ڪنهن اداري يا حڪمران جي غلطي اجاگر ڪرڻ اسان جو حق آهي\فضل الرحمان

سکر(رپورٽر)جي يو آءِ ف  جي سربراه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان اسٽيبلشمنٽ ۽ ڪاموراشاهي  کي دشمن نٿا سمجهون، پر ڪنهن به اداري  يا حڪمران جي غلطي کي اجاگر ڪرڻ اسان جو حق آهي.سکر ۾ دستار فضيلت ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي پاڪستان سان وفاداري ۽ دوستي کي تسليم ڪيو وڃي، اسان خوشامدي سياست جا حامي نه آهيون، ۽ هميشه حق ڳالهائينداسين.هن  چيو ته ديني مدرسا قائم۽ جي يو آءِ جي جدوجهد به جاري رهندي،هن چيو ته حڪمران بغير سمجهي آمريڪا جي سوچ اختيار ڪن ٿا، پر انهن کي مغرب جي نه، اسلام جي اصولن تي عمل ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.