترا ماڻهو کيس جهٽ پلڪ يا ڪلاڪ ٻن لاءِ ياد ڪري وري وساريو ٿا ڇڏين۔
منهنجو ذاتي خيال آهي ته، جيڪڏهن ٻين شهيدن سانگڏ هيمون ڪالاڻي کي ايمانداري سان خراج عقيدت ڏيڻو آهي ته، ان بابت هڪ تحقيقي بورڊ تشڪيل ڏنو وڃي، جيڪو ان جي مواد ۽ يادگيرين کي سهيڙي ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ سان گڏ ان مواد کي انٽرنيٽ تي به رکي ۽ پڻ سکر شهر ۾ ان جو يادگار قائم ڪيو وڃي۔ هونئن به، جڏهن ڪنهن سان محبت ڪبي يا عقيدت جو اظهار ڪبو آهي ته، محبت ۽ عقيدت جون ٻيون سموريون تقاضائون به پوريون ڪبيون آهن۔ اصل ۾ سڄي سال ۾ ٻن ڪلاڪن جو پروگرام جوڙي، اڀري سڀري نموني سان خيالن جو اظهار ڪري يا ڪجهه پيرائن تي ٻڌل آرٽيڪل لکي، پاڻ رڳو ميار ئي لاهيندا آيا آهيون، ان عمل کي ڪنهن به حوالي سان محبت ۽ عقيدت ڪوٺي نه ٿو سگهجي۔ هتي ٻيو به عرض رکندس ته رڳو هيمون ڪالاڻي نه پر، سنڌ جي سمورن شهيدن جن جا نالا مٿي لکيا آهن انهن بابت حقيقتن جي بنياد تي تاريخون مرتب ٿيڻ گهرجن ۽ پڻ ممڪن ٿئي ته انهن تي ڊراما، فلمون ۽ دستاويزي رپورٽن واري ڪم جي شروعات به ڪئي وڃي، جيئن ايندڙ نسل کي پنهنجن شهيدن کي ضروري ڄاڻ ملندي رهي۔