راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان سندس گهرواريبشريٰ بي بي جي ملاقات ڪرائي وئي آهي. جيل ذريعن موجب، اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اڱاري ڏينهن سندس گهرواري سان ملاقات ڪرائي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي زال مڙس لڳ ڀڳ 45 منٽن تائين گڏ رهيا، جنهن دوران ٻنهي هڪٻئي کان حال احوال ورتا. جيل اختيارين موجب گذريل اڱاري تي به ٻنهي جي ملاقات ڪرائي وئي هئي، جڏهن ته جيل کان ٻاهر ڪنهن به مٽ مائٽ يا سياسي اڳواڻ کي عمران خان يا بشريٰ بي بي سان ملاقات ناهي ڪرائي وئي.