مظفرآباد(عوامي آواز رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مئي 2025 واري جنگ ۾ پاڪ فوج هندستان کي اهڙو سبق سيکاريو، جيڪو هو هميشه ياد رکندو.مظفرآباد ۾ يونيورسٽي آف آزاد ڪشمير ۾ شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن ليپ ٽاپ ڏيڻ رشوت هجي ها ته ڇا اڄ اسان جا نوجوان ڊاڪٽر ۽ انجنيئر بڻجي سگهن ها؟ هن واضح ڪيو ته اڄ تائين هڪ به ليپ ٽاپ سفارش تي نه ڏنو ويو آهي. آزاد ڪشمير ۾ چار دانش اسڪول تعمير ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ جلد هتي دانش يونيورسٽي به قائم ڪئي ويندي. هن چيو ته اهو وقت جلد ايندو جڏهن ڪشمير پاڪستان بڻجندو ۽ والاريل ڪشمير آزاد ٿيندو. اتحاد ۽ يڪجهتي وسيلي ڪشميرين کي سندن حق ڏيارينداسين.