سنڌ انڌڪار جا پيرا کڻبا ته پنھنجن اھنجن، ايذائن، سورن، سختين، مصيبتن، مشڪلن، مونجھارن ۽ مسئلن جا ذميوار ۽ ڏوھي رائج سياسي نظام ۽ رياستي جوڙجڪ نظر ايندا ۔ پاڻ سٻاجھا سنڌي ماڻھو صدين کان امن، انصاف، آزادي، آسودگي، سڪون ۽ شانتيءَ جا امين رھندا پيا اچون ۔ پنھنجي زرعي سماج ۾ ڪيتريون ئي خرابيون ھوندي به سٺي زندگيءَ جون ڪيتريون سھولتون موجود ھيون ء اسان پنھنجي زميني اپت، دريائي ذريعن ۽ معدني وسيلن مان پنھنجون بنيادي ضرورتون پوريون ڪندا ھئاسين ۔ سنڌ جا شھر ۽ ڳوٺ آسودا ھئا ۔ سنڌ ۾ ماڻھو ته ڇا پر جانور به بکئي پيٽ نه سمھندا ھئا ۔ ڪو به انسان لنگھڻ نه ڪاٽيندا ھئا ۔ اڪثر سنڌي ماڻھو مالوند ۽ سکيا ستابا ھوندا ھئا ۔ ھر گھر ڍورن ڍڳن ۽ کير ڀت وارو ھو ۔
انگريزن کان اڳ ۾ قبيلائي قھر ۽ وڏيرو راڄ ايترو پختو نه ھو ۔ انگريزن ان کي ادارتي شڪل ڏني ۔ انھن سرداري نظام کي قانوني عدالتي سگهھ بخشي ۔ کين سرداري سندون ڏنيون ۔ کين مقامي ماڻھن کي سيکت ڏيڻ لاءِ سزائون ڏيڻ جا اختيار ڏنا ويا ۔ جاگيرداراڻي نظام جو انت آڻي انگريزن پنھنجن پيروڪارن، واٺن ۽ ايجنٽن کي سر، خانبهادر ۽ صاحب لوڪن وارا لقب ڏئي کين ھارين، نارين ۽ پورهيتن کي ھيسائڻ جا حق ڏنا ۔ امن امان جي بھاني انھن کي اسان جين زندگين کي عذاب بڻائڻ جا اختيار ڏنا ويا ۔
۱۹۴۷ع ۾ ظاھري طور انگريزن جي غلاميءَ جو انت آيو پر پٺيان پنھنجا اھڙا جاءِ نشين ڇڏي ويا جن پنھنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ۔ سندن جوڙيل سياسي نظام ۽ رياستي جوڙجڪ ھتان جي تاريخي قومن کان سندن بنيادي قومي حق ڦري ڇڏيا آھن ۔
دنيا جي آزاد قومن ۽ ملڪن جي جانورن کي به پاڻ سنڌين کان وڏيڪ حق، سھولتون ۽ رعايتون مليل آھن ۔ پاڻ بدترين غلاميءَ واري زندگي گذاري رھيا آھيون ۔ پاڻ پنھنجن آمدنيءَ جي وسيلن تان بي دخل ڪيا ويا آھيون ۔ پنھنجي ڌرتيءَ، درياءَ، گئس، ڪوئلي، تيل ۽ ٻين معدني وسيلن توڙي سڀني قدرتي اپتي ذريعن تي قبضو ڪيو ويو آھي ۔ ھن ھيڏي غلاميءَ مان آجائي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ڇا ڪرڻ گھرجي ؟پاڻ کي مڃڻو پوندو ته دنيا جي سڀني غلام قومن جيان پنھنجن ذھنن ۽ ترقيءَ جي ذريعن تي قبضو سياست وسيلي ڪيو ويو آھي ۔ ان لاءِ ضروري آھي ته پاڻ پنھنجن حقن حاصل ڪرڻ جي سياسي تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ جاکوڙ جا گھربل سڀ ھنر، حرفتون، حڪمتون، مھارتون، ڪاريگريون ۽ طور طريقا پڻ سکون ۽ڪم آڻيون ۔ اھو علم، ادراڪ، فھم، فراست، حڪمت، حرفت ۽ مھارتون حاصل ڪيون جن سان غلام قومن ۽ ملڪن پنھنجا وڃايل حق حاصل ڪيا آھن ۔ پاڻ کي پنھنجا ڦريل سڀ حق واپس وٺڻا آھن ۔ ان لاءِ ضروري آھي ته پاڻ امن، انصاف، آزادي، آجپو ۽ آسودگي ماڻيندڙ ملڪن ۽ ماڻھن جي تاريخ جو اڀياس ڪيون ۔
پنھنجي لاءِ انتھائي ضروري آھي ته پاڻ سياست کان ٽھڻ، لنوائڻ، نٽائڻ، ڊڄڻ ۽ ڀڄڻ بدران روايتي وڏيرڪي ڏوھاري سياست کي ٿڏي نظرياتي سياسي جماعت جو حصو ٿي فڪري ۽ عملي سياسي ڪردار ادا ڪيون ۔ ان لاءِ پاڻ کي مليل آسائشون ۽ سھولتون ڇڏي ڳوٺ ڳوٺ، شھر شھر، وستي، واهڻ ۽ واھڙ وسائڻا پوندا ۔
ڪنھن ڏاھي چڱو چيو آھي ته شھر جاڳندا آھن ته حڪومتون بدلبيون آھن ۔ جڏھن وري ڳوٺ جاڳندا آھن ته نيون جاگرافيون جڙنديون آھن ۔ پاڻ کي سنڌ جي شھرن توڙي ڳوٺن کي جاڳائڻو آھي ۔ شھري ۽ ڳوٺاڻا فرق ختم ڪرڻا آھن ۔ پنھنجي مرضيءَ جي رياستي جوڙجڪ ڪرڻي آھي ۔ اھڙي رياست اڏڻي آھي جيڪا سڀني رھواسين جي ماءَ ھجي ۔ پنھنجو نئون سياسي سرشتو نافذ ڪرڻو آھي ۔ اھڙي حڪومت قائم ڪرڻي آھي جيڪا پاڻ سڀني جي ھجي ۔ اھڙو ملڪي وهنوار ھجي جنھن ۾ ڪو به ماڻھو مظلوم، محڪوم، مجبور ۽ ذھني مريضن نه ھجي ۔ ڪو به انسان ۽ جانور بنيادي حقن ۽ سھولتن کان محروم نه ھجي ۔ ڪو به ماڻھو لاچار، بيوس ۽ ڪنھن جو به ڪاڻانڊو نه ھجي ۔ سڀ ماڻھو آزاد ۽ آسودا ھجن ۔ھا ! ھيءَ سڀ ڪجهه ممڪن آھي ۔ ضرورت صرف پنھنجي اجتماعي جاڳ، گڏيل ھلچل ۽ سگھاري تنظيمڪاريءَ جي آھي ۔ پاڻ کي لوڪ ڏاھپ، سائنسي سوچ، عام فھم، اجتماعي عقل، ۽ ڌرتيءَ جي فڪر سان سياسي واڳون پنھنجن ھٿن ۾ ڪرڻيون آھن ۔ پوءِ سڀ ڪجهه ممڪن ٿي پوندو ۔ اھڙا ڏينھن ۽ راتيون ضرور اينديون جڏھن پاڻ سڀئي امن، انصاف، آزادي، آسودگيءَ، برابريءَ ۽ سڪون واري زندگي گڏجي گذارينداسين ۔ ھا ! اھو سڀ ڪجهه پاڻھرتو بلڪل ڪونه ٿيندو ۔ ان لاءِ گھربل جاکوڙ پاڻ سڀني کي گڏجي ڪرڻي آھي ۔ اچو ته وچن ورجايون ته اھڙي سنڌ اڏڻ لاءِ پاڻ سڀني کي گڏيل جاکوڙ جاري رکڻي آھي ۔