جڏهن انگريزن ڏکڻ ايشيا تي قبضو ڪيو تڏهن ڌرتيءَ جا اصلوڪا وارث آزاديءَ جي حصول لاءِ ڪوشان رهيا. انهن مسلح ويڙھ سان گڏ آئيني ڪوششون پڻ ڪيون. گڏيل هندستان جي هر حصي مان بغاوت جا شعلا انگريز سامراج خلاف اٿيا جنهن کي انگريزن انھيء وقت جي جديد هٿيارن جي زور تي چٿڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. 1857ع جي جنگ آزاديءَ جيتوڻيڪ هتان جي ٻن وڏين قوتن هندو ۽ مسلمانن گڏجي انگريز جي خلاف وڙهي هزارين جانثارن وطن جي آزاديءَ واري جنگ ۾ شهيد ڪيا ويا. اهڙي خوني راند هتان جي نوجوانن جي آزاديءَ جي جذبي ۽ وطن جي عشق کي اڃان وڌايو ۽ يورپي سامراج سان هتان جا ارڏا جوڌا مهاڏو اٽڪائيندا رهيا. انهيءَ دور ۾ آئيني مسئلن، سياسي پارٽين جي ٺهڻ ،نوان ليڊر پيدا ڪيا جن نوجوانن جي حقيقي اڳواڻي ڪري وطن جي حب جو جذبو پيدا ڪيو. تحريڪ خلافت، جڙيانوالا باغ سانحي غم ۽ غصي کي وڌائي ڇڏيو هو. پهرين ۽ ٻي عالمي جنگين هن خطي ۾ ماضيءَ جيان عظيم جنگجو پيدا ڪيا اهڙا جنگجو جن مهاڀارين جنگين جو اکين سان مشاهدو ڪيو. انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪري سنڌ کي بمبئي سان ملائي ڇڏيو جنهن کي بعد ۾ 1935ع جي آئيني ايڪٽ مطابق 1936ع ۾ بمبئي کان الڳ ڪيو ويو. سنڌ جي جوڌن هر دور ۾ پاڻ ملهايو آهي هيمون ڪالاڻي جي شهادت انهيءَ جو عظيم مثال آهي سکر جو هي بهادر ننڍڙي عمر جوڌو پڻ جدوجهد آزادي جو شهيد آهي جنهن وطن جي آزاديءَ خاطر پنهنجي جان جو نظرانو پيش ڪيو.
مارچ 1923ع تي پراڻي سکر ۾ پيسو مل ڪالاڻي جي گهر ۾ سندس جنم ٿيو. سندس والد ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو هو.هيمون ڪالاڻي جو اصل نالو راهي هيمن هو، هيمون کيس پيار ۾ سڏيندا هئا.جڏهن سموري هندستان ۾ آزادي لاءِ ويڙھ جاري هئي ۽ ان وقت جا سورما پنهنجي ڌرتي ماءُ جي آجپي لاءِ جانين جا نذرنا ڏئي رهيا هئا تڏهن سکر جي هن نوجوان ۾ پڻ سنڌ جي آزاديءَ جي چڻنگ دکيل هئي. 1942ع جو دور هو تڏهن سنڌ ۾ ”حر تحريڪ“ زورن تي هئي جڏهن ته وچ هندستان ۾ مهاتما گانڌي هندستان خالي ڪريو واري تحريڪ هلائي رهيو هو. ان وقت هيمون ڪالاڻي اڃا هاءِ اسڪول جو شاگرد هو
23 آڪٽوبر جي رات هئي جڏهن خبر پئي ته فوجين سان ڀريل هڪ خاص ريل گاڏي اچي رهي آهي جيڪا سکر کان اڳتي گولابارود کڻي ويندي. هيمون کي ڄاڻ هئي ته اهو گولابارود ۽ انهي ريل گاڏيءَ ۾ سوار فوجي آزاديءَ جي متوالن لاءِ عتاب ۽ قهر ثابت ٿيندا. جنهنڪري هن ۽ سندس ساٿين انهيءَ ريل گاڏيءَ کي ڪيرائڻ جو منصوبو رٿيو. هنن گڏجي وڃي ريل جي پٽڙي کي اکيڙڻ شروع ڪيو، ٺيڪ ساڳي وقت تي هڪ سپاهي نالي فيروز