سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاق جي نظر؟

تحرير:جميل چانڊيو

وادي سنڌ هر آيل کي ڀليڪار چيو ۽ ان کي جيءُ ۾ جايون ڏنيون، 1947ع ۾ جڏهن انڊيا ۽ پاڪستان الڳ ٿي آزاديون ماڻيون ۽ انگريز جي غلامي کان آزاد ٿيا ملڪ خداد پاڪستان جي عوام آزادي جي نعمت حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي قرباني ڏني جنهن ۾ خون جا نذرانا ۽ خاص طور تي سنڌ مان هڪ وڏو لڏو جيڪو هن خطي کي معاشي طور تي هٿي ڏيندڙ هو جنهنجو گهڻو ڀاڱو هندو ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ هو جنهن سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي کان ڪشمور تائين پنهنجو سمورو مال ملڪيت ڇڏي آلين اکين سان سنڌ کي خيرآباد ڪري هٿين خالي هليا ويا، هندستان کان آيل هڪ وڏي تعداد جيڪا سنڌ جي ڪيترن ئي ننڍن وڏن شهرن ۾ آباد ٿي ۽ انهن کي هندو ڪميونٽي جي ڇڏيل ملڪيتن ۽ مالن تي قابض ٿي ويا اڄ به سنڌ جي وسيلن تي قبضن جو سلسلو جاري آهي.

ويجهڙ وفاق ملير جي هڪ خوبصورت ۽ پرفضا سامونڊي پٽي جيڪا پورٽ قاسم لڳ آهي جتي ماضي ۾ رشين بيچ جي حوالي سان پاڪستان اسٽيل جي تعمير ۽ تڪميل لاءِ آيل روسين جي ڪٽنبن لاءِ هي بيچ ٺاهيو ويو هو در حقيقت بيچ سان گڏ سنڌ جي لاڙ جي پٽي سان تعلق رکندڙ تقوي سيد گهراڻي سان تعلق رکندڙ سيد حسن شاهه جيڪو هجري سن 665 يا 850 هجري ۾ وفات ڪري ويو جنهن جي تصديق سندس ئي گادي نشين ملير جي سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه ڪئي سندس چواڻي آهي ته ديهه پپري جيڪو پورٽ قاسم ۾ اچي ٿو هي سامونڊي پٽ اسان جي وڏڙن جو جنهن جي نشاني اڄ به رشين بيچ لڳ سندس مزار آهي جنهن جو هر سال ميلو لڳندو آهي، ان ميلي ۾ ڪراچي سميت لاڙ پٽي سان تعلق رکندڙ سندن عقيدتمند اچن ٿا، سيد خدا ڏنو شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته ماضي ۾ ملڪ جي ترقي جي نالي ۾ اسان پنهنجا ديهه پپري ۽ ٻئي هنڌ تي پنهنجا اباڻا پٽ پورٽ قاسم اڏجڻ وقت ڏنا ۽ اسان سان زمين جي عيوض ڪجهه معاهدا به ڪيا ويا جنهن ۾ سڀ کان وڏو معاهدو ڪانگو ڪميشن جيڪا 1973 ۾ جوڙي وئي جيڪا ڪانگو ڪميشن جي نالي سان مشهور آهي، جنهن جا رولز ۽ مول متا ”اپائنمينٽ ٽرانسفر ۽ پروموشن“ ڪميشن اهڙي پاليسي جوڙي انتظاميا حوالي ڪئي ته جيئن پورٽ قاسم اٿارٽي جي متاثرين کي هڪ گريڊ ۽ ٻه گريڊ جون پوسٽون فقط مقامي ماڻهن لاءِ هونديون ۽ بغير ڪنهن اشتهار جي اهي اهل هوندا، ٽين گريڊ کان وٺي 15 گريڊ تائين علائقي ۽ ڊويزن سطح تي هوندا، 15 گريڊ کان مٿي ڪوٽا سسٽم تحت ان لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏئي ڀرتيون ڪيون وينديون، 2004ع ۾ هڪ ٻي پاليسي جوڙي وئي جنهن ۾ 1973 واري قانون تحت سنڌي ۽ بلوچن کي ڀرتي ڪيو ويندو، تازو وفاقي حڪومت پورٽ قاسم لڳ درگاهه شاهه حسن (رشين بيچ) تي وفاقي وزارت بحري معاملن موجب هي جزيرو سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهي ۽ ان تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت سياحتي منصوبو شروع ڪيو ويندو۔

حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت پاران پورٽ قاسم اٿارٽي کي الاٽ ڪيل پندرهن هزار ايڪڙ زمين ۾ هي ٻيٽ شامل ناهي، تنهن ڪري وفاقي حڪومت جو هي منصوبو غيرقانوني آهي۔ ذريعن موجب عمران خان جي حڪومت دوران به سنڌ جي جزيرن تي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، جنهن جي سنڌ حڪومت سخت مخالفت ڪئي هئي۔ رشين بيچ جي ويجهو لڳ ڀڳ چار ڪلوميٽر پکيڙ واري هن ٻيٽ تي سمن دور جي تاريخي درگاهه حسن شاهه موجود آهي، جڏهن ته سرمايه دارن ۽ وفاقي حڪومت جون نظرون هن جزيري تي لڳل آهن۔ ان سلسلي ۾ ڄاڻون ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ديهه پپري جي سامونڊي پٽي وارا جزيرا جيڪي سنڌ سرڪار جا ضرور آهن پر ان تي نظر وفاق جي آهي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت وفاق ڄاڻايل ٻيٽن کي دبئي طرز جيان هڪ نئون شهر اڏڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي جنهنجي خط و ڪتابت سنڌ حڪومت سان آخري مرحلي ۾ ٻڌائي وڃي ٿي، سامونڊي ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ خلاف ڪالهه ملير جا سياسي، سماجي حلقن سرزمين تي وڃي وفاق جي اهڙي عمل خلاف احتجاج ڪيو موجوده سنڌ حڪومت جو فرض ٿو بڻجي ته هو عوام جي خدشن کي دور ڪندي سنڌ جي سامونڊي جزيرن کي تڪراري بنجڻ کان پاسو ڪري.

حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت پاران پورٽ قاسم اٿارٽي کي الاٽ ڪيل پندرهن هزار ايڪڙ زمين ۾ هي ٻيٽ شامل ناهي، تنهن ڪري وفاقي حڪومت جو هي منصوبو غيرقانوني آهي۔ ذريعن موجب عمران خان جي حڪومت دوران به سنڌ جي جزيرن تي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، جنهن جي سنڌ حڪومت سخت مخالفت ڪئي هئي۔ رشين بيچ جي ويجهو لڳ ڀڳ چار ڪلوميٽر پکيڙ واري هن ٻيٽ تي سمن دور جي تاريخي درگاهه حسن شاهه موجود آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.