لاهور(بيورو)لاهور هاءِ ڪورٽ پراپرٽي اونرشپ ايڪٽ تحت ڪيل ڪاررواين خلاف درخواستون فل بينچ جي سامهون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس عاليه نيلم پراپرٽي اونرشپ ايڪٽ تحت ڪاررواين جي سماعت دوران سرڪاري وڪيل کان پڇيو ته بغير ڪنهن حڪم جي زباني طور تي قبضا ڪيئن ڏياريا پيا وڃن؟ بغير حڪم جي جيڪڏهن ڪو توهان کي ڪجهه چوي ته ڇا توهان مڃي وٺندا؟ توهان ته چوندا ته پهرين حڪم ڏيکاريو، پوءِ اڳتي ڳالهه ڪنداسين.جسٽس عاليه نيلم سرڪاري وڪيل کان وڌيڪ پڇيو ته سول ڪورٽ پابند هوندي ته ڪيس ٽريبونل ڏانهن موڪلي، ڇا ٽريبونل طرفان زباني حڪم جاري ڪيا ويا؟ لڳ ڀڳ ٻه ۽ اڌ مهينا بعد توهان ٽريبونلز جو نوٽيفڪيشن ڪيو، اڃا تائين توهان جا ٽريبونلز ڪم شروع نه ڪيا، نه عملو آهي ۽ نه ئي ڄاڻ آهي ته ٽريبونلز ڪٿي ويهندا.وڌيڪ، لاهور هاءِ ڪورٽ پراپرٽي اونرشپ ايڪٽ تحت ڪاررواين خلاف درخواستون فل بينچ جي سامهون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.