خان کين ڏسي ورتو، هيمون جا سمورا ساٿي ڀڄي ويا پر هميون ڪالاڻي پڪڙجي پيو. لاڳيتو 22 ڏينهن تائين تشدد ڪرڻ بعد هيمون ڪالاڻي کي نيٺ ڪورٽ مارشل ڪيو ويو. هڪ ڀيرو بيان دوران چيائين ته مون ريلوي لائن کي ان لاءِ اکيڙڻ ٿي چاهيو ته جيئن ان ۾ سوار فرنگي ناس ٿي وڃن، پر منهنجي بدقسمتي جو ناڪام ٿيس. آخر سرڪار کيس ڦاسي ڏيڻ جو اعلان ڪيو، هيمونءَ جي سزا منظور ٿيڻ کان پوءِ سندس وڪيل پيرزادي عبدالستار سندس مامي کي موڪليو ته هيمونءَ کان معافي نامي تي صحيح وٺي اچي ته کيس معافي ملي ويندي. پر هيمونءَ اهڙي معافيءَ کان نابري واري ڇڏي ۽ چيائين ته مون اهڙو ڪو به ڏوهه ڪو نه ڪيو آهي جنهن تي مون کي پڇتاءَ هجي پوءِ معافي ڇاجي. 21 جنوري 1943ع تي هيمون ڪالاڻي کي 19 سالن جي عمر ۾ سينٽرل جيل سکر ۾ ڦاسي ڏني وئي
لاڳيتو 22 ڏينهن تائين تشدد ڪرڻ بعد هيمون ڪالاڻي کي نيٺ ڪورٽ مارشل ڪيو ويو. هڪ ڀيرو بيان دوران چيائين ته مون ريلوي لائن کي ان لاءِ اکيڙڻ ٿي چاهيو ته جيئن ان ۾ سوار فرنگي ناس ٿي وڃن، پر منهنجي بدقسمتي جو ناڪام ٿيس. آخر سرڪار کيس ڦاسي ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جيڪا شايد هڪ نابالغ ٻار کي ڏنل پهرين موت جي سزا هئي. هيمونءَ جي سزا منظور ٿيڻ کان پوءِ سندس وڪيل پيرزادي عبدالستار سندس مامي کي موڪليو ته هيمونءَ کان معافي نامي تي صحيح وٺي اچي ته کيس معافي ملي ويندي. پر هيمونءَ اهڙي معافيءَ کان نابري واري ڇڏي ۽ چيائين ته مون اهڙو ڪو به ڏوهه ڪو نه ڪيو آهي جنهن تي مون کي پڇتاءَ هجي پوءِ معافي ڇاجي؟ جڏهن سندس ماءُ ساڻس ملڻ آئي ته هن به کيس اها ڳالهه ڪئي ته معافي نامي تي صحيح ڪري ڏي پر هن سورهيه نوجوان ايئن ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
چون ٿا ته هو جيل ۾ خوش رهندو هو، کيس ٻڌايل ڦاسيءَ جي سزا جو ڪو به خوف نه هو. اتي اڪثر چوندو رهندو هو ته هنن فرنگين کي هن ديس مان ڀڄائڻو آهي، جي آزاد ٿيس ته ان کان به وڌيڪ ڪم ڪندس جي نه ته پوءِ هڪ بهادر جو موت مرندس. هيمون ڪالاڻيءَ کي پاڻمرادو معافي نه ڏني وئي، 21 جنوري 1943ع ڌاري هيمون ڪالاڻي پنهنجي عمر جي حساب سان اڃا نابالغ هو جڏهن کيس ڦاسي ڏني وئي. سچ پچ ته هيمون ڪالاڻي اسان سنڌين جي تاريخ جو فخر جوڳو، اُتساهيندڙ ۽ عظيم ڪردار آهي. اهڙي سورهيائي ۽ ثابت قدمي جو مثال شايد دنيا ۾ نه ملي سگهي جو هڪ معصوم ٻار تخته دار تي ڦاهيءَ جي ڦندي کي چمي موت قبول ڪيو هجي. سنڌ جي اهڙن ڪردارن تي فلمون ۽ ڊراما ٺهڻ گهرجن جيئن نوجوانن کي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ سر گهور ڪندڙ نوجوانن کي روشناس ڪرائي سگهجي.