اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي جنرل جنرل (ر) نعيم خالد لوڌي چيو آهي ته جنهن علائقي ۾ دهشتگردي هجي، جيڪڏهن اتان جي ماڻهن تي ئي دهشتگردي سان گڏ هجڻ جا الزام لڳايا وڃن ته دهشتگردي ڪڏهن به ختم نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته مسئلي جي اصل سببن کي بارڪ بيني سان سمجهڻ ۽ صحيح تشخيص ڪرڻ ضروري آهي.هو فواد چوڌري جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيندڙ نيشنل ڊائلاگ ڪانفرنس ۾ خطاب ڪري رهيو هو. جنرل (ر) نعيم خالد لوڌي چيو ته اهڙا فورم انتهائي اهم آهن، ڇو ته اهي سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي اهو احساس ڏيارين ٿا ته ڊائلاگ ڇو ضروري آهي.هن عرب اسپرنگ جو حوالو ڏيندي چيو ته عراق، ليبيا، نائجيريا، شام، يمن ۽ سوڊان جهڙن ملڪن ۾ هڪجهڙو نمونو ڏسڻ ۾ آيو، جتي سماج اندر گروهه پيدا ڪيا ويا، انهن ۾ نفرت وڌائي وئي ۽ ڳالهه ٻولهه جا سڀ در بند ڪيا ويا. نتيجي طور رياست هڪ پاسي ۽ ٻاهريون قوتون ٻئي پاسي اچي ويون، جنهن سان گهرو ويڙهه شروع ٿي ۽ ملڪ تباهه ٿي ويا.جنرل (ر) نعيم خالد لوڌي چيو ته پاڪستان جي حوالي سان به هڪ اهم منفي اسٽيڪ هولڊر موجود آهي، جيڪو پاڪستان جو دشمن آهي. هنن دشمنن کي پاڪستان سان ان ڪري مسئلو آهي جو هي هڪ اسلامي ملڪ آهي ۽ وٽس ايٽمي طاقت موجود آهي. انهن کي خبر آهي ته ايٽمي اثاثن جي حفاظت فوج ڪري ٿي، ان ڪري فوج کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ عوام ۽ فوج وچ ۾ وڇوٽو وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا ڪنهن حد تائين ڪامياب به ٿي، جيتوڻيڪ هاڻي ان ۾ ڪجهه گهٽتائي آئي آهي.هن چيو ته جيڪي اسٽيڪ هولڊر پنهنجي ضد تي قائم آهن، انهن کي سمجهڻ گهرجي ته اهي به ٻاهرين طاقتن جي هٿ ۾ ڪٺ پتلي بڻجي رهيا آهن، جيڪي پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿيون.جنرل (ر) نعيم خالد لوڌي چيو ته ملڪ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سچ ۽ مفاهمت جهڙي عمل جي ضرورت آهي. هن چيو ته سياستدانن، ميڊيا، عدليه ۽ فوج سڀني کان وڏيون غلطيون ٿيون آهن، ۽ سڀني کي تسليم ڪرڻو پوندو ته اسان کان غلطي ٿي آهي. هڪ واضح ليڪ ڇڪي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته هاڻي اهي غلطيون ٻيهر نه ڪيون وينديون.آخر ۾ هن چيو ته ضمانت ڪنهن پرڏيهي ملڪ کان وٺڻ بدران هن ڀيري عوام کان وٺڻ گهرجي. سڀني اهم اسٽيڪ هولڊرز – سياسي پارٽين، عدليه، ميڊيا ۽ فوج – کي عوام آڏو ويهي اهو واعدو ڪرڻ گهرجي ته ملڪ هاڻي صرف آئين ۽ قانون مطابق هلائبو.