هندو برادري کي ڀتي لاءِ پرچيون ملڻ خلاف ڳڙهي خيري ۾ ٻئي ڏينهن به شٽر بند هڙتال

ڳڙھي خيرو (ن ع آ) ڳڙهي خيري ۾ ٻئي ڏينهن به ھندو برادري کي ملندڙ ڌمڪين، ڀتي جي لاءِ ملندڙ پرچين خلاف مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي ۽ ڌرڻو جاري رکيو ويو، ڌرڻي ۾ ايم اين اي مير اعجاز خان جکراڻي،  ايم پي اي ڳڙھي خيرو ميرممتاز خان جکراڻي، ميرمحمد صلاح خان شھلياڻي ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد پهتا، ان موقعي تي ايم اين اي مير اعجازخان جکراڻي ايس ايس جيڪب آباد پاران ڳڙھي خيرو جي ھندو برادري کي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ان موقعي تي ايم اين اي مير اعجاز خان جکراڻي خطاب ڪندي چيو ته ڳڙھي خيرو ۾ امن امان لازمي آھي، مان ايس ايس پي جيڪب آباد ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ھڪ ھفتي جو الٽي ميٽم ڏنو آھي، ڳڙھي خيرو جي ھندو برادري کي ٻئي جاءِ تي لڏ پلاڻ ڪرڻ نه ڏنو ويندو، ڳڙھي خيرو عوام مون کي ووٽ ڏنو آھي، عوام جو تحفظ ڪرڻ اسان جو فرض آھي،  مير محمد صلاح خان شھلياڻي چيو ته جيڪڏهن ڪو به منھنجو ماڻھو ڏوھ ڪري ٿو ته ان کي به گرفتار ڪيو وڃي، ڳڙھي خيرو عوام کي صرف امن امان کپي، ايم پي اي مير ممتاز خان جکراڻي چيو ته ايس ايس پي جيڪب آباد کي گھرجي ته ڳڙھي خيرو ۾ پوليس جي نفري وڌائي وڃي جئين امن امان ٿي سگھي، اسين ڳڙھي خيرو جي عوام جو تحفظ نه ڪندا سين ته ٻيو ڪير ڪندو، ايس ايس پي جيڪب آباد چيو ته ڳڙھي خيرو ۾ امن امان ڪرائڻ اسان جو فرض آھي، ڏوھارين کي ڪنھن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، ڳڙھي خيرو حد ۾ پوليس جو آپريشن جاري آھي، ھندن کي فون تي ڌمڪيون ڏيندڙ ڏوھاري ٻئي ضلعي جا آھن اھي به ڏوھاري جلد گرفتار ٿيندا.

ڀتي جون پرچيون موڪليندڙ سياسي شخصيت جي خبر ناهي

جيڪب آباد (ڊ ر ) جيڪب آباد پي پي ايم اين اي اعجاز حسين جکراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي جي اندر امن امان خاص ڳڙهي خيري تازي صورتحال بابت ضلعي اهم شخصيتن ڪامورن ۽ چونڊيل نمائندن سان گڏجاڻي ڪري غور ڪيو ويو ته ضلعي اندر امن امانڪيئن قائم رکجي انهي بابت هر ماڻهون پنهنجون تجويزون ڏنيون آهن  ۽ هن گڏجاڻي بعد اوهان کي رزلٽ ملڻ شروع ٿي ويندا هن چيو ته ڳڙهي خيري ۾ هندو برادري احتجاجن پنهنجا ڪاروبار بند رکيا آهن جنهن سان اسانکي تڪليف ٿي آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ڪوبه ماڻهون ظاهر نٿو ڪري ته کين ڪنهن ڀتي جي پرچي يا ڪا فون ڪئي آهي جنهن سان انهن ماڻهن ظاهر ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي پئي پر ان باوجود اسان ان عنصرن کي ظاهر ڪنداسين جيڪي ڀتو طلب ڪن ٿا هن چيو ته هندو برادري سنڌ خاص ڪري جيڪب آباد ضلعي جي سونهن آهن ڪنهن صورت اهو برداشت نه ڪيو ويندو جو هنن سان زيادتي ٿئي ۽ لڏ پلاڻ تي مجبور ٿين مان پاڻ ايس ايس پي، ڊي سي ۽ ٺل ۽ جيڪب آباد جو ايم پي ساڻ ڪري ڳڙهي خيري جي هندو برادري وٽ پهچي کين تحفظ جو يقين ڏياري احتجاج ختم ڪرائيندس هن چيو ته جيڪڏهن ڳڙهي خيرو جو ايم پي اي چو ي ٿو ته ڪا سياسي شخصيت ڀتي واريون پرچيون موڪلي ٿو ته ان شخصيت کي ظاهر به هو ڪري سگهي ٿو مون کي ان بابت ڪا ڄاڻ ناهي، هن چيو ته ايس ايس پي سميت ڪوبه آفيسر اسان مقرر ناهيون ڪرائيندا هر آفيسر پنهنجي ميرٽ تي سنڌ سرڪار مقرر ڪندي آهي ها جيڪڏهن ڪو آفيسر عوام لاءِ بهتر ڪم ناهي ڪندو ان بابت سان شور ڪندا آهيون ان آفيسر جي بهتر ڪم نه ڪرڻ جي خبر اوهان صحافين جي ڪيمرا جي اک سان پوندي آهي ان موقعي ايم پي اي ٺل ڊاڪٽر سهراب سرڪي پي پي ضلعي صدر لياقت علي لاشاري ميونسپل ڪميٽي چيئرمين غلام عباس جکراڻي ايس ايس پي محمد ڪليم ملڪ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چئيرمين ظاهر خان کوسو ڊپٽي ڪمشنر نواب سمير لغاري ساڻس گڏ هئا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